• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

کلڻ‌ تي ٽيڪس ناهي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هڪ سِک سردار کي پنهنجي ڌيءَ چيو۔۔۔ ”بابا ! سڀاڻي اسان جي گهر مان هڪ ڀاتي گهٽ ٿي ويندو۔۔“
ٻئي ڏينهن اها ڇوڪري پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪري وئي۔۔۔۔۔
سِک ڏاڙهي کنهيندي چيو: ”ڇوڪريءَ‌ ڪم ته صحيح ناهي ڪيو پر يار باقي هئي وڏي نجومڻ۔۔۔۔“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سِک سردار هوٽل واري کي چيو: ”جلدي هڪ گلاس جوس جو کڻي اچ، لڙائي ٿيڻ واري آهي“
هوٽل وارو جوس کڻي آيو۔۔۔
وري ٿوري دير کان پوءِ سِک سردار چيو: ”جلدي هڪ ٻيو گلاس جوس جو کڻي اچ، لڙائي ٿيڻ واري آهي“
هوٽل وارو جوس کڻي آيو ۽ پڇيائينس۔۔ ”پر جهيڙو ڪيڏي مهل ٿيندو؟“
سِک سردار چيو: ”جيڏي مهل تون پئسا گهرندين۔۔۔۔“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

هڪ سِک : ”مون پنهنجي گهر واريءَ‌کي ميٽرڪ پڙهائي، انٽر ڪرائي مانس، بيچلر ڪرائي مانس، وري ماسٽرس پڙهائي ان کي نوڪريءَ‌ به وٺرائي ڏني، اڃان سندس لاءِ‌ ٻيو ڇا ڪريان۔۔“
ٻيو سِک: ”هاڻي ڪو سٺو ڇوڪرو ڏسي سندس شادي ڪرائي ڇڏ۔۔۔۔۔“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

هڪ سِک: ”ڪلهه مون کي ڏهه ڄڻن گڏجي مارڪٽ ڪئي“
ٻيو سِک: ”پوءِ تون انهن کي ڪجهه ڪونه ڪيو،“
پهريون سِک: ”مون سڀني کي چيو جيڪڏهن بهادر آهيو ته هڪ هڪ ٿي سامهون اچو“
ٻيون سِک: ”پوءِ؟؟؟؟؟؟“
پهريون سِک: ”پوءِ‌ وري ڇا۔۔۔ وري ڏهن ئي ڄڻن هڪ هڪ ٿي ڪري وري مون کي ڪُٽيو“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: کلڻ‌ تي ٽيڪس ناهي

هڪ سِک سردار کي پنهنجي ڌيءَ چيو۔۔۔ ”بابا ! سڀاڻي اسان جي گهر مان هڪ ڀاتي گهٽ ٿي ويندو۔۔“
ٻئي ڏينهن اها ڇوڪري پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪري وئي۔۔۔۔۔
سِک ڏاڙهي کنهيندي چيو: ”ڇوڪريءَ‌ ڪم ته صحيح ناهي ڪيو پر يار باقي هئي وڏي نجومڻ۔۔۔۔“

ههههههههههههههههههههههههه۔۔واھ واھ
 
جواب: کلڻ‌ تي ٽيڪس ناهي

هاهاهاها بهترين آهي...........
ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي کلڻ تي به ٽيڪس لڳي پوي.... ڪٿي زرداري صاحب هي ٿريڊ ڏسي ورتو ته دير ئي نه ڪندو.............
24.gif
 
جواب: کلڻ‌ تي ٽيڪس ناهي

زبردست ۔۔۔۔ واه مطلب سکن لا اهو سهي آهي ته هڪ سک دماغ جي بيماري ۾ مئو ته مائٽن مٺائي ورهائي، ماڻهن پڇيو ته همراهه مري ويو آهي ۽ اوهان مٺائي ٿا ورهايو؟ ائين ڇو؟

سکن جواب ڏنو ته دماغ جي بيماري ۾ مئو آهي ۔۔۔۔۔ سک ۽ دماغ جي بيماري مٺائي ته ورهائڻي پوندي۔
 
Back
Top