مختلف ويب سائيٽن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ايس ايس ايل ”SSL“ پروگرام موجود آهي، ٽن اکرن واري انهيءَ ٽيڪنالاجي ذريعي پنهنجي ويب سائيٽس کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، اهو پروگرام “TLS” سسٽم سان ڳنڍيل آهي، اهڙي طرح ان پروگرام ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري ماڻهو ويب سائيٽس هيڪ ٿيڻ ۽ مواد چوري ٿيڻ کي روڪي سگهجي ٿو، هاڻي ته فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر به SSL پروگرام استعمال ڪري رهيا آهن ته جيئن سندن ويب سائيٽس محفوظ رهي سگهن، ان پروگرام ۾ نيٽ استعمال ڪندڙ پنهنجي ويب سائيٽ کي چڪاس ڪري سگهي ٿو ۽ اهو سسٽم آٽوميٽڪ آهي، آن لائن خريداري دوران پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊز ۽ ڊبيٽ ڪارڊز کي محفوظ بڻائڻ لاءِ “SSL” ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي ٿي، ايس ايس ايل سسٽم ڪارڊز جي حفاظت ڪري ٿو ۽ ڪير به ان جا نمبر چوري نٿو ڪري سگهي، ماڻهو سوشل نيٽ ورڪنگ ويب سائيٽس ۽ اي ميل استعمال ڪرڻ دوران به هي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري ته بهتر رهندي، سيڪيورٽي محققن ڪرسٽوفر سوگهائن ۽ اسٽام هڪ پيپر شايع ڪيو، جنهن ۾ هنن وارننگ ڏني هئي ته ويب سائيٽس تي حملا ٿي سگهن ٿا ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ايس ايس ايل ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي، 2011ع جي شروعات ۾ گوگل ۽ ياهو جهڙين وڏين ويب سائيٽس تي پڻ هيڪرز حملا ڪيا، سيڪيورٽي تجزئي نگار پائول ميوٽن ايس ايس ايل بابت ڪجهه تفصيل گڏ ڪيا ۽ چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي ويب سائيٽس کي محفوظ بڻائڻ چاهين ٿا، تن کي ايس ايس ايل ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ گهرجي، هن ٻڌايو ته حملو ڪندڙ توهان جو نالو ۽ Passwordبه چوري ڪري وٺن ٿا، تازو ايران ۾ به ان قسم جو حملو ٿيو آهي، هاڻي به ايس ايس ايل استعمال ڪري سگهجي ٿو. روزاني ڪاوش جي ٿورن سا.ن