هڪ حقيقت۔۔اکين ڏٺي۔۔ڪنن ٻُڌي۔

'سنڌياڻي' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]

    هو ويچاري....هڪ ته بيمار ٻيو ته گهر جو ڪم ڪار
    هُن جا ٻار جن جو تعداد درزن کان به مٿي آهي..هُن کي ڏاڍو تنگ ڪري رهيا هئا

    مٿان ماني تيار ڪرڻ جو وقت به اچي وڃي ٿو...۽ مڙس جو ٻنيءَ تان موٽڻ جو به ٽائيم ٿي وڃي ٿو، مڙس هُن کي روب ۽ دبدبي جي مونڊ ۾ چئي ٿو سڪينه ماني ڏي....ويچاري سڪينه ۾ ته اها به همٿ نه آهي ته پنهنجي ور کي جواب ڏئي سگهي..سڪينه جي وڏي نياڻي پيءُ کي چئي ٿي بابا امان ماني نه پچائي آهي.....تڏهن سڪينه جي مڙس کي ڪاوڙ اچي ٿي...۽ ڪاوڙ ۾ سڪينه تي هڪ زوردار وار ڪوڏر جو ٿو ڪري ۽ سڪينه ويچاري اڳئي....ڪمزور جسم جي عورت جنهن ۾ رت ته موجود بلڪل نه هجڻ جي برابر هئي.....پٽ تي فتڪندي ساھ ڏئي ٿي...هي هڪ حقيقت آهي..سنڌي سڪينه جي..جيڪا پنهنجي ور جي هٿان شهيد ٿئي ٿي...اهڙيون روز ڪيتريون سڪينه روز اسان جي سنڌي پيپر جي مين صفي تي هونديون آهن​


    نوٽ واقعو 2007 ۾ اسان جي هڪ ڳوٺ ۾ پيش آيو۔۔جيڪو اسان جي شهر کان ڪچي دريا طرف واقعُ آهي۔​
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ حقيقت۔۔اکين ڏٺي۔۔ڪنن ٻُڌي۔

    ادا عاشق علي سولنگي صاحب اهي سڀ واقعا صرف ۽ صرف جهالت جي ڪري پيش اچي رهيا آهن

    انهن واقعن کي روڪڻ‌لا۽ اسان کي تعليم عام ڪرڻي پوندي عورت هجي يا مرد ان کي تعليم جي زيور ڏيڻو پوندو

    جڏهن تعليم عام ٿيندي ته اهي واقعه گهٽجي سگهجن ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    باقي نه ته اهڙا واقعا روز روز ٿيندا رهندا

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ حقيقت۔۔اکين ڏٺي۔۔ڪنن ٻُڌي۔

    بيشڪ ادا عاشق اهي قصا سنڌ ۽ برصغير هند ۾ عام جام آهن ۔۔۔

    منهنجي ڄم کان اڳ منهنجي هڪ وڏي ڀيڻ پڻ گذاري وئي هئي، مون جڏهن معلوم ڪيو ته اها ڇو گذاري وئي هئي ته خبر پئي ته اسانجي سوٽ (اڃان نڀاڳو جيئرو آهي) سان شادي ٿيل هيس، قصو ڪجهه اوهانجي قصي سان ئي مشابهه آهي ۽ حقيقت سان ڀريل پڻ ؛ ڳالهه ڪجهه هن طرح سان ٿي” ته منهنجي ڀيڻ اٽو ڳوهيندي رڌوڻي ۾ هئي ته اوچتو سندس نئون ڄاول ٻار جاڳيو ۽ روئڻ لڳو ته هم نه تم، اٽو ڇڏي ان ٻار کي کڻڻ لا ڊوڙ پاتي، پويان گهر جي ڪڪڙن کي وارو مليو انهن وڃي ان ڳوهيل اٽي تي حملو ڪيو ۽ ان دوران اهو مون واري ڀيڻ جو نڀاڳو مڙس گهر وريو ۽ اهو ڪڪڙن جو لقا ڏسي مون واري ڀيڻ کي هڪل ڪيائين ته ڀيڻ ورندي ڏني ته ننڍڙو رنو ته انکي سنڀالڻ لا هيڏانهن آيس ته ڪڪڙن کي وارو مليو آهي ۔۔۔

    تنهن تي همراهه ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين، نڀاڳي تون واري جواب ٿي ڏئين ۽ هڪ سر کڻي کيس اڇلائي هنيائين، جا سندس وڃي مٿي تي لڳي ۽ ان وقت ئي ڪري پئي ۽ ساهه ڏنائين”
    انا لله وانا عليه راجعون

    هاڻ جڏهن ان سوٽ کي ڏسندو آهيان ته دل چوندي آهي ته آ به کيس مٿي ۾ سر وهائي ڪڍان پر پو سوچيندو اهيان ته هن کي سر هڻڻ مان ڪهڙو فائدو، سرون هڻجن ته جهالت کي هڻجن، سرون هڻجن تي معاشري ۾ موجود عورت ۽ مرد جي ننڍ وڏائي کي هڻجن ۔۔۔

    سو ادا عاشق معاشري ۾ موجود اهڙن ظلمن اندر ساڙي وڌو آهي پر ڇا ڪجي؟ اهڙي ملڪ ۾ ڦاٿا آهيون جو نه انصاف جي ڪا اميد آهي نه ئي مستقبل قريب ۾ ڪنهن بدلاوَ جي اميد؟

    بس هٿ مٿي آهن ۔۔۔ اچو ته پنهنجي قوم ۾ تعليم عام ڪريون ۽ غلط کي غلط چوندي ماڻهن ۾ شعور پئدا ڪريون۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو