• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غمزده ٿو رھان

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
دوستو..پنهنجي ڪوشش هوندي آهي ته تمام بهترين شاعري کي رنگ ڏئي اوهان سان شيئر ڪجي.
۽ تمام اعلٰي قسم جي شاعري اوهان سان شيئر ڪجي...پوءِ بس پاڻ کي جيڪا سٺي جنهن شاعر جي شاعري لڳندي آهي...ان کي تصوير جو روپ ڏئي اوهان دوستن سان پيا شيئر ڪندا اهيون ۽ جيستائين رنگن ۾ ساھ آهي تيستائين...جاري رکنداسين.
اُميد ته دوستن کي پسند ايندي..جيڪڏهن پسند نه به اچي ته به مطلب ٻڌائجو ضرور..سنـڱت
رضا بخاري


دوست ڇا ٿي ويا
ديوتا ٿي ويا

لڙڪ جيڪي لڙيا
آئينا ٿي ويا

جن نه خود کي لڌو
رھنما ٿي ويا

جيئن اڏاڻا پکي
وڻ دعا ٿي ويا

مون چٽيا جو زخم
گل خفا ٿي ويا

غمزده ٿو رھان
غم جدا ٿي ويا

adlvfo.jpg
 
جواب: غمزده ٿو رھان

مون چٽيا جو زخم
گل خفا ٿي ويا

واه عاشق، اصل عاشقن جو به عاشق ٿي پيو آهين، الله خئير ڪري بس هاڻ دير آهي ته اوهان پاڻ شاعري ڪرڻ شروع ڪريو ۔۔۔۔

بخاري صاحب جو سٺو نظم ۽ اوهانجي چترڪاري ۔۔۔ واه واه
 
جواب: غمزده ٿو رھان

مون چٽيا جو زخم
گل خفا ٿي ويا

واه عاشق، اصل عاشقن جو به عاشق ٿي پيو آهين، الله خئير ڪري بس هاڻ دير آهي ته اوهان پاڻ شاعري ڪرڻ شروع ڪريو ۔۔۔۔

بخاري صاحب جو سٺو نظم ۽ اوهانجي چترڪاري ۔۔۔ واه واه

واه عاشق تمام سهڻي چونڊ آهي

۽ اوهان جا رنگ به بهترين، ڪنٽراسٽ به واه جو رکيو اٿو۔



محترم نثار ابڙو صاحب ۽ محترم سليمان وساڻ صاحب...اوهان جي مهرباني جو اوهانکي اسان جي پوسٽ ڪيل شاعري پسند آئي...۽ اوهان اسان جي ٿريڊ تي پنهنجا قيمتي رايا لکيا..ٿورائتو.
 
جواب: غمزده ٿو رھان

تمام بهترين ڊزائين ادا عاشق لاجواب
۽ غزب جي شاعري سائين رضا بخاري جي واه واه

محترم سائين اوهان پاڻ هڪ سٺا شاعر ۽ چترڪار آهيون۔۔۔اسان جو اوهانکي ڪم پسند آيو۔۔اھا اسان جي لا وڏي اعزاز جي ڳالھ آهي۔
 
جواب: غمزده ٿو رھان

واه سائين عاشق واه ڊزائين ته ڏاڍي ڀلي آهي شاعري به تمام پياري
 
جواب: غمزده ٿو رھان

ادا عاشق اوهان جي هر ونڊ تمام بهترين هوندي آهي خاص ڪري ڊزائين ته لاجوان هوندي آهي
منهنجي دل چوندي آهي ته مان توهان کان سکان
 
جواب: غمزده ٿو رھان

ادا عاشق اوهان جي هر ونڊ تمام بهترين هوندي آهي خاص ڪري ڊزائين ته لاجوان هوندي آهي
منهنجي دل چوندي آهي ته مان توهان کان سکان

گلال سچ ته اڄ اوهان جو تفصيلي جواب پڙهي..تمام گهڻي خوشي ٿئي..دوست اسان هر وقت حاضر آهيون، جيڪا شيءِ پاڻ کي ايندي اُھا اوهانکي ضرور ٻڌائينداسين.
 
Back
Top