مان آهيان رحيم بخش ڏاهري

'تعارف' فورم ۾ رحيم بخش طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2009۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين منهنجا منهنجو نالو رحيم بخش ڏاهري
    مان هن وقت گورنمينٽ برانچ هائي اسڪول مورو ۾ استاد آهيان منهنجي دلچسپي آهي اسلامي لٽريچر مطالع ڪرڻ ڪجهه وقت ڪمپيوٽر تي وندر ڪندو آهيان شام جو مدرسي ۾ عربي فارسي تعليم به ڏيندو آهيان ڪافي عرصي کان اوهان جهڙن دوستن جي تلاش هئي ڇو ته اسان کي ڪوبه ماڻهو لفٽ ڪرائڻ لاء تيار نه هوندو آهي جيڪڏهن ڪنهن کان ڪجهه پڇڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون چوندو آهي ته سائين اها ڳالهه توهان جي سمجهه کان مٿي آهي بهرحال سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامل سڀني دوستن تمام همت افزائي ڏياري ۽ اهو حوصلو ٿيو ته ڪجهه اسان جهڙا اٻوجهه به اوهان جهڙن جي ساٿ ۾ رهي ڪري ڪافي ڪجهه سکي سگهن ٿا مان خصوصي سائين عبدالرشيد سمون صاحب سائين نثار ابڙو صاحب ۽ سائين ابوواصف ۽ سائين ابو زين صاحب جن جو نهايت احسانمند آهيان جن هڪ سنڌي جي ناتي سان مون کي نظر انداز نه ڪيو بلڪ حوصله افزائي ڪئي ۽ هر طرح تعاون جو يقين ڏياريو شال الله تعالي سنڌ سلامت جي سڄي ساٿ کي سلامت رکي شال کين ڪوسو واء نه لڳي مون وٽ ڪمپيوٽر جي ايتري ڄاڻ نه آهي انشآء الله اوهان جو ساٿ رهيو ته ڪافي ڪجهه سکي ويندس.منهنجو ڪانٽيڪٽ نمبر آهي 03003040725 ۽ منهنجي اي ميل ايڊريس آهي
    molvirahimbux@yahoo.com
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا رحيم بخش ڏاهري شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان۔ السلام عليڪم
    ڀلي ڪري آيا، توهان کي سنڌ سلامت جي ا'ڱڻ تان محبتون پيار ۽ قرب مليا، شڪر الحمدالله ۔ اڳيان اڳيان ڏسندا وڃجو توهان ، سنڌ سلامت ئي سنڌين جو واحد فورم آهي جتي هرڪو دوست اُملهه ماڻڪ آهي۔ هر ڪو دوست پنهنجا بي لوث پيار ورهائڻ ڄاڻي ٿو۔ ادا رحيم بخش توهان اُستاد آهيو، مطلب ته اسان جي سنڌي قوم جي مستقبل جا معمار آهيو۔ ان کان علاوه اهو ڄاڻي به خوشي حاصل ٿي ته توهان عربي ۽ فارسي به ڄاڻو ٿا۔ مان پنهنجي دل جي گهرائين سان هڪ ڀيرو وري پنهنجي سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين سان گڏ توهان کي ويلڪم ٿو چوان ۽ ڀليڪار ٿو چوان۔ مهرباني
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا رحيم بخش هن محبتن ڀريي فورم تي توهان کي هي ناچيز ڀليڪار ٿو چئي.
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا ڏاهري صاحب؛
    السلام عليڪم و رحمته الله؛
    مهرباني، جو اوهان هن اڱڻ تي لڙي آيا، اميد آهي ته اسانجا سڀ دوست اوهانکي محبتون ڏيندا ۽ ڪجه ڏيڻ ۽ ڪجه وٺڻ جي بنياد تي علمي ۽ ادبي ڪچهريون ٿينديون رهنديون ... هن ميدان تي اسان سڀني دوستن جي ڪوشش هوندي آهي ته سنڌي زبان، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ مطلق سموري معلومات هڪ ٻئي تائين پهچايون ... ته جيئن هن نئين دور ۾ اسانجي مادري ٻولي پڻ پنهنجي تمام رنگينن سان سنڌي سڄڻن تائين پهچندي رهي ...

    دوست! جت غلط هجي ته غلط چوندا ۽ جت صحيح هجي ته صحيح چوندا ته جيئن سکڻ ۽ سيکارڻ جو سلسلو جاري رهي ... پنهنجو مواد اهڙو هجي جنهن ۾ تحقيق هجي ۽ سند يافته هجي ته جيئن علمي ڄاڻ جو ونڊ ٿيندو رهي ...

    اوهان جهڙا دوست جي علمي ۽ تعليمي شعبن سان وابسته آهن سي ته انتهائي ڪارائتو ڪم ڪري سگهن ٿا ... اميدن تي جهان قائم آهي ....

    الله اوهانکي سدائين سرهو رکي ...

    ڪنول پاڙونءَ پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس
    ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
    تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا

    ڀٽائي


    [​IMG]
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا ڏاهري صاحبالسلام عليڪم و رحمته الله​




    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    sindhsalamatsaathsal
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين نثار صاحب جن جو مان ٿورائتو آهيان جو پاڻ وقت ڪڍي منهنجي همت افزائي فرمايائون سائين فقير سائين جن جا به احسان وسارڻ جوڳا نه آهن ليڪن فقير سائين ٿورو هٿ سوڙهو ڪيو آهي جو گلن جا هيترا باغ سندن سير جو سامان آهن ان هوندي به ڪا خوشبو تحفه ۾ نه ڏني اٿس بهرحال اها به سندن عنايت جو ياد ته فرمايائون سڄي ساٿ کي الله سلامت رکي۔
    امين ۔

    دعائن ۾ نه وساريندا۔
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    وعليڪم السلام محترم رحيم بخش صاحب۔۔۔۔
    اسان توهان کي سنڌ جي هن اوطاق تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔ هڪ استاد جو مرتبو والدين جي برابر هوندو آهي۔۔ توهان کان اسان کي ڪافي ڪجهه شيون سکڻ لاءِ ملندو۔۔ مهرباني۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو