• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻيڙين ۽ ٻيٽن ۾ رهندڙ ملاح ۽ لاڏائو قبيلا رهجڻ جو خدشو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هڪ اهم ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه جيڪا ڪاوش 31 مارچ ۾ ڇپجي آهي، دوستن کي گذارش آهي ته ان تي ڌيان ڏين۔۔۔​

گهر شماري:
ٻيڙين ۽ ٻيٽن ۾ رهندڙ ملاح ۽ لاڏائو قبيلا رهجڻ جو خدشو​
حيدرآباد (رپورٽ:منير راڄڙ) سنڌ ۾ 5 اپريل کان شروع ٿيندڙ گهر شماري ۾ سنڌ جي لاڏائو قبيلن ۽ ٻيڙين توڙي ٻيٽن ۾ رهندڙ ملاحن جي گهر شماري نه ٿيڻ جو چٽو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ ڪاوش پاران حاصل ڪيل ڄاڻ موجب وفاق سينسز ڪميشن پاران 13 سالن بعد ملڪ ۾ 5 اپريل کان شروع ٿيندڙ گهر ۽ آدمشماري بابت جاري ڪيل فهرست جي هدايت نامي توڙي عملي کي ڏنل تربيت ۾ ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ رهندڙ لکين لاڏائو قبيلن توڙي ملاحن جي ڳڻپ بابت ڪي به واضح هدايتون نه ڏنيون ويون آهن، جنهن ڪري ماضي وانگر هن ڀيري به اهي گروپ ڳڻپ کان رهجي ويندا، ان حوالي سان گهر شماري ۽ آدمشماري ڪندڙ عملي کي جاري ڪيل ڪتاب ۾ گهر شماري ۽ آدمشماري بابت هڪ فارم ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ عملي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ڪو خيمو، جهوپڙي، چونئرو، جهڳي يا غار هجي، جتي ماڻهو رهن ٿا ان کي به گهر شماري ۾ شامل ڪيو وڃي پر ٻيڙين توڙي سنڌ جي ٻيٽن ۾ رهندڙ ملاحن توڙي لاڏائو قبيلن، جن جي ڪنهن به هڪ هنڌ تي مستقل رهائش نه هجي، بابت ڪا به واضح هدايت نه ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب هڪ اندازي موجب سنڌ اندر 30 لک کان وڌيڪ لاڏائو قبيلا رهن ٿا، جيڪي جوهي، ڪاڇي، ڪوهستان، ٿرپارڪر توڙي ٻين ضلعن ۾ آباد آهن، اهي قبيلا پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ روزي جي تلاش ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن منتقل ٿيندا رهن ٿا، جڏهن ته منڇر، ڪينجهر، توڙي سنڌ جي ٻين مٺي پاڻي جي ڍنڍن توڙي سمنڊ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ملاحن جا ڪٽنب، جڏهن ته ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، ڪراچي، چوٽياريون جي ٻيٽن تي هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا، جن جي گهر توڙي آدمشماري نه ٿيڻ جو چٽو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، ان حوالي سان فشر فوڪ فورم جي سربراهه محمد علي شاهه رابطو ڪرڻ تي ڪاوش کي ٻڌايو ته ماضي ۾ ٿيل آدمشمارين ۾ ٻيڙين توڙي ٻيٽن ۾ رهندڙ ملاحن جي ڳڻپ نه ٿي سگهي آهي، هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته اها ٻيڙين ۽ ٻيٽن ۾ رهندڙ ملاحن جي ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ ڌار ڌار ٽيمون جوڙي، اسين انهن ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين.

manchar_lake.jpg
 
جواب: ٻيڙين ۽ ٻيٽن ۾ رهندڙ ملاح ۽ لاڏائو قبيلا رهجڻ جو خدشو

بلڪل ادا حڪومت کي گهرجي ته اها ٻيڙين ۽ ٻيٽن ۾ رهندڙ ملاحن جي ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ ڌار ڌار ٽيمون جوڙي۔
 
Back
Top