سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي ۽ قومي حقِ خود ارا ديت (پهرين اپريل جي حوالي سان)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالڪريم چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2011۔

  1. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي ۽ قومي حقِ خود ارا ديت
    تحرير : عبد الخا لق جوڻيجو

    [JUSTIFY]سنڌ کي آخري دفعو انگريزن 1843ع ۾ فتح ڪيو، پهرين انھن سنڌ جي ملڪي حيثيت ختم ڪري ان کي هندوستا ن جو حصو /صوبو بڻا يو ۽ پوءِ 1847ع ۾ ان جي صوبا ئي حيثيت به ختم ڪئي ۽ بمبئيءَ سا ن ملائي ڇڏ يو . اهڙيءَ طرح لنڊ ن کان آيل ،ڪلڪتي ۾ ويهي بمبئي ( ممبئي) جي معرفت سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ لڳو .( ياد رهي ته پهرين انگريزن جي گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتو (ڪولڪتو) هئو جيڪو پوءِ 1911ع ۾ دهلي منتقل ڪيو ويو ) .

    سنڌ تاريخ ۾ بار بار حملن جو شڪار ٿيندي ۽ غلا م ٿيندي رهي آهي . انهن مان اڪثر حملا يا ته د هليءَ کا ن يا قنڌار کا ن ٿيا آهن .سنڌ ي غلا م ضرور ٿيا آهن ، پر انهن ڪڏهن به غلاميءَ کي قبول ناهي ڪيو، انهن هميشه غلاميءَ جي خلا ف ۽ پنهنجي وڃا يل آزا د ۽ خومختيا ر حيثيت جي بحا ليءَ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي .

    انگريزن جي معاملي ۾ به ڪجه سالن جي ساهيءَ کان پوءِ ويهين صديءَ ۾ سنڌين پنهنجي جداگانه تشخص جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ، پهرئين مرحلي ۾ اها جدوجهد سنڌ جي صوبائي حيثيت جي بحاليءَ لاءِ هئي ، آهستي آهستي اها جدوجهد زور وٺندي ويئي ۽ پکڙبي ويئي ۽ مختلف مرحلن مان گذ رندي آخرڪار ڪامياب ٿي ، جڏهن 1935ع واري ائڪٽ هيٺ آندل آئيني سڌارن ۾ انگريزن جي حڪومت سنڌ جي صوبائي حيثيت کي تسليم ڪيو ۽ پوءِ پهرين اپريل ، 1936ع تي سنڌ جو صوبو بحا ل ٿيو ، جڏهن ته انهيءَ ئي ا ئڪٽ تحت ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ 1937ع ۾ سنڌ جي اسمبلي وجود م آئي .

    ان کان پوءِ سنڌ جي اڳوا ڻن اسيمبلين ( صوبائي توڻي مرڪزي ) اند ر ۽ ٻاهر خود مختياريءَ جي اڳلي مرحلي لاءِ جدوجهد جاري رکي . ان جدوجهد جي شڪلي صورت جو اظها ر 1940ع ۾ ٿيو، جڏ هن مسلم ليگ جي طرفان قرارِداد لاهور منظور ڪئي ويئي ، ان قرار داد ۾ هڪ اهڙي آئيني خاڪي جو منصوبو پيش ڪيو ويو، جنهن مطابق هندوستان ۾ مسلم اڪثريت وارن علائقن (جن ۾ ظاهر آهي ته سنڌ به شامل هئي ) تي مشتمل آزا د رياستون قائم ٿيڻيون هيون جن ۾ انهن رياستن ٺاهيندڙ اڪايون خود مختيا ر ۽ آزاد هونديون .23 مارچ 1940ع تي پاس ڪيل ان قرارداد ۾ سنڌ لاءِ متعين ڪيل، خود مختا ر۽ آزاد ايڪائيءَ واري حيثيت يقيني طور 1935ع واري ائڪٽ تحت مليل صوبا ئي حيثيت کان گهڻو اڳتي وڌيل هئي ، ۽ ان آزاد (sovereign) ۽ خود مختيار(Autonomous) حيثيت جي بنياد تي ئي سنڌ اسمبليءَ 3 مارچ1940ع تي ئي قرارداد پاس ڪئي .
    انگريزي لفظ sovereign جي لفظي معنيٰ آهي “ مڪمل اقتدار ِاعليٰ جو مالڪ ”، اها هستي جنهن جو هر فيصلو حتمي هوند و ، ۽ sovereignty جي سياسي مفهوم جي وضاحت انهن شرطن ۾ ڪئي ويئي جيڪي 12 مئي ، 1946ع تي مسلم ليگ طرفان هندوستان ۾ آئيني معاملن جي حل لاءِ پيش ڪيا ويا .انهن ۾ چيو ويو ته “ ڪنهن به صوبي کي اهو اختيا ر هوندو ته اهو واسطيدا رگروپ کان علحده ٿي وڃي ، ان لاءِ ضروري هوندو ته ان صوبي جي عوام جي راءِ معلوم ڪرڻ خاطر، ته اهي جدا ٿيڻ چاهين ٿا يا نه ؟ هڪ ريفرينڊم ڪرا يو ويندو”.

    ان پسمنظر ۾ انهن بنيادن تي ننڍي کنڊ ۾ هڪ نئون ملڪ پا ڪستان قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ هزارين سا ل قديم ملڪ سنڌ به شامل هئو. ان صورتحا ل جي تشريح ائين ڪري سگهجي ٿي ته سنڌ پنهنجي SOVEREINGTY يعني اقتدار ِ اعليٰ ٻين قومن بنگالين ، پنجاپين، پٺاڻن ۽ بلوچن سان SHARE ڪئي (ملائي) ته جينئن اهي سڀئي گڏجي هڪ ٻئي جي مد د ۽ تعاون سان ۽ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان فائدو وٺندي ترقيءَ جي ميدان ۾ دنيا جي ٻين ملڪن ۽ قومن سان مقابلو بهتر نموني ڪري سگهن .

    جنهن وقت پاڪستان ٺهيو ان وقت عالمي پسمنظر اِهو هئو ته ٻي عالمگير جنگ جي نتيجي ۾ برطانيه عالمي سامراجي طاقت واري حيثيت وڃائي رهيو هئو ۽ ان جاءِ تي امريڪا دنيا جي سڀ کان وڏي سامراجي قوت طور اڀري رهيو هئو جڏهن ته ٻئي طرف سوويت يونين، امريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ مغربي سرمائيدار ملڪن جي سامراجي ۽ استحصالي گروپ جي بالا دستيءَ کي چئلينج ڪندڙ سوشلسٽ طاقت طور سامهون اچي رهيو هئو. سوويت يونين ۽ ڪميونيزم جي صورت ۾ ، سرمائيداري ۽ سامراجيت لاءِ وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ هن خطي ۾ ۽ سڄي دنيا ۾ پنهنجي مفادن جي حفاظت خاطر ڊهندڙ سامراجي طاقت (برطانيه) ۽ اڀرندڙ سامراجي قوت (امريڪا) ضرورت محسوس ڪئي ته دفائي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان ( strategically) اهم هن خطي ۾ سندن حامي ۽ وفادار ملڪ هجڻ کپي . ان ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ انهن هڪ حقيقي معنيٰ ۾ آزاد ۽ خود مختيارمملڪت جي بجاءِ پاڪستان جي صورت ۾ هڪ طفيلي (client) ريا ست قائم ڪرائي ، اهڙيءَ طرح نئين قائم ڪرايل پاڪستان جي رياست نيم خود مختيار ۽ نيم محتاج (dependent) هئي، خاص ڪري خارجه پاليسي ۽ عالمي معاملن ۾ ان کي هدايتون امريڪا ۽ برطانيه کان ملنديون هيون ،۽ انهن عالمي طاقتن جي پاليسين ۽ حڪمت عملين جو محور ڪميونزم جي ڦهلا وَ کي روڪڻ هئو، جنهن ۾ سندن مڪمل ۽ ڀرپور پوئواري، وري پاڪستان جي پاليسين جو محور بڻيو، پر جيئن اسان ڄاڻون ٿا ته ڪوبه ماڻهو/گروه ٻئي جي ما تحتي قبول ڪندو آهي ته ان ۾ رڳو هڪ ڌر جو مفاد نه هوندو آهي ، گهٽ يا وڌ ، پر ان ساجهيداريءَ ۾ ٻنهيءَ جو فائدو هوندو آهي.سو هتي به امريڪا،برطانيه ۽ پاڪستان جي ساجهيداريءَ جا بنياد اهي هئا ته عالمي معاملن ۾ پاڪستان امريڪا جي پوئواري ڪندو جڏهن ته مقامي ۽ اند روني معاملن ۾ پاڪستان کي امريڪا جي حمايت حاصل هوندي، سو صورتحا ل اها وڃي بيٺي ته عالمي سطح تي بالادستي۽ استحصا ل وارن سامراجي مقصد ن ۾ پاڪستان امريڪا جو ساٿ ڏيند و جڏهن ته اند روني طور پاڪستان جي رياست، پنهنجي قومن تي بالادستي قائم ڪري انهن جو استحصا ل ڪندي ته ان ۾ امريڪا ان جو ساٿاري ۽ استاد هوندو، ۽ اهو چوڻ جي ته ضرورت ئي نه آهي ته بالاد ست،قابض ۽ استحصا لي طاقتن سان ثابت ٿيل وفاداريءَ سبب پاڪستان جي نئين ٺهند ڙ رياست تي غلبو پنجاب جو ٿيو. اهڙيءَ طرح پاڪستان هڪ نيم نو آبادياتي ريا ست بڻجي اڀريو جتي غلبو پنجابن جو ۽ ٻيون سڀ قومون محڪوم ٿي ويون ۽ جتي سمورا فيصلا پنجاب جي مرضيءَ سان پنجاب جي مفاد ۾ ٿيڻ لڳا .

    پاڪستان پنجاب جي غلبي واري نوآبدياتي رياست هئو۽ آهي، ان جو وڏي ۾ وڏو ثبوت اهو آهي ته بنگالي صرف 25 سالن کان پوءِ جدا ٿي ويا ان جي باوجود ته اهي وڏي اڪثريت ۾ هئا ڇاڪاڻ ته هڪ جمهوري ملڪ ۾ اڪثريت ڪڏهن به جدا ڪان ٿيندي آهي،۽ ان جو ٻيو وڏو ثبوت اهو آهي ته جيسين تائين بنگالي (اوڀرپاڪستان) گڏ هيا تيسين تائين ملڪ جي آئين زبردستي برابريءَ (parity) جي بنياد تي ٺاهيو ويو۽ ٿوري وقت ۾ ان کي به ختم ڪري مارشل لا جي زور تي ملڪ کي هلايو ويو.(برابريءَ جو بنياد اهو بنايو ويو ته 54 سيڪڙي کي 46 سيڪڙي سان برابر ڪيو ويو،) بنگالين کي ماري ڪٽي ڌار ڪرڻ کا پوءِ 1973 جي آئين ۾ وري اڪثريت جي اصول کي اختيار ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته هاڻي پنجاب عددي اڪثريت حاصل ڪري چڪو هئو.

    ان کان علاوه به پهرئين ڏينهن کا ن وٺي پاڪستان ۾ حڪمرانيءَ جو طريقه ڪار اهوئي رهيو آهي جيڪو هتي انگريزن جي سامراجي حڪومت جو هئو .سمورا اهم رياستي فيصلا، سول ۽ ملٽري نوڪر شاهي ڪندي آهي. صوبن (قومن) جا نمائندا رڳو انهن فيصلن تي آڱـوٺا هڻندا آهن ۽ ٽئين درجي جي خسيس ڳالهين تي پاڻ ۾ وڙهندا آهن .جيئن انگريز ننڍي کنڊ تي قابض هئا ان ڪري ته هتان جي ماڻهن جي دولت ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ڪري پنهنجي ملڪ ۾ ترقي ڪن تهڙيءَ ريت پاڪستا ن جي رياست جي زندگيءَ جو مقصد ٻين قومن جي قدرتي وسيلن ۽ آمدني جي ڦرلٽ ڪري پنجاب کي ترقي وٺرائجي . سنڌيءَ ۾ چوَڻي آهي ته ڌڪن جا شاهد ڦٽ هوندا آهن . سو عملي صورتحال صاف ٻڌائي ٿي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پنجاب ڪيتري ترقي ڪئي آهي ۽ سنڌ سميت ٻيون قومون ڪيترو پوئتي ويون آهن. انهيءَ صورتحال ۾ ڪي تجزيي ڪار اهو جملو استعمال ٿا ڪن ته (Pnjab is an other country) يعني پنجاب ( ترقيءَ جي لحاظ کان )هڪ مختلف ملڪ آهي . بنگالين جي آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ هاڻي ڦرلٽ جا مرڪز خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان آهن. ٻين لفظن ۾ته پاڪستان هڪ ڪالونيل( نوآبادياتي) رياست آهي ۽ سنڌ ان ۾ هڪ ڪالونيءَ جي حيثيت اختيار ڪري ويئي آهي .ايتري تائين جو پاڻ کي “ وفاق جي زنجير” ۽ “پاڪستان جي سچي وفادار”چورائيندڙ ۽ ٻه دفعا وزيرِ اعظم رهندڙ بينظير ڀٽو کي به هڪ مرحلي تي اهو چوَڻو پيو ته “ سنڌ کي اسلام آباد جي ڪالوني ڪري هلايو ٿو وڃي”۽ اسلام آباد کي ڪير ٿو هلائي ان کي دهرائڻ جي ضرورت ڪانهي .

    ڪنهن ملڪ يا قوم جي ڪالوني بنجي وڃڻ جو ثبوت اهو هوندو آهي ته ان جي ماڻهن جي راءِ جو احترام ختم ٿي وڃي ۽ انهن جي قسمت جا فيصلا ڪير ٻيو ڪري . سنڌ سان اهڙي صورتحال جا ثبوت 63 سالن جي تاريخ دوران اڻڳڻئي تعداد ۾پکڙيا پيا آهن ، رڳو نموني طور هتي ڪجه مثال ڏجن ٿا . پاڪستان ۾ پهرين چونڊيل سنڌ جي اسمبليءَ سنڌيءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جو بل پاس ڪيو ته مرڪزي حڪومت آرديننس ذريعي ان کي تبديل ڪري ڇڏيو .سڄي سنڌي قوم عوامي سطح تي ۽ اسمبليءَ جي فلور تي متفقه طور بار بار فيصلو ڏنو آهي ته ڪالاباغ جو ڊئم جو منصوبو ختم ڪيو وڃي، پر ان منصوبي کي ختم ڪرڻ بدران پاڪستان جي فوجي حڪمران جنرل پرويز مشرف فتوا ڏني ته“ سنڌي جاهل ۽ اڻپڙهيل آهن تنهن ڪري ڪالا باغ ڊئم جي مخالفت ٿا ڪن ”.وري خود جنرل جي ٺاهيل سنڌ اسمبليءَ متفقه قرارداد پاس ڪندي گهر ڪئي ته گريٽر ٿل ڪئنال سنڌ دشمن منصوبو اهي ان کي ختم ڪيو وڃي ته ان تي ڪن ڌرڻ بجاءِ پرويز مشرف پاڻ ان منصوبي جو افتتاح ڪيو جيڪو هينئر سنڌين جي ووٽ سان چونڊيل پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي دور ۾ مڪمل ٿي رهيو آهي، ان کان علاوه سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ قومي شناخت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ۾پارليامينٽ ۽ آئين سميت رياستي ادارن جي ڳٺ جوڙ،آشيرواد ۽ مد د سان ڌارين ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ٿو وڃي ،بلڪل ائين جيئن انگريزن پنهنجي حاڪميت دوران پنهنجي ڪالوني آئرلينڊ ۾ ڪيو يا مراڪش پنهنجي قبضي ڪيل ملڪ مغربي صحارا ۾ڪري رهيو آهي .

    سنڌين ، انگريزن جي ڪالونيل(نوآبادياتي) حڪمرانيءَ جي خلاف ان ڪري جدوجهد نه ڪئي هئي ته اهي وري ڪنهن ٻئي جي ڪالوني بنجي وڃن، انهن برطانوي استحصال مان ان ڪري جان نه ڇڏائي هئي ته وري پاڪستان جي شڪل ۾ انهن جي ڦر لٽ جاري رکي وڃي ،جيئن مٿي چيو ويوآهي ته سنڌين ڪڏهن به غلامي واري زندگيءَ کي قبول نه ڪيو آهي .اهي آزادي پسند انسان آهن .اهي دنيا جي هڪ قديم ترين مهذب قوم آهن .اهي دنيا جي مهذب قومن سان آزاديءَ ۽ برابريءَ واري حيثيت ۾ ئي هلي سگهن ٿا .سنڌي فطري۽ تاريخي طور سيڪيولر،روادار،امن پسند، روشن خيال، ۽ عالمگير ڀائيچاري جا حامي آهن، جڏهن ته اڄوڪي پاڪستاني رياست مذهبي انتها پسندي، جنگي جنون، دهشتگردي، تفريق، بالادستي، استحصال،بک ۽ بيروزگاريءَ جو مرڪز بڻجي ويئي آهي .

    سنڌي نه اهڙي زندگي گذارڻ چاهين ٿا ،۽ نه انهن اهڙي رياست جي خواهش ڪئي هئي ۽ نه ئي اهڙي رياست جو انهن سان وعد و يا معاهدو ڪيو ويو هئو. اهي هڪ آزاد خود مختيار قوم واري زندگي گذارڻ چاهين ٿا ۽ اهو انهن جو فطري ۽ پيدائشي(Inherent) حق به آهي ته عالمي قانون به سندن ان حق کي تسليم ڪري ٿو. سياسي اصطلاح ۽ بين الاقوامي قانون ۾ ان کي قومي حقِ خود اراديت چئجي ٿو. سو اسان جي گهر آهي ته سنڌين کي سندن پيدائشي طور حاصل ۽ عالمي طور تسليم ٿيل خود اراديت جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن ، ۽ اها گهرُ جيئي سنڌ محاذ جي سياسي پروگرام جو مرڪزي نُڪتو ۽ قومي آزاديءَ واري جدوجهد جي حڪمت عمليءَ جو حصو آهي .

    ٻئي طرف پاڪستان جي رياست نه رڳو 1940 جي قرارداد ، جنهن کي اهي قرار داد پاڪستان ٿا چون، ان تان ڦري ويا آهن پر گذريل63 سالن دوران انهن سنڌي قوم(۽ پڻ ٻين قومن) سان ڪيترائي معاهدا (۽ وعدا) ڪيا آهن ۽ انهن کي ٽوڙيو آهي .انهن معاهدن مان اڪثر ته هوندائي هڪ طرفه آهن جن ۾ سنڌي قوم جي راءِ جو ڪو به دخل نه هوندو آهي ۽ پوءِ وري پاڻ ئي انهن کي ٽوڙي ڇڏيندا آهن، يا انهن تي عمل ڪرڻ کان انحراف ڪندا آهن.در اصل جڏهن پنجاب جو مفاد هوندو آهي ته اهي معاهدا ڪيا ويندا ۽ وري جڏهن پنجاب جي مرضي ٿيندي آهي ته انهن کان انحراف ڪيو يا انهن کي ختم ڪيو ويندو آهي. جيئن مثال طور 1956 جو آئين ،يا 1962 جو آئين ،جن کي مارشل لا ذريعي ختم ڪيو ويو يا 1973 جو آئين جنهن ذريعي عملي ون يونٽ قائم ڪيو ويو ۽ صوبائي خود مختياريءَ جي حوالي سان انگريز سامراج طرفان نافذ ڪيل 1935 ع واري ائڪٽ کان به بدتر هيو ۽ جنهن کي سائين جي. ايم .سيد ۽ جيئي سنڌ محاذ شروع کان ئي “قومن جو قاتل ” آئين قرار ڏنو هئو ،ان تي به 38 سال گزرڻ جي باوجود عمل نه ٿو ڪيو وڃي پر هاڻي ته پنجاب وارا اعلانيه طور چون ٿا ته ان عمل نه ٿو ٿي سگهي ٻيو ته ڇڏيو پر هر سال جيڪا سالياني بجيٽ ٺاهي وڃي ٿي ان ۾ 65 سيڪڙو کان مٿي پئسا سنڌ جا هوندا آهن، ۽ بجيٽ ۾ سنڌ کي 10 سيڪڙو کان به گهٽ ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويندو آهي پر مزي جي ڳاله ته ڪجه ڏينهن کان پوءِ حڪمران ان تان به ڦرڻ شروع ڪندا آهن.هڪ ٻه سال اهڙو نه گذريو آهي جو اهي بجيٽ ۾طئي ڪيل خيرات جيترا پئسا به ڏنا ويا هجن.

    خارجه پاليسيءَ ۾ پاڪستان کي جيڪا جنگي رياست بنايو ويو آهي ،جيڪا عالمي رياستن طرفان جنگيون ڪندي وتي ۽ پاڙيسري ملڪن سان جيڪي جهيڙا ڪري انهن سان سنڌي ماڻهن جو واسطوڪونهي جڏهن ته انهن جنگين جا منفي اثر ۽ نتيجا سنڌ کي ڀوڳڻا پون ٿا . نه رڳو مالي ۽ سياسي طورتي به، انهن جنگين جي نتيجي ۾ لکين ڌاريان ماڻهو سنڌ جو رخ ڪن ٿا .

    اهريءَ طرح پنهن جي لڳاتار وعده خلافين،وري وري معاهدا ٽوڙڻ، ڪالونيل طريقه حڪمراني،غلط خارجه ۽ داخلي پاليسين۽ سامراجي استحصال۽ ڦرلٽ سبب پاڪستاني رياست سنڌ مٿان حڪمرانيءَ ڪرڻ جو سياسي،قانوني ۽ اخلاقي حق وڃائي ويٺي آهي. هاڻي صرف بندوق جي زور تي ۽ آمريڪا جي سهاري ۽ آسري تي سنڌ تي حڪومت ڪئي پئي وڃي ، ۽ ايڪويهين صدي ۾ دنيا جتي پهتي آهي اتي بندوق جي زور تي حڪمراني ڪرڻ ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪي آهي .فوجي طاقت ۽ ڳجهين ايجنسين جي زور تي ۽ آمريڪا جي سهاري تي هلندڙ حڪومتون تيزيءَ سان پنهنجي انجام تي پهچي رهيون آهن . هينئر فيصلا عوام جي طاقت سان ۽ عوام جي راءِ جي ذريعي ٿي رهيا آهن . اهو اوڀر تيمور ۾ قومي آزاديءَ جو هجي ، ڏکڻ سوڊان جي اتر سوڊان سان تعلق جو معاملو هجي يا تيونس ۽ مصر کان شروع ٿيندڙ وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا ۾ انقلابن جو سلسلو هجي ، ظالم، جابر ،استحصالي ۽ ڪالونيل رياستن کي شڪست ۽ عوامي راءِ کي فتح حاصل ٿي رهي آهي .وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان جي رياست سان سنڌ جي تعلق جوفيصلو به عوام جي راءِ سان ڪيو وڃي يعني سنڌي ماڻهن کي قومي حقِ خود اراديت استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

    پاڪستان جا حڪمران پاڻ ڪشميرين لاءِ حقِ خود اراديت جو مطالبو ڪندا رهندا آهن . سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته هندوستان ۾ ڪشمير کي ان کان گهڻي خود مختياري حاصل آهي ،جيتري پاڪستان ۾ سنڌ کي حاصل آهي .ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 هيٺ ڪشمير کي خاص حيثيت حاصل آهي جيڪا هندوستان جي ڪنهن به ٻي رياست کي حاصل نه آهي ، يعني ته ڪوبه غير ڪشميري اتي نه ته شهريت حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري ملڪيت خريد ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي وري سنڌ وانگر انهن جو اقتصادي استحصال ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ٿئي ٿي ،پر پوءِ به ڪشميري ڀارت جي حاڪميت ۽ بالادستيءَ کي قبول نه ٿا ڪن . اهي پنهنجون تاريخي ۽ قومي جدا تشخص بحال ڪرڻ گهرن ٿا ۽ سياسي طور آزاد ۽ خود مختيار رهڻ چاهين ٿا ، جيڪو انهن جو فطري حق آهي .سڄي دنيا ۾ ڀارتي حڪومت کان سواءِ ڪير به انهن جي انهيءِ حق کان انڪار نه ٿو ڪري . پاڪستاني حڪمرانن 63 سالن ۾ جيڪڏهن ڪا صحيح ڳاله ڪئي آهي ته اها ڪشميرين جي حقِ خود اراديت جي حمايت آهي، البته ان ڏس ۾ سندن حڪمت عملين تي وڏو سواليه نشان لڳل آهي ته انهن ڪشميرين جي ڪاز کي فائدو وڌيڪ ڏنو آهي يا نقصان؟

    گزريل ڏهن سالن کان جيئي سنڌ محاذ سنڌ جي تاريخ جي اهم ڏينهن کي قومي ڏينهن طور ملهائيندو پيو اچي ،انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جو ڏينهن پهرين اپريل به شامل آهي .جيتوڻيڪ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ سنڌ جي صوبائي حيثيت واري بحاليءَ لاءِ هئي ۽ ان تحريڪ جي ڪاميابيءَ جي نتيجي ۾ سنڌ بحيثيت هڪ صوبي جي دنيا جي نقشي تي نمودار ٿي پر ڪيترن لحاظن کان اهو ڏينهن انتهائي اهم آهي ،جديد دنيا ۾ جديد قومي بنيادن تي سنڌ جي اها پهرين جدوجهد هئي ، ٻيو ته وقت جي سڀ کان وڏي سامراجي طاقت طرفان سنڌ کي نه رڳو غلام بڻايو ويو هو پر ان جي جُدا وجود کي ئي ختم ڪيو هئو. هيءَ جدوجهد واپسيءَ جي سفر جو پهريون مرحلو هئي . ان جي ڪاميابيءَ سان سنڌ پنهنجو علحده تشخص بحال ڪرايو ،جنهن سان مڪمل بحاليءَ جو رستو صاف ٿيو.ان وقت کان هڪ آزاد ۽ خود مختيار قومي رياست جي لاءِ جاکوڙ جاري آهي .

    اڄ جڏهن آزاد ۽ خود مختيار سنڌ جي حاصلات واري جدوجهد ۾ قومي حقِ اراديت جي استعمال جو اهم مرحلو آڏو آهي ته اسان مناسب سمجهيو ته سنڌ جي تارخ جي هن اهم ڏينهن کي قومي حقِ خوداراديت جي ڏينهن طور ملهايو وڃي .

    تاريخ جي هن اهم ۽ فيصله ڪن مرحلي تي ۽ سنڌ جي قومي تاريخ جي هن اهم ڏينهن (پهرين اپريل )جي حوالي سان سنڌي قوم کي خاص ڪري ان جي وڌيڪ با شعور فردن ( سياسي ڪارڪنن،دانشورن،اديبن،۽ صحافين وغيره ) کي اپيل آهي ته اهي قومي حقِ خوداراديت جي هن گهرُ کي گهربل حمايت ۽ تعاون ڏين جو اها وقت ۽ حالتن جي تقاضا آهي .ايڪوينهين صديءَ جي تبديل ٿيل عالمي صورتحال ۽ سنڌ جي تاريخي۽سماجي پس منظر ۾ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته سنڌ جي جدوجهد عدم تشد د واري هوندي . اها ڳاله به هاڻي ثابت ٿي چڪي آهي ته سنڌ جي قومي نجات ،بقا ۽ تحفظ صرف آزاد ۽ خود مختيار (Sovereign and Autonomous) سنڌ ۾ اهي ،۽ عدم تشدد ذريعي قومي آزادي ۽ خود مختياريءَ جو واحد رستو قومي حقِ خود اراديت جو رستو آهي .

    [/JUSTIFY]

    ڪمپوزنگ : عبدالڪريم چانڊيو
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي ۽ قومي حقِ خود ارا ديت (پهرين اپريل جي حوالي سان)

    سائين چانڊيو صاحب مهرباني

    هڪ ته اوهان کي مبارڪباد جو اوهان هيڏو سارو ڪالم ڪمپوز ڪيو ۽ اخبارن ڏانهن اي ميل ڪيو۔ سائين خالق جوڻيجو سنڌي قومپرست پارٽين مان هڪ اهڙي پارٽي جو اڳواڻ آهي جنهن کي سنڌ جي اڻ تڻ سان گڏ پنهنجن جي ڪلورن تي به تنقيد ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي۔ سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ جي ڏينهن تي سندس هي ڪالم تمام سهڻو آهي جنهن ۾ سنڌ سان ٿيل ويساه گهاتين جو ذڪر آهي۔

    هڪ ڏينهن ايندو جڏهن اسان آزاد ۽ خودمختيار سنڌ ۾ امن ۽ آزاديء جا گيت ڳائيندا رهنداسون
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي ۽ قومي حقِ خود ارا ديت (پهرين اپريل جي حوالي سان)

    23 مارچ 1940 جي قرارداد بابت جڏهن به پڙهيو ته سوچيو ته جيڪڏهن Islamic Republic of Pakistan بجاءِ جيڪڏهن United States of Pakistan طرف قدم وڌائجي ها ته هيئنر ان قرارداد جو صحيح ۽ عملي ڏيک ملي ها۔۔۔
    پر ان وقت شايد اسان جي سنڌين به ملڪ ٺهڻ جي هن قرارداد تي عمل ڪرڻ کان وڌيڪ هڪ الڳ اسلامي رياست جي قيام کي ترجيع ڏني ۔۔۔ جنهن کي سائين جي ايم سيد به پنهنجي غلطي تسليم ڪيو آهي۔۔۔۔

    سائين توهان جو ليک تمام ڀلو آهي پر جي مختصر ڪري موڪليو ها ته مڪمل پڙهجي ها۔۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي ۽ قومي حقِ خود ارا ديت (پهرين اپريل جي حوالي سان)

    ادا سٺو مضمون آهي .
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي ۽ قومي حقِ خود ارا ديت (پهرين اپريل جي حوالي سان)

    سنڌ جي بمبيءَ کان آزادي ۽ هڪ صوبي جي حيثيت کي وري قائم ڪرائڻ تي لکيل سهڻو ونڊ ڪيو آهي سائين محترم عبدالڪريم چانڊيو صاحب جن، حقيقت ۾ پاڻکي 1 اپريل جي اها اهميت ياد به نه هئي ۔۔۔ جيتوڻيڪ سنڌين لاءِ هي ڪو عام ڏينهن نه پر فتح جو ڏينهن آهي انڪري ان ڏينهن کي يادگارطور ملهائڻ گهربو آهي ۔۔۔ بجاءِ جو اسين شخصيتن کي پڏايون ۽ ڳايون اسانکي هن قسم جي ڏينهن کي اجاگر ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسانجي نسل کي سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ پوي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو