سيوا ڪر سمنڊ جي دل جي حفاظت هڪ رُخ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ؛
    سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛
    جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.

    سُر سريراڳ داستان ٻيون بيت نمبر ٽيون​

    هي شعر شاھ صاحب جي مذڪوره سُر ۾ ٽين نمبر تي آهي جنهن جي پهرين داستان ۾ شاھ صاحب جن محبوب جي ياد ان بنياد تي رکڻ جو چيو آهي ته من هو ڪنهن وقت تنهنجي خبر يا سار لهي . هن سُر جو ٻيو داستان جنهن جي شروعات هن شعر کان ٿي ٿئي

    جيڪي منجھ جهان سو تاري تڳي تنهنجي
    لطف جي لطيف چئي تو وٽ ڪمي آهي ڪان
    عدل ڇٽان آءُ نه ، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو ​

    جنهن کان پوءِ شاھ صاحب جو اهو شعر جيڪو اسانجي ننڍي توڙي وڏي کي ياد هوندو آهي
    ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو
    ان جي عبد الطيف چئي مٽي لڌو مان
    ڪوڙين ڪن سلام ، آڳه اچيو انجي

    هن داستان جو تشريح لاءِ پيش ٿيل اهو ٽيون شعر آهي جنهن ۾ شاھ صاحب سالڪ کي صلاح ٿو ڏئي ته

    سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ؛
    هن بيت ۾ صلاح جو مرڪزي نقطو سمنڊ آهي جيڪو اصطلاحي معنيٰ ۾ عاشقن ۽ سالڪن استعمال ڪيو آهي ۽ ان لفظ کي گهڻي ڀاڱي دل جي گهري، اونهي ڪيفيت لاءِِ استعمال ڪيو آهي . ڇو جو جيڪا شي علم ۾ ناهي ان جو مثال ڏئي سمجهائڻ مجبوري آهي جنهن جي حقيقت هي آهي ته دل ته سمنڊ کان گهڻو گهرو آهي پر اسان ته هن جي گهرائي کي ڏٺو ئي ڪونهي سو اسان کي ڪهڙي خبر ته هي انسان جو دل جنهن جي فزيڪ هڪ مٺ جي برابر آهي پر هن جي گهرائي ۾ چوڏهن طبقن جو ذڪر عاشق يا دل جا محرم ڏين ٿا سو ڪيئن۔ بحرحال موضوع ته وڏو آهي اڳتي وڌجي ٿو ته انه سٽ ۾ ٻيو نڪتو آهي سيوا جو، جنهن جون پڻ ڪئي معناعون آهن سيوا جي معنيٰ سنڀالڻ ، پوڄڻ ، وغيره عام آهن
    هاڻي جي لفظ سمنڊ هتي دل لاءِ استعمال ڪجي ته ان مان مراد تون دل جي سيوا ڪر يعني سنڀال جنهن شي جي سنڀال ڪرڻي آهي ان جي حدود و اربع جي ته خبر ناهي پر سالڪن توڙي عاشقن يا حديثِ ۾ آيو آهي ته الله پوري دنيا ۾ سمائجي نه ٿو سگهي فقط مومن جو دل عرش به اهي ته مومن جو دل بيت الله به آهي ، انسان جو دل هڪ ايڏو وسيع و عريض آهي جنهن ۾ ٻنهي جهانن جو خالق سمائجي ويندو آهي هي ظاهر ۾ ته هڪ گوشت جو لوٿڙو آهي۔ سالڪن جي مطابق هي دل جي ڪيفيت آهي ، هاڻي هن ڪيفيت جي سيوا ڪرڻي آهي هن ڪيفيت ۾ هيرا موتي لال آهن جنهن جي هر ڇولي ۾ عجيب اسرار آهن جي انهن تي انسان جو ضابطو اچي وڃي ته هي قائنات انسان جي تابع جنهن سج کي انسان پهچي ناهي سگهيو اهو سج هن انسان جي تابع ڏٺو ويو آهي . جي حضرت بلال آذان نه ٿو ڏئي ته هي سج ٻاهر نه ٿو اچي .
    ان لاءِ هي حديث ثبوت آهي ته جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو .سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛
    دل ۾ هزارين خيال هڪ ئي وقت مئجزن رهن ٿا ، جنهن جي هڪ هڪ ڇولي ۾ اڻلڀ شيون اچن ٿيون جي زري پرزي تنهنجي هٿ لڳي وئي ته تون ڍاپجي ويندين
    هي جيڪو دنيا ۾ اڄ تبديلي جو منظر آهي جنهن کي سائنس جي ترقي چيو وڃي ٿو تنهن سڄي ترقي جو دارو مدار انسان جي نفس تي آهي ۽ سائنس چوي ٿي ته اسان اڃا انساني نفس جو پنهنجون حصو به ڊسڪوَر ناهي ڪيو ته هي عالم آهي . پر جن پنهنجي ذات کي ڊسڪور ڪيو آهي ان ڳايان سج ڪتيون تارا ڪتب سڀ سلامي آهن.
    جي هن کان پوءِ ايندڙ اشعار پڙهنداسين ته حقيقت اڃا واضع ٿي ويندي .
    هي جا اسان هڪ جُهت ڪئي آهي سا شاھ صاحب جي شعر جو صرف هڪ رُخ آهي جڏهن ته سالڪن جي ڳالھ جا ستر يعني بيشمار رخ هوندا آهن الله اسان سڀني کي دُرويشن جي ٻولي سمجهڻ جي توفيق ڏئي .
    آمين وسلام
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيوا ڪر سمنڊ جي دل جي حفاظت هڪ رُخ

    مهرباني سائين ڏاڏل

    اوهان لطيف جي سهڻي چونڊ کڻي آيا آهيو۔ ڪجھ وقت اڳ مان هڪ شيئرنگ ڪئي هئي جيڪا هت موقعي جي مناسبت سان پيش ڪجي ٿي۔

    [​IMG]
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سيوا ڪر سمنڊ جي دل جي حفاظت هڪ رُخ

    سائين جزاڪ الله بهترين مادي تشبيه آهي جا اوهان شاھ صاحب جي شعر تي ڊزائين ڪئي آهي پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
    وسلام
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سيوا ڪر سمنڊ جي دل جي حفاظت هڪ رُخ

    جزاڪ الله ادا
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سيوا ڪر سمنڊ جي دل جي حفاظت هڪ رُخ

    سائين تمام پيارو ء لاجواب ونڊ آهي .
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سيوا ڪر سمنڊ جي دل جي حفاظت هڪ رُخ

    سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سيوا ڪر سمنڊ جي دل جي حفاظت هڪ رُخ

    انسان جو دل هڪ ايڏو وسيع و عريض آهي جنهن ۾ ٻنهي جهانن جو خالق سمائجي ويندو آهي هي ظاهر ۾ ته هڪ گوشت جو لوٿڙو آهي۔ سالڪن جي مطابق هي دل جي ڪيفيت آهي ، هاڻي هن ڪيفيت جي سيوا ڪرڻي آهي هن ڪيفيت ۾ هيرا موتي لال آهن جنهن جي هر ڇولي ۾ عجيب اسرار آهن جي انهن تي انسان جو ضابطو اچي وڃي ته هي قائنات انسان جي تابع جنهن سج کي انسان پهچي ناهي سگهيو اهو سج هن انسان جي تابع ڏٺو ويو آهي . جي حضرت بلال آذان نه ٿو ڏئي ته هي سج ٻاهر نه ٿو اچي .


    ادا تمام سٺوبهترين نموني سمجهاڻي ڏني اٿو،

    انسان جي دل الله جو گهر آهي، ان ڪري ئي چيو وڃي ٿو ته انسان جي دل نه ڏکائجي، ادا تمام سٺي ڪوشش آهي۔ دير سان اچڻ جي لاء سوري ما پاڻ ڳوٺ ويل هيس رات آهي آهين

    انشاالله جلد ٻئي موضوع جي شروعات ڪبي

    دعائن ۾ ياد
     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سيوا ڪر سمنڊ جي دل جي حفاظت هڪ رُخ

    سائين مهرباني جو اوهان کي ياد آهيون لک لائق سائين
    وسلام
     
  9. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سيوا ڪر سمنڊ جي دل جي حفاظت هڪ رُخ

    بهترين سائين۔۔۔۔۔
     
  10. رفيق

    رفيق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 اپريل 2011
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سيوا ڪر سمنڊ جي دل جي حفاظت هڪ رُخ

    ادا لطيف سائين جو هي تمام بهترين ۽ دل کي موهيندڙ بيت آهي ۽ جنهن ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي اها به تمام سٺي آهي
    مطلب ته ان جي جيڪا به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔
    طالبِ دعا،
    رفيق ۔
     
  11. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سيوا ڪر سمنڊ جي دل جي حفاظت هڪ رُخ

    سائين بلڪل اوهان سچ فرمايو ان لاءِ اسان اهو لکيو هو ته هڪ رخ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو