
30 مارچ تي ان وقت جڏهن پاڪستان جي ٽيم انڊيا جي ٽيم هٿان سيمي فائينل ۾ شڪست جي ويجهو هئي ۔۔۔ آ سنڌ سلامت کي وي بليٽن 4 تي منتقل ڪرڻ جي تجربي ۾ انتهائي رڌل هيم۔۔۔ 20 ڏينهن موڪل جي دوران جيڪو ڪم مون کان مسلسل ڪوشش باوجود ٿي نه سگهيو اهو ان ڏينهن لڳاتار محنت ڪري ٿي ويو ۔۔۔ جڏهن خوشي جي سرخي منهنجي چهري تي آئي ته اچانڪ منهنجي ننڍڙي ذيشان جي ڪال آئي۔۔۔
”ابو اسان هارائي وياسين۔۔۔ “ ڪافي مشڪل سان اهي لفظ ننڍڙي ذيشان ادا ڪيا ۽ منهنجي مسلسل سمجهائڻ تي به سندس هچڪيون رڪجي نه سگهيون۔۔ جڏهن کائنس ننڍي ڀاء شيراز سان ڳالهائڻ چاهيم ته انهن جي ماء اهو چئي انڪار ڪيو ته هو هن وقت تمام گهڻو اموشنل آهن۔۔۔۔
پر اڄ ذيشان سان ڳالهه ٿي ته آفريدي جو ميڊيا کي ڏنل مٿيون جملو ٻڌايائين۔۔۔
آخر معافي ڇو۔۔۔ ؟ کيس خبر نه آهي ته پاڪستان جي قوم انڊيا بابت ڪيترو جذباتي آهي ۔۔۔
آخر معافي ڇو۔۔۔؟ جڏهن هڪ 6 درجي جي رينڪ رکندڙ ٽيم ٽاپ جي ٽيمن کي سندن گرائونڊس تي هارائي اميد ڏيکاري۔۔۔
آخر معافي ڇو۔۔۔؟ جڏهن خوبصورت ٽرافي جي اميد سيمي فائينل پهچي ڏيکاري ۔۔۔۔۔
توهان ئي ته قوم جا جذبا اڀري مخالف ملڪ انڊيا ۾ پنهنجو ترانو وڄايو۔۔۔ جهنڊو ڦڙڪايو۔۔ پوءِ قوم ڪيئن نه اميد لڳائي۔۔۔
سندس زور ڀرڻ تي سندس جذبا سنڌ سلامت تي ونڊ ڪجن ٿا۔۔۔