غلام شبير عظيمي
سينيئر رڪن
پيارا ساٿيو السلام عليڪم ، اڄ مونکي تمام گهڻي خوشي پئي ٿئي ته مان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي تمام ساٿين سان مخاطب آهيان ، ته مان پنهنجو تعارف ڪرايان ، منهنجو نالو غلام شبيرعظيمي آهي هن دنيا جي چمن ۾ منهنجو جنم 9 جنوري 1979ع تي لاڙ پٽ جي خوبصورت شهر ماتلي ۾ ٿيو منهنجي تعليم انٽر آهي ڪمپيوٽر ۾ ايڊوب فوٽوشاپ ڪورل ڊرا ان کان علاوه پينٽنگ ۽ فوٽو گرافي جو ڪم تمام سُٺي انداز سان ڄاڻندو آهيان، هن محبتي اڱڻ سنڌ سلامت جو ڏس پتو ٽنڊو محمد خان جي شاعر سائين نثاراحمد ناز صاحب جن ڏنو ان کان علاوه سنڌ سلامت تي توهان سڀني دوستن جي محنت ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جا حقيقي وارث اڃان زنده آهن جيڪي سنڌي ٻولي جي خدمت ڪن پيا، سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪن پيا ۽ پوري سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪن پيا، انشاالله مان به پنهنجي وث آهر پنهنجي ڌرتي جي خدمت کي پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪندس۔ ساٿ سلامت سنڌ سلامت