آدمشماري بابت ڄاڻ

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ نجم الدين ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2011۔

  1. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    آدمشماري بابت ڪجهه ضروري ڄاڻ
    آدمشماري بابت سڀ کان پهرين اسان کي اها خبر هئڻ گهرجي ته هن سڄي مرحلي ۾ اسان جي ڪهڙي ذمه داري آهي اسان کي ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي ؟ ۽ ڳڻپ ڪندڙ جي ڪهڙي ذمه داري آهي ۽ اهو ڪيتري قدر پوري ڪري رهيو آهي؟ڳڻپ ڪندڙ جو ڪم آهي اسان جي ٻڌايل معلومات مطابق لکڻ هر گهر جي در تي وڃڻ،هر گهر تي نبمر لڳائڻ،نالو ڪارڊ نمبر گهر نمبر درست لکڻ، ڪو گهر خالي هجي ته ٻيهر وڃڻ،خالي گهر، ٺهندڙ گهر، ڊٺل گهر ،ٻيهر آباد ٿيڻ جوڳو گهر،سڀن کي ڳڻپ ڪري هرهڪ تي نمبر لڳائڻ.
    اسان جي اها ذمه داري آهي ته ڳڻپ ڪندڙ سان مڪمل تعاون ڪريون هن ڪم ۾ هن جي ڀرپور مدد ڪريون، پنهنجي ڳوٺ ۾ هر گهر تائين هن رسائي ممڪن بڻايون، مشڪلات جي صورت ۾ هن جي واهر ڪريون، ڳوٺاڻن جي ڏنل معلومات جي اسان پاڻ به پڙتال ڪريون ته ٻڌايل معلومات لکجي به ٿي يا نه؟ هر گهر تي باقائده نمبر لڳرايون،هر گهر کي جدا لکرايون، هر شادي شده ، هر شناختي ڪارڊ رکندڙ جو جدا گهر لکرايون، ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرايون پوءِ هو ڪهڙي به ٻولي ڳلهائيندڙهجي.
    ياد رکو اها ڪنهن هڪ جي نه پر اسان سڀني سنڌين جي هڪجيتري ئي ذمه داري آهي اسان هن بابت نه صرف معلومات حاصل ڪريون پر هن سلسلي ۾ ساٿين جا ٻانهن ٻيلي پڻ بڻجون سرڪاري طور مقرر ٿيل ڳڻپ ڪندڙ اسان وٽ 5 اپريل کان ڪم شروع ڪندا اسان انهن سان پورو تعاون ڪريون،ڪوشش ڪجي ته هر ڳوٺ جي هر گهر جي ڳڻپ ٿئي .ڪوبه گهر ڪنهن به قسم جو هجي ڳڻپ کان رهجي نه وڃي، هر شادي شده جو گهر جدا لکيو وڃي، گهر جي سمورن ڀاتين جو تعداد به ضرور لکڻ گهرجي سڀ کان اهم جيڪا ڳالهه آهي سا آهي ٻولي ، هن ڪالم ۾ سنڌي لکرائڻ گهرجي ڪوبه ماڻهو ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجي پر ٻولي سنڌي لکرائي 5 کان 19 اپريل تائين گهر شماري ٿيندي جنهن جو گهر شمار کان رهجي ويو اهو آدمشماري ۾به رهجي ويندو انڪري هي گهر شماري انتهائي اهم آهي گهر ڪچو هجي يا پڪو،جهوپڙي،لانڍي، ٻيڙي، تنبو، ڪٿي به ڪنهن به صورت ۾ رهندڙ ان جي ڳڻپ ڪئي ويندي گهر تي نمبر لڳايو ويندو، گهر ۾ موجود ڪنهن جو به شناختي ڪارڊ هجي سربراه طور لکرائڻ گهرجي 200کا 250 تائين گهرن جو هڪ بلاڪ جوڙيو ويو آهي هر ڳڻپ ڪندڙ کي ٻه يا ٽي بلاڪ مليل هوندا، ٻن چئن ڳڻپ ڪندڙن تي هڪ سپرووائيزر هوندو ، يوسي تي هڪ سرڪل سپرووائيزر هوندو، تعلقي ۽ ضلعي تي پڻ اهلڪار مقرر آهن، جيڪي هن سموري ڪم جي نظرداري ڪندا ڪٿي به ڪنهن به قسم جي ڏکيائي ٿئي عملو تعاون نه ڪري يا ڪو گهر ڳڻپ کا ن رهجي وڃي ته هر ضلعي ۾ قائم مانيٽيرنگ سيل سان رابطو ڪرڻ گهرجي هر ضلعي جو ڊي سي او ان جو سربراهه هوندو.سنڌ جي هر ضلعي جي ڊي سي او جا نبمر ملي سگهيا ته هن ئي اوطاق تي اينداڙ وقت ۾ پيش ڪبا.
    وڌيڪ معلومات ڪنهن به وقت هن نمبر يا اي ميل تان حاصل ڪري سگهو ٿا.
    جاڳو جاڳو هوشيار ٿيو ، پنهنجو نالو شمار ڪيو .
    سٿ سلهاڙي سنبري پئو، ڌرتي ڌڻي نروار ڪيو.


    اوهان جو خادم
    نجم الدين ڪنڀر
    فون؛03013282565
    Email: najmuudin_mps@yahoo.com
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: آدمشماري بابت ڄاڻ

    ادا نجم الدين۔اسلام عليڪم۔ تو هان مٿيون احتياطي تدبيرون جيڪي آدمشماري جي اندراج جي ٽائيم تي ماڻهون مسئلا فيس ڪري سگهن پيا ٻڌائي هڪ تعريف جي قابل عمل ڪيو آهي۔الله پاڪ ان جو اجر توهان کي ڏيندو۔ان قسم جي معلو مات اڄ ڪله تمام گهڻي ضروري آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو