• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻولي ۽ آدمشماري بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ هڪ نئين سيڪشن جو اضافو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستن جي صلاحن کي نظر ۾ رکندي هڪ وڌيڪ سيڪشن ”سنڌي منهنجي ٻولي“ جو اضافو عمل ۾ آندو ويو آهي ۔۔ جتي سنڌي ٻولي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مختلف ليک موڪلجي سگهجن ٿا۔۔۔ ان کان اڳ آيل ٻولي بابت ليکن کي پڻ هن سيڪشن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ۔۔ ان هوندي به جيڪڏهن ڪو مضمون هن سيڪشن ۾ منتقل ڪرڻو هجي ته مهرباني فرمائي آگاهي ڏيندا۔۔۔
ان کان علاوه ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ آدمشماري جي مهم شروع ٿيڻ واري آهي۔۔ ياد رهي ته سنڌ اندر اڳ جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تناسب 70 سيڪڙو کان گهٽجي 51 سيڪڙو وڃي بچيو آهي۔۔۔ جيڪو صاف طور غلط آهي پر انگن اکرن کي سهيندڙن جو خيال تڏهن ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو ته اسان هن مهم جي جاڳرتا سمورين ڌرين تائين پهچايو۔۔۔ هن دفعي اڳ جي مقابلي ۾ ميڊيا پڻ فعال آهي ۔۔ ۽ سنڌ سلامت پڻ پنهنجو ڪردار نڀائڻ گهري ٿي ته جيئن پنهنجي سنڌيت کي وڌيڪ ثابت ڪري وفاق کان وڌيڪ سهڪار وٺي سگهجي۔۔۔
هن سيڪشن کي الڳ ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته دوست پنهنجا آدمشماري جاڳرتا ڏيندڙ موضوع ۽ مختلف سائيٽس ۽ اخبارن جي موضوعن جي چونڊ ڪري انهن مان خاص ۽ مختصر مواد الڳ ڪري هن سيڪشن ۾ موڪلين ته جيئن پنهنجي ٻولي ۽ سنڌيت جي جاڳرتا کي سگهارو بڻائي سگهجي۔۔۔

سنڌي آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي سڏايون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي پنهنجي ٻولي۔۔۔۔۔۔
[FV]191498707540284[/FV]​
 
جواب: ٻولي ۽ آدمشماري بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ هڪ نئين سيڪشن جو اضافو۔۔۔

ادا رشيد هون ته توهان خاموش تماشائي وانگر پيا هر تحرير پڙهندا آهيو ۽ ڪڏهن به ڪنهن اسانجي مضمون تي رهنمائي ڀريا ڪمينٽس نه ڏنا اٿو،ٿي سگهي ٿو پنهنجي تمام گهڻي مصروفيتن جي ڪري توهان کي ٽائيم ان لاء نه ملي سگهيو هجي، پر توهان جون هن فورم کي نيٽ تي وجود ۾ آڻڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جون لاجواب ۽ محنت ڀريون ڪوششسون سارهڻ جي قابل آهن۔توهان هي سنڌي منهنجي ٻولي جي سيڪشن جو اضعافو ڪري هڪ تمام بهتر ڪم ڪيو آهي۔جنهن مان توهان جي دل ۾ سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي لاء جيڪا محبت آهي اها صاف ظاهر ٿي ٿئي۔هميشه خوش رهو۔
 
تمام سٺو ٿيو جو اوهان هن ڪمري جو اضافو ڪري، قريب ۾ ٿيندڙ آدم شماري بابت سنڌ سلامت جو ڪردار نڀائڻ جو ميدان مهيا ڪيو آهي ۔۔۔ سنڌي ٻولي سان گڏ سنڌ جي آدمشماري ۽ گهرن واري ڳڻپ جي جاڳرتا پئدا ڪرڻ لا اسان سڀني کي قلم ۽ عمل ذريعي جاکوڙ ڪرڻي آهي ۔۔۔ اچو ته اسين سڀ هن مهيني ۾ پنهنجا سڀ ڪم هڪ پاسي رکي سنڌين کي آدمشماري ۾ ڳڻائي پنهنجو فرض نڀايون ۔۔۔

اسانکي اميد آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون، جيڪو صدين کان هت رهي ٿو سو پاڻکي سنڌي ڄاڻائي سنڌ جو قرض لاهيندو ۔۔۔

سنڌي لکرايو ۔۔۔ سنڌي سڏايو ۔۔۔ سنڌ بچايو

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
سائين رشيد اوهان جيڪو هي سيڪشن قائم ڪيو آهي هن جي لاءِ هاڻي دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجي طور تيار ڪيل مواد يا صلاح مشورا جيڪي سنڌ جي لاءِ آدم شماريءَ‌جي دوران فائده مند ثابت ٿين هتي ونڊ ڪن، يا وري مختلف اخبارن ۽ جڳهن تي جيڪي قيمتي ڳالهيون هن سلسلي ۾ انهن کي خبر پون اهي هتي ونڊ ڪندا رهن۔۔۔ انشاءَ‌الله هن سيڪشن جي ذريعي سنڌ سلامت هن مهم سان آدم شماريءَ دوران ڪجهه نه ڪجهه خدمت ڪري سگهندي​
 
جواب: ٻولي ۽ آدمشماري بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ هڪ نئين سيڪشن جو اضافو۔۔۔

تمام سٺو ٿيو جو اوهان هن ڪمري جو اضافو ڪري، قريب ۾ ٿيندڙ آدم شماري بابت سنڌ سلامت جو ڪردار نڀائڻ جو ميدان مهيا ڪيو آهي ۔۔۔ سنڌي ٻولي سان گڏ سنڌ جي آدمشماري ۽ گهرن واري ڳڻپ جي جاڳرتا پئدا ڪرڻ لا اسان سڀني کي قلم ۽ عمل ذريعي جاکوڙ ڪرڻي آهي ۔۔۔ اچو ته اسين سڀ هن مهيني ۾ پنهنجا سڀ ڪم هڪ پاسي رکي سنڌين کي آدمشماري ۾ ڳڻائي پنهنجو فرض نڀايون ۔۔۔

اسانکي اميد آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون، جيڪو صدين کان هت رهي ٿو سو پاڻکي سنڌي ڄاڻائي سنڌ جو قرض لاهيندو ۔۔۔

سنڌي لکرايو ۔۔۔ سنڌي سڏايو ۔۔۔ سنڌ بچايو

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

مان سائين سان روپيو جو روپيو متفق آهيان

تمام بهترين اضافو آهي

سدائين گڏ
 
جواب: ٻولي ۽ آدمشماري بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ هڪ نئين سيڪشن جو اضافو۔۔۔

2884g2b.jpg
۔
ادا رشيد هون ته توهان خاموش تماشائي وانگر پيا هر تحرير پڙهندا آهيو ۽ ڪڏهن به ڪنهن اسانجي مضمون تي رهنمائي ڀريا ڪمينٽس نه ڏنا اٿو،ٿي سگهي ٿو پنهنجي تمام گهڻي مصروفيتن جي ڪري توهان کي ٽائيم ان لاء نه ملي سگهيو هجي، پر توهان جون هن فورم کي نيٽ تي وجود ۾ آڻڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جون لاجواب ۽ محنت ڀريون ڪوششسون سارهڻ جي قابل آهن۔توهان هي سنڌي منهنجي ٻولي جي سيڪشن جو اضعافو ڪري هڪ تمام بهتر ڪم ڪيو آهي۔جنهن مان توهان جي دل ۾ سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي لاء جيڪا محبت آهي اها صاف ظاهر ٿي ٿئي۔هميشه خوش رهو۔
ادا توهان جيڪي ڳالهيون لکيون آهن اهي سو سيڪڙو درست آهن، ۽ اهيا به حقيقت آهي ته ڀاء عبدالرشيد سمون صاحب هر تحرير تي نظر رکندو آهي، مگر تحرين تي ڪمينٽس تمام گهٽ ڏيندا آهن، ان جو سبب سندس مصروفيت به ٿئي سگهي ٿي، يا پوء ان ۾ ٻئي ڪا حڪمت رکيل هوندي جيڪا اسان جي سمجهه کان مٿاهين آهي، باقي سنڌ سلامت جي فورم تي سنڌي ٻولي لاء پاڻ پتوڙيندڙ هن شخص (محترم عبدالرشيد سمون صاحب) کي اسان جو ٻنهي هٿن سان سلام آهي۔ باقي جو مون ڏٺو آهي ته اسان جي ڪنهن به دوست کي ڪو ٽيڪنيڪل مسئلو (خاص ڪري نيٽ ۽ ڪمپيوٽر جو ) جڏهن به پيش ايندو آهي ته پاڻ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي به ان دوست جي مدد ۽ رهنمائي ڪندا آهن۔ ۽ اهيا به حقيقت آهي ته سمون صاحب ڪمپيوٽر جا جادوگر آهن ۽ سنگت سندس اهيو نالو جادوگر چونڊي رکيو آهي، ۽ اهيو نالو يا لقب مٿس فٽ ٿو بيهي۔ ادا اسان جي ته دعا آهي ته رب پاڪ اڃان به سندس علم ۾ اضافو ڪري تاڪ پاڻ سنڌ، ۽ سنڌي ٻولي جي وڌ مان وڌ خدمت ڪري سگهن۔ آمين۔
 
جواب: ٻولي ۽ آدمشماري بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ هڪ نئين سيڪشن جو اضافو۔۔۔

ادا رشيد مهرباني

اوهان جون مهربانيون جو سنڌ جي جياپي ۽ بقا واري هن مسئلي تي اوهان تڪڙو جواب ڏيندي الڳ ڪمرو ٺاهيو آهي۔ دوستن کي گذارش ته آدمشماري واري اهم مسئلي تي پنهنجون سرگرميون وڌائي اهم ڪردار ادا ڪن۔
 
جواب: ٻولي ۽ آدمشماري بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ هڪ نئين سيڪشن جو اضافو۔۔۔

اسان وٽ ڪافي اهڙا دوست آهن جيڪي سرائيڪي، گجراتي، ڍاٽڪي، پارڪري، بلوچي، ڪاٺياواڙي، ڪڇي، براهوي وغيره ڳالهائيندا آهن اسان جڏهن اهڙن دوستن کي ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرائڻ جو چيو ته انهن چيو ته ائين ته اسان جون مادري زبانون ختم ٿي وينديون۔ اهڙن دوستن کي عرض آهي ته مهرباني ڪري اهڙو ظلم نه ڪجو، ٻولي سنڌي لکائجو ڇو ته هي قومي مسئلو آهي جڏهن ڪو علائقائي مسئلو سامهون اچي ته پو ڀلي اوهان پنهجي مقامي ٻولي لکائجو
 
جواب: ٻولي ۽ آدمشماري بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ هڪ نئين سيڪشن جو اضافو۔۔۔

ياد رکجو!
هر نڪاح هڪ گهر آهي!
 
دوستن جي صلاحن کي نظر ۾ رکندي هڪ وڌيڪ سيڪشن ”سنڌي منهنجي ٻولي“ جو اضافو عمل ۾ آندو ويو آهي ۔۔ جتي سنڌي ٻولي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مختلف ليک موڪلجي سگهجن ٿا۔۔۔ ان کان اڳ آيل ٻولي بابت ليکن کي پڻ هن سيڪشن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ۔۔ ان هوندي به جيڪڏهن ڪو مضمون هن سيڪشن ۾ منتقل ڪرڻو هجي ته مهرباني فرمائي آگاهي ڏيندا۔۔۔
ان کان علاوه ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ آدمشماري جي مهم شروع ٿيڻ واري آهي۔۔ ياد رهي ته سنڌ اندر اڳ جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تناسب 70 سيڪڙو کان گهٽجي 51 سيڪڙو وڃي بچيو آهي۔۔۔ جيڪو صاف طور غلط آهي پر انگن اکرن کي سهيندڙن جو خيال تڏهن ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو ته اسان هن مهم جي جاڳرتا سمورين ڌرين تائين پهچايو۔۔۔ هن دفعي اڳ جي مقابلي ۾ ميڊيا پڻ فعال آهي ۔۔ ۽ سنڌ سلامت پڻ پنهنجو ڪردار نڀائڻ گهري ٿي ته جيئن پنهنجي سنڌيت کي وڌيڪ ثابت ڪري وفاق کان وڌيڪ سهڪار وٺي سگهجي۔۔۔
هن سيڪشن کي الڳ ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته دوست پنهنجا آدمشماري جاڳرتا ڏيندڙ موضوع ۽ مختلف سائيٽس ۽ اخبارن جي موضوعن جي چونڊ ڪري انهن مان خاص ۽ مختصر مواد الڳ ڪري هن سيڪشن ۾ موڪلين ته جيئن پنهنجي ٻولي ۽ سنڌيت جي جاڳرتا کي سگهارو بڻائي سگهجي۔۔۔

سنڌي آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي سڏايون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي پنهنجي ٻولي۔۔۔۔۔۔
[FV]191498707540284[/FV]​
الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي ســـــنـــڌ ۽ ســـــنـــڌ وارن جي ٻولي......!!!
ساٿ هـلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
 
Back
Top