اپريل فول جي روايت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...

    اپريل فول جي روايت

    زرار پيرزادو



    [justify]اڄ پهرين اپريل آهي جنهن کي سڄي دنيا اندر ”اپريل فول“ طور ملهائڻ جي هڪ دلچسپ روايت به رهي آهي.

    اپريل فول جي حوالي سان يقين ڪيتريون ئي روايتون منسوب آهن پر هڪ مشهور روايت موجب ”اپريل فول“ جي روايت فرانس جي بادشاهن وڌي.

    ان روايت موجب رومي سلطنت جا بادشاهه پنهنجي جولئين ڪئلينڊر موجب اپريل مهيني کي سال جو پهريون ڏينهن ڪري ملهائيندا هيا. 31 مارچ کي ”نيو ايئر جي نائيٽ“ ڪري ملهايو ويندو هو، نئين سال جون تقريبون ملهايون وينديون هيون، هڪ ٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏنيون وينديون هيون ۽ نئين سال جي حوالي سان نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويندو هو.

    اتفاق سان يورپ جي پوپ نالي هڪ همراهه کي رومين جو اهو ڪئلينڊر نه وڻيو سو هو 1528ع ۾ ”گريگوري ڪئلينڊر“ ٺاهي چُڪو هو جنهن ۾ سال جو پهريون مهينو ”اپريل“ کان نه پر جنوري کان شروع ٿيل ڏيکاريل هو.

    اڳتي هلي جڏهن فرانس جي سلطنت ڌاڪو ڄمايو ته ان رومي تهذيب جي ان اپريل مهيني کان شروع ٿيندڙ نئين سال واري ان ڪئلينڊر کي ان ڪري رد ڪيو ته اهو پراڻو ڪئلينڊر ”رومي بادشاهت جي غلبي“ جي غلامي واري ياد ڏياريندو رهندو ان ڪري ان کي ختم ڪري پوپ وارو ڪئلينڊر لاڳو ڪجي. ائين فرانس پهريون ملڪ هو جنهن گريگوري جي ڪئلينڊر جي حمايت ڪئي.

    البت فرانس جو هڪ وڏو عوامي ڌڙو ان حق ۾ نه هو ته ان نئين ڪئلينڊر کي تسليم ڪجي پر فرانس جي شاهي خاندان جو خيال هو ته ائين ڪري فرانس رومي سلطنت تي بالادستي وڌائي سگهي ٿو.

    هاڻي فرانس جي شاهي خاندان لاءِ اهو مسئلو هو ته اهو پراڻي رومي ڪئلينڊر تحت پهرين اپريل تي نيو ايئر ملهائيندڙ عوام کي ڪيئن روڪي؟.

    ان تي ڪنهن وزير کين صلاح ڏني، ته اوهان اڳ ۾ پهرين جنوري کي نيو ايئر طور ملهائڻ لاءِ وڏيون تقريبون ڪوٺايون ۽ پوءِ اپريل ۾ ملهائيندڙ نيو ايئر وارن تي ٺٺوليون ڪيون ۽ کين مذاق بڻايو ته اهي فرانس ۾ پهرين جنوري تي ملهايل نيو ايئر جي ٻن مهينن کان پوءِ وري نئون سال ملهائي بيوقوفي ڪري رهيا آهن.

    ان سياڻي شاهي خاندان کي صلاح ڏني ته پهرين اپريل کي اوهان وري ”اپريل فول“ طور ملهايو ۽ مٿن طنز ڪري کين اهو ڏينهن ملهائڻ کان ڀڄايو ۽ اهو تاثر قائم ڪيو ته اهي بيوقوف ماڻهو آهن جيڪي پهرين اپريل کي نئون سال ڪري ملهائي رهيا آهن.

    سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها ناهي ته ائين ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ وارو اهو ”اپريل فول ڊي“ آهستي آهستي ٻين ملڪن ۾ به ملهائجڻ لڳو. پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اصل نيو ايئر کي ختم ڪرائي فرانس هن ڏينهن تي سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڏو ڪوڙ ڳالهائي کين فول يعني بيوقوف بڻائي ڇڏيو آهي.[/justify]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اپريل فول جي روايت

    مطلب سڀ بيڪار قسم جون روايتون يورپ وارن اسانکي تحفي ۾ ڏنيون آهن ۔۔۔ ڪڏهن پيار جو ڏينهن ته ڪڏهن اپريل فول ته ڪڏهن ڪجهه ته ڪڏهن ڪجهه ۔۔۔ ۽ اسين هميشه انهن ڏينهن کي پنهنجو ڪري وٺندا آهيون ۔۔۔

    ٻاهر جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا

    معلوماتي ونڊ ڪرڻ جا ٿورا وساڻ سائين!
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: اپريل فول جي روايت

    ادا سليمان اسان جو هڪ بزرگ آهي اهو سدائين اها ئي رڙ ڪندو آهي ته اسان انهن جي طرفان مليل ڏينهن ڪڏنهن اپريل ڦول ته ڪڏنهن ويلنٽائنڊي ته ڪڏنهن ڌوڙ ته ڪڏنهن ڇائي ملهائيندا آهيون ڇا انهن به اسان جو ڪو اسلامي مهنيو ڪا اسلامي عيد ڪا اسلامي تاريخ ملهائي آهي؟ جي هو اسان جي ڪا تراخ نه ٿا ملهائين ته پوء اسان ڇو ملهايون؟ اهي به اهڙي قسم جو عادتون جن جي دين اسلام قطعا اجازت نٿو ڏئي
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اپريل فول جي روايت

    جزاڪ الله ادا سليمان تمام بهترين ونڊ لا اوهان کي مبارڪ باد هجي
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اپريل فول جي روايت

    جزاڪ الله ادا .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو