سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (سنڌ ڌرتي جي ڪک مان هزارين اهڙا سپوت ۽ انمول انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مٿان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ناز ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي کي جنهن به پنهنجو ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي ان کي هڪ نه وسرندڙ سڃاڻپ ڏني آهي، انهن شخصيتن مان سنڌ جي مهان شخصيت علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب به هڪ آهن، پاڻ هڪ ئي وقت عالم، محقق، شاعر، منتظم رهيا آهن، ڊاڪٽر صاحب سان ڪجهه سال پهرين منهنجي به خط و ڪتابت رهندي آئي آهي، جنهن ۾ پاڻ هميشه منهنجي رهنمائي ڪندا رهيا آهن سندس اهي مون ڏانهن لکيل ۽ منهنجا ڊاڪٽر صاحب ڏانهن لکيل خط مون وٽ اڄ به محفوّظ آهن، موقعي جي مناسبت سان اهي خط به اسڪين ڪري هت سنڌ سلامت جي فورم تي پڻ ونڊ ڪيا ويندا، انشاءالله۔ ڊاڪٽر صاحب هميشه پنهنجي ڌن ۽ مگن ۾ پيار محبت مان ڪم ڪندا رهيا آهن ۽ هنن ڪڏهن به اهيو خيال ناهي ڪيو ته ٻيا ماڻهون منهنجي مخالفت پيا ڪن يا حمايت، بس پاڻ هميشه سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ لڳا رهيا آهن، جڏهن ته هن وقت سندن عمر تقريبن 93،94، سال آهي مگر هن عمر ۾ به تحقيق جي حوالي سان توڙي شاهه صاحب جي تقريبات ۾ حصو وٓندا رهن ٿا، ۽ سنڌي ٻولي جي ڪجهه ٽي وي چينل تي به علمي ادبي حوالي سان گفتگو ڪندي نظر اچي رهيا آهن، جنهن جو هڪ وڊيو ته مون هت به ونڊ ڪيو آهي، باقي ٻيو تياري هيٓ آهي، ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن جو قدر ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي خدمتن جي اعتراف ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌلاجي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي ، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي صاحب جن ڪيو آهي ۔۔۔سنڌ سلامت جا دوستو هت ڊاڪٽر بلوچ صاحب تي غلام حسين خاصخيلي جو لکيل تفصيلي هڪ مضمون پيش ڪجي ٿو، باقي اگر ڪنهن دوست کي ڊاڪٽر صاحب تي وڌيڪ تفصيل سان معلومات حاصل ڪرڻي آهي ته پوء محترم سائين تاج جويو صاحب جو لکيل ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ ۔۔هڪ مثالي عالم۔ مصنف۔۔ تاج جويو پڙهڻ لاء عنوان مٿان ڪلڪ ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي سائيٽ تان اهو ڪتاب پڙهي سگهي ٿو۔۔۔۔۔۔ ممتاز علي وگهيو) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، لوڪ ادب، لطيفات جو پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ادب جي ميدان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. عبرت گروپ طرفان کيس ڀيٽا ڏيندي سندس خدمتن ۽ زندگي بابت پروفائيل پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون. سنڌ جو نامور عالم، اديب، لسانيات، لوڪ ادب ۽ لطيفات جو پارکو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 16 ڊسمبر 1917ع ۾، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، ڪلاسيڪي شاعريءَ، موسيقيءَ ۽ لطيفيات جي موضوعن تي وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق وسيلي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو املهه خزانو ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو اٿس. ڊاڪٽر کي سنڌي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سرائيڪي زبان تي عبور حاصل آهي. 1924ع ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پليي خان لغاريءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ ڳوٺ 22 جمڙائوءَ ۾ پڙهيو. 1929ع ۾ نوشهري فيروز جي مشهور مدرسي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو، 1936ع ۾ جهونا ڳڙهه ڪاليج، بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرز جو امتحان فرسٽ ڊويزن ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين، 1943ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم. اي جو امتحان فرسٽ ڊويزن فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري ساڳئي ئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان وڪالت جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. 1947ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيو يارڪ مان ايجوڪيشن جي موضوع تي ايم. اي ڪيائين ۽ 1949ع ۾ ساڳئي موضوع تي ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.۔۔۔پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ کي اقوام متحده ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي، پر پاڻ قبول نه ڪيائين. 1950ع ڌاري انفرميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن ۾ او ايس ڊي (OSD) مقرر ٿيو، ان بعد مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي دمشق جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ تعلقات عامه شعبي ۾ مقرر ٿيو، پر ڊاڪٽر تعليم ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ان عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ترغيب تي سيپٽمبر 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فئڪلٽي آف ايڊيوڪيشن بڻيو. ڊاڪٽر بلوچ ڊسمبر 1973ع کان جنوري 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. جنوري 1976ع کان 9 مارچ 1979ع تائين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ (جنهن کي بعد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري ڪلچر اينڊ سولائيزيشن سڏيو ويو) جو ڊائريڪٽر رهيو. 22 نومبر 1980ع کان 1983ع تائين اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. 1983ع کان 1989ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو صلاحڪار رهيو. 1993ع جي آخر ۾ سنڌ حڪومت ۾ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت رهيو، 1991ع کان هن وقت تائين علامه آءِ آءِ قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعزازي ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. ان کان سواءِ ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ادارن جو ميمبر رهيو آهي. جهڙوڪ؛ اٿارٽي فار موهن جو دڙو، انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان، چيئرمين وائيس چانسلرس ڪميٽي آف يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، ميمبر پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊ اينڊ آرڪائيوز ڪميشن، ميمبر سينٽرل اردو بورڊ لاهور، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور، ميمبر ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، ميمبر سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ سنڌ يونيورسٽي، ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ميمبر سنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل قائد اعظم يونيورسٽي، ميمبر لوڪ ورثـه، ميمبر مقتدره قومي زبان، ميمبر قائد اعظم اڪيڊمي، ميمبر پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سر سيد يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ائمريٽس پڻ آهي. نبي بخش علم ادب لاءِ خدمت هن ريت آهي:۔۔۔جامع سنڌي لغات؛ سنڌي ادبي بورڊ طرفان جامع سنڌي لغات جي ترتيب ۽ تاليف جو هيءُ اهو ڪم 1954ع ڌاري ڊاڪٽر جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو پوءِ مختلف وقتن تي پنهنجن ضخيم جلدن جي صورت ۾ شايع ٿيو. هن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ تمام وڏو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي استادن ۽ عالمن گڏجي ڏينهن رات هڪ ڪري پورو ڪيو.۔۔اردو سنڌي ۽ سنڌي اردو لغت؛ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي خواهش تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هن تاريخي رٿا تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ هي ٻئي لغتون 1960-1959ع ڌاري ڇپجي پڌريون ٿيون.۔۔سنڌي لوڪ ادب واري رٿا؛ سنڌي ادبي بورڊ طرفان هيءَ رٿا 1956ع ۾ منظور ٿي، جنهن جي سموري نگراني ڊاڪٽر بلوچ ڪئي. سنڌ جي سمورن ضلعن مان سگهڙن، لوڪ شاعرن ۽ ڳوٺاڻن بزرگن لوڪ ادب جون مختلف صفتون کيس موڪليون. ان کان سواءِ کين پاڻ گهرائي انهن سان ڪچهريون ڪري مواد گڏ گڏ ڪيائين. هن رٿا هيٺ لوڪ ادب سلسلي جا 40 جلد شايع ٿيا. جڏهن ته ذاتي طرح ڊاڪٽر ان ڏس ۾ وڌيڪ ڏهاڪو ڪتاب لکيا آهن، جيڪي مختلف ادارن ڇپايا آهن. لوڪ ادب سلسلي جي 40 جلدن مان ڪجهه هن ريت آهن.۔۔۔۔سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (ست جلد)، مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي سينگار شاعري، نـڙ بيت، مناظرا، سنڌ جا عشقيه داستان (8 جلد)، ڪافيون (3 جلد)، مناقبا، معجزا، مولود، ٽيهه اکريون (ٻه جلد)، هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا جنگناما، واقعاتي بيت، پروليون، ڏٺون، معما ۽ ٻول، ڳجهارتون، ڳيچ (ٻه جلد)، لوڪ گيت، بيت، مشهور سنڌي قصا (ٻه جلد)، مشهور سنڌي عشقيه ۽ نيم تاريخي قصا (9 جلد)، رسمون، رواج ۽ سنوڻ ساٺ، سنڌي هنر شاعري، سومرا دور (2 جلد) وغيره.۔۔۔شاهه جي رسالي واري رٿا: شاهه جي رسالي جو جامع مستند ۽ معياري متن شايع ڪرڻ واري هن رٿا تي موجود ڇاپي ۽ قلمي نسخن کي ڀيٽي 10 جلد ڇپايائين، جن ۾ 9-8 گڏيل جلد شاهه جو رسالو ۽ ڏهون جلد شاهه جي رسالي ۾ شامل ڌارئين ڪلام تي مشتمل آهي. تازو 2009 ع ۾ ڊاڪٽر جو تيار ڪيل شاهه جي رسالي جو مستند ۽ سڌاريل ايڊيشن، ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳ خارج ڪيل ڪلام پڻ شامل ڪيو اٿس. ان کان سواءِ شاهه جا مختلف قلمي نسخا ترتيب ڏيڻ سان گڏ شاهه جي ڪلام جي سرچشمن، ترتيب متعلق ڪتابن شايع ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽر شاهه جي مختلف سرن تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ٿيندڙ مذاڪرن ۾ پيش ٿيل مواد کي پڻ ڪيترن ڪتابن جي صورت ۾ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي.۔۔ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام: هن رٿا هيٺ ڊاڪٽر سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي زندگيءَ، دور ۽ ڪلام کي مختلف عالمن ۽ استادن جي مدد سان هٿ ڪري، لکرائي سهيڙيو آهي جنهن ۾ قاضي قادن جو رسالو، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ميين شاهه عنات جو ڪلام، خليفي نبي بخش جو رسالو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، راڳ نامو: صوفي صادق فقير سومرو، رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو، ڪليات حمل، ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، ڪليات سانگي شامل آهن.۔۔سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ موسيقي: ڊاڪٽر جا هنن موضوعن تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو، جتڪي ٻولي، ٻيلاين جا ٻول، سومرن جو دور (2 جلد) چچ نامو، (مقدمو، تدوين ۽ حاشيا) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندن متفرق ڪتابن ۾: سڀ رنگ، مٺي جي مڇي، کاري جي مڇي، منهنجوڳوٺ: جعفر خان لغاري، رهاڻ هيرن کاڻ (8 جلد)، لاکوڦلاڻي، گڏهه،پيارن جا پيغام، سڄڻن جا سلام اچي وڃن ٿا.۔۔۔۔ڊاڪٽر جي اردو ڪتابن ۾ ”سندهه مين اردو شاعري، مولانا آزاد سبحاني، ديوان ماتم،ديوان شوق افزا عرف ديوان صابر، طلبه اور تعليم اچي وڃن ٿا.اهي فارسي ڪتاب، جن جا حواشيه ۽ مقدمه ڊاڪٽر لکي انهن جي علمي ۽ تاريخي حيثيت نروار ڪئي آهي، تن ۾ ”ديوان غلام، لب تاريخ سنڌ، تاريخ طاهري، بيگلار نامه، حاصل النهج، فتح نامه سنده، باقيت از ڪلهوڙا، تاريخ بلوچي، ديوان عطا ٺٽي اچي وڃن ٿا، سندن ايڊٽ ڪيل عربي ڪتابن ۾ نتف من شعر ابي عطا ۽ غزته الزيجات شامل آهن. ڊاڪٽر بلوچ جا انگريزيءَ ۾ شايع ٿيل ڪتابن ۾؛۔۔۔۔۔(1) Teachers Education in Pakistan.۔۔۔۔۔(2) Sindh: Studies (Cultural)۔۔۔۔(3) Sindh: Studies (Historical)۔۔۔۔۔(4) Advent of Islam in Indonesia۔۔۔۔(5) Muslim Luminaries۔۔۔(6) Traditional Arts and Crafts of Hyderabad Region۔۔۔Musical Instruments of the Lower Indus valley of Sindh(8) World of Work۔۔۔ان کان سواءِ ڊاڪٽر جا سنڌ جي تاريخ، تصوف، لطيفات، موسيقي ۽ ثقافت تي ڪيترائي مقالا مختلف رسالن ۾ڇپيل آهن. ڊاڪٽر کي مختلف ايوارڊ: تمغهءِ پاڪستان 1962ع ۽ 1968ع ۾، ستاره قائد اعظم، صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس 1979ع، صدارتي ايوارڊ: اعزاز ڪمال 1991ع، صدارتي ايوارڊ: ستاره امتياز 2001ع ۽ مختلف علمي ادارن طرفان ڪيتريون شيلڊون ۽ نقد انعام پڻ مليا آهن. سندس اهڙي خدمت تي هر ڪو کيس مڃتا ڏئي ٿو.۔۔۔۔۔۔ غلام حسين خاصخيلي خيرپور ميرس جي تاريخ تي ڊاڪٽر صاحب جي گفتگو http://www.youtube.com/watch?v=MB5yZ0_p1iU http://www.youtube.com/watch?v=MB5yZ0_p1iU ڊڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ڪتاب ۔۔۔ نوٽ ۔۔۔ هت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ڪتابن کي هائيپر لنڪ رستي هت رکيا ويا آهن جيڪي توهان ڊاريڪٽ ڪتاب مٿان ڪلڪ ڪري ڊاڪٽر صاحب جا مڪمل ڪتاب پڙهي سگهو ٿا، ياد رهي ته هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي سائيٽ جي مدد سان هت ونڊ ڪيا ويا آهن ۔۔ممتاز علي وگهيو عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو ۔۔۔۔۔ ڪليات حمل ۔۔۔شاهه شريف ٻاڏائي جو رسالو ۔۔۔ مشهور سنڌي قصا ۔۔۔۔رهاڻ هيرن کاڻ ۔۔۔۔ بين الاقوامي اقتصاديات۔۔۔۔مناقبا ۔۔۔ نڙ جا بيت ۔۔۔۔ لوڪ ڪهاڻيون 7 ڳاهن سان ڳالهيون ۔۔۔ لوڪ ڪهاڻيون 6 جانورن ۽ پکين جون ڪهاڻيون ۔۔۔ ۔۔۔۔۔ رسمون رواج، سنوڻ ساٺ ۔۔۔ دودو چنيسر جلد پهريون ۔۔۔ مورڙو ۽ مانگر مڇ ۔۔۔ ڳجهارتون ۔۔۔ قاضي قاضن جو رسالو ۔۔۔ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۔۔۔ سڄڻن جا سلام ۔۔۔ چچ نامو، ۔۔۔لب تاريخ سنڌ، ۔۔۔۔ هڪ يادگار ڳالهه ٻولهه ( علامه ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان ) ۔۔۔ نوٽ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري توهان سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، محترم جناب سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو تاريخي انٽرويو ڏسي ۽ ٻڌي سگهو ٿا، جيڪو ڊاڪٽر صاحب جن هڪ ٽي وي چينل کي ڏنو هو۔ ممتاز وگهيو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو تاريخي انٽرويو سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو تاريخي انٽرويو جيڪو 15 جنوري 1985ع تي حيدرآباد ريڊيو تان نشر ڪيو ويو هو جنهن کي مهراڻ رسالي ۾ پڻ تحريري صورت ۾ آندو ويو هو جنهن کي پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ڏانهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل خط جيڪو اڄ کان تقريبن 53،54، سال پهرين 11،12،1957، ۾ لکيو ويو هو خط موءرخ حيدر آباد 11،12،1957، جناب قبله ڊاڪٽر صاحب وعليڪم السلام و رحمت الله و برڪات و بعد ، اوهان جو خط موءرخ 8 فيبروري پهتو. اوهان جي پهرين خط جو جواب نه ڏيئي سگهيو آهيان. تنهن لاء معافي طلب آهيان. پنج ڇهه ڏينهن موڪل تي رهيس ۽ ان بعد ڪاليجن جي انسپيڪشن جي سلسلي ۽ مشغولي سبب هيء ڪوتاهي ٿئي وئي. اوهان جا احسان جو سراج المصله بابت گڏيل معلمات موڪليو. ان مدد جو شڪريو ادا ڪيو ويندو. سنڌي لغت کي پريس ۾ موڪلڻ توڙي پروف پڙهڻ وقت، ڪيترائي دفعا ڏسڻو پوي ٿو. لغت جي سلسلي ۾ جيتري ڌڻي توفيق ڏني هئي اوتري محنت ڪئي وئي آهي.البته ڪارڪن ۽ ڪاتب پنهنجي معيار موجب ئي ڳهن وهن ٿا. توهان ڪنهن بهتر ڪاتب رکڻ جو مشورو ڏنو آهي.مگر ماڻهو ملڻ مشڪل آهن.ڪتابت جون غلطيون به درست ٿي سگهنديون.اوهان اصولي طور جيڪي اضافا ڪندا سيئي خاص طور مفيد ٿيندا.اوهان ڪافي تنبيهون ۽ ڏوراپا لکيا آهن. مون کي اوهان سان ڪدورت ڪانهي باقي ــــــــــــــــــــــــــــ من يوسوس في صدورالناس ـ جو علاج ئي ڪونهي. علامه قاضي صاحب جن سان محبت ـــ الحب الله ـــ جي جذبي تي مبني آهي نه ذاتي غرض جي بنياد تي. مون تي قاضي صاحب جن جا اوترائي احسان آهن، جيترا اوهان يا ٻين بزرگن جا آهن. منهنجي ناقص خيال ۾ علانه صاحب جن انهن ٿورن شخصن مان آهن جي فيورس جي قطعن خلاف آهن قاضي احمد پنهنجي ڪئي جو پاڻ مالڪ آهي. آء نيڪ نيتي سان تسليم ڪريان ٿو ته علامه قاضي صاحب جن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ هن يونيورسٽي جي وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ هن يونيورسٽي اڃان سندن خدمتن جي محتاج آهي. انهيء جذبي جو اهو مقصد نه آهي ته آء ڪنهن بزرگ جي خلاف آهيان.جاء خالي هجي ته ٻئي بزرگ لاء به ڪوشش ڪجي ها. اوهان اسان کان وڏا آهيو ۽ استاد جي حيثيت رکو ٿا. مگر ڪافي اهي ماڻهو جن توهان جي خوشامد ڪئي يا دلاسا ڏنا سي منافق آهن. سندن محبت توهان سان نه هئي پر سندن پنهنجي ذاتي غرضن سان هئي. سنڌين جا پاڻ ۾ نفاق اسا جي حقيقي مقام توڙي وقار جو خاتمو ڪندا.انهي حال تي البته افسوس ٿئي ٿو . ذاتي طور منهنجي طرف کان ڪنهن به زيادتي جو اوهان کي احساس هجي ته ان لاء تهدل سان بخشائيندس.باقي وچ وارن ماڻهن جون نيتون صاف نه آهن. انهن جي شر کان شل ڌڻي پناه ۾ رکي. مخلص نبي بخش (علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ) ڪتاب سڄڻ ساريندي ( ڊاڪٽر بلوچ جا لکيل خط) تان کنيل انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌي ٻوليءَ جي وينجهر، لوڪ ادب جي پارکو، مهان دانشور ۽ ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، سنڌ سوڳوار حيدرآباد: سنڌي ادب جو ناميارو پهڳڻو عالم، تعليمدان، اديب محقق شاهه لطيف جو پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪالهه دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اربع جي رات جو 3 وڳي ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي واري گهر دل جو دورو پيو، کيس فوري طور حلال احمر اسپتال لطيف آباد نيو ويو، جتي سنڌ جي محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صبح 4 وڳي 94 سالن جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس مڙهه سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي نيو ويو، جتي اطلاع ملندي سنڌي اديب، دانشور، مٽ مائٽ وڏي تعداد ۾ پهچي ويا. مرحوم جي جنازي نماز سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي جي گول پارڪ وٽ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ سنڌ جي سمورن سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 28 جنوري 2003ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وي سي کي خط لکي خواهش ظاهر ڪئي هئي ته کيس علامه آءِ آءِ قاضي جي پيراندي ۾ دفنايو وڃي. ڪالهه صبح جو ناميارو اديب تاج جويو، قلندر شاهه لڪياري، خير محمد بلوچ ۽ ٻيا اديب اهو خط کڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ پهتا ۽ وي سي کي آگاهه ڪيو، جنهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي سندس طرفان وصيعت ۾ لکيل جاءِ تي دفنائڻ جي اجازت ڏني آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو مڙهه ڪالهه شام جو سنڌ يونيورسٽي نيو ويو، جتي علامه آءِ آءِ قاضي پارڪ ۾ هڪ ٻي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ سندس وصيعت موجب کيس هزارين آلين اکين جي موجودگي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي جنازي نماز ۽ تدفين وارين رسمن ۾ سينيئر وزير تعليم پير مظهرالحق، صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، ابراهيم جويو، امر جليل، سگا چيئرمين سليمان شيخ، وڏي وزير جو صلاحڪار سرفراز راڄڙ، سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عقيلي، سنڌ پبلڪ اسڪول جي بورڊ آف گورنرس جي چيئرمين حميد سنڌي، سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻن وائيس چانسلرن مظهرالحق صديقي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڀٽ شاهه ريڊيو اسٽيشن جي ڊائريڪٽر مختيار ملڪ، قمر الزمان راڄپر، فنڪشنل ليگ جي ڪاشف نظام چوڌري، نظام آرائين، زبير ميمڻ، رفيق مگسي، ماجد خاصخيلي، اڳوڻن سيڪريٽرين شريف بلوچ، شمس الدين جعفراڻي، عبدالحميد آخوند، عبدالغفار سومرو، ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، ڊاڪٽر دودو مهيري، غلام نبي مورائي، چاچا محمد علي لغاري، چاچا قاسم سومرو، خليل انصاري، ڊاڪٽر حيدر لاشاري، ڊاڪٽر عزيز سومرو، محمد راهمون، منظور ميمڻ، ارشد ميمڻ، انعام شيخ، سيد زوار نقوي، اشتياق انصاري، ڊاڪٽر نواز علي شوق، پروفيسر اعجاز قريشي، سيد ساجد علي شاهه، پروانو ڀٽي، محمد علي مانجهي، اسلم بلوچ، ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد امداد ڪيريو، عوامي تحريڪ جو اڳواڻ سيد عالم شاهه، سرور نواز ٻگهيو، غلام حسين سچاروي، محمد علي ڏيپلائي، ڊاڪٽر يعقوب مغل، ڄامشورو جوائنٽ وينچر جو ايم ڊي اشفاق لغاري، اسحاق سميجو، مرتضيٰ سيال، نذير عرساڻي، سرفراز لغاري، استاد امير علي اڳوڻو ڊي جي صحت ڊاڪٽر غلام محمد ميمڻ، عبدالجبار عباسي، قاضي خادم، محمد عثمان منگي، نواز ڪنڀر، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ افضل گجر، ميرپورخاص يونيورسٽي ڪيمپس جو پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر عنايت بلوچ، سنڌ نيشنل فرنٽ جو سيڪريٽري ايوب شر، نياز لغاري، نامياري قانوندان جهمٽ مل، زيب سنڌي، حفيظ قريشي، طاهر اقبال، مولوي مشتاق احمد، ڊاڪٽر ايوب شيخ، نامياري اداڪار قيصر نظاماڻي، ڪراچي آرٽس ڪائونسل جو صدر احمد شاهه، سنڌ ميوزيم جو ڊائريڪٽر ايوب جمالي، نفيس احمد ناشاد، محبوب ابڙو، الطاف آگرو، تيمور شاهه ڄاموٽ ۽ ٻيا شامل آهن. مرحوم جو تڏو قاسم آباد ۾ سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي واري گهر ۾ وڇايو ويو آهي، جتي سندس پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. مرحوم نبي بخش بلوچ جو ٽيجهو سڀاڻي وچئين ۽ سانجهي جي نماز جي وچ ۾ جمعي جي ڏينهن ٿيندو. هوڏانهن صدر آصف علي زرداري، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا، وفاقي وزير مخدوم امين فهيم، وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، اياز سومرو، عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي چيئرمين قاضي اسد عابد، شازيه مري، سسئي پليجو، جماعت اسلامي سنڌ جي امير مولانا اسدالله ڀٽو، سيد علي مردان شاهه، سيد مراد علي شاهه، سيد علي نواز شاهه رضوي، منظور وساڻ، ايم اين اي نواب وساڻ، سڌسماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، تاج حيدر ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي محقق، دانشور، تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي هڪ هفتو سوڳ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ گهر شماري کان سواءِ باقي سموريون سرگرميون معطل هونديون. سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، مهرالنساءَ لاڙڪ ۽ ٻين جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سڄي زندگي سنڌي ادب، تعليم، تحقيق کي ارپي، لوڪ ادب تي تحقيق ۽ ان کي سهيڙڻ وارو ڪم تاريخ جو اهم حصو آهي. سندس وڇوڙي جو خال وڏي عرصي تائين ڀرجي نه سگهندو. هوڏانهن پ پ ڪلچرل ونگ سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير جي خاص معاون سرفراز راڄڙ به ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي 10 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي ۽ 10 ڏينهن تائين تنظيمي سرگرميون معطل رهنديون. هڪ وڏي عالم جو وڇوڙو واحد پارس هيسباڻي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اڄ جڏهن اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي ته هڪ وڏو خال محسوس ٿي رهيو آهي. سنڌ جي هن نامور عالم، اديب، لسانيات جي ماهر ۽ لطيف جي پارکو جو ڪيل سمورو ڪم سون آهي، پر خاص ڪري لوڪ ادب جي حوالي سان سندس ڪيل ڪم بي مثال آهي. پاڻ جيڪڏهن ائين چئون ته لوڪ ادب کي زمين کان آسمان تي کڻي ويندڙ ڊاڪٽر بلوچ آهي ته اهو غلط نه ٿيندو. لوڪ ادب تي سندس لکيل 42 ڪتاب ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. هن اهو ڪم ٿڌي ڪمري ۾ ويهي نه ڪيو آهي، پر ان لاءِ سنڌ جا جهنگ جهر رُلي ۽ مشاهدو ماڻي هي سڀ ڪجهه ڪيو اٿائين. هن شخص پنهنجي 94 سالن جي ڄمار ۾ سچ ته ڪيترين ئي صدين جيترو ڪم ڪيو آهي، جنهن سان ڪن هنڌن تي اختلاف ته ڪري سگهجي ٿو، پر سندس محنتن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. هن جي ڪوششن سان ئي سنڌ ۾ سگهڙائپ واري فن کي هٿي ملي ۽ ڪيترائي گمنام سگهڙ منظرعام تي آيا. ڊاڪٽر بلوچ جا لوڪ ادب تي لکيل هونئن ته سمورا ڪتاب پڙهڻ وٽان آهن، پر خاص ڪري سندس هي ڪتاب: ’سنڌي لوڪ ڪهاڻيون‘ (ست جلد)، ’مداحون ۽ مناجاتون‘، ’سنڌي سينگار شاعري‘، ’نڙ بيت‘، ’مناظرا‘، ’سنڌ جا عشقيه داستان‘، ’ٽيهه اکريون‘، ’هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا‘، ’جنگناما‘، ’واقعاتي بيت‘، ’مشهور سنڌي قصا‘ (ٻه جلد)،’رسمون رواج ۽ سنئوڻ ساٺ‘ دلچسپي توڙي معلومات سان ڀرپور آهن. هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اسان کي پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ ريتن رسمن بابت کوڙ ساري معلومات ملي ٿي.16 ڊسمبر 1917ع تي ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪيئن پڙهيو ۽ ڪيئن ان منزل تي پهتو، اها به هڪ الڳ درد ڀري ڪهاڻي آهي. هڪ غريب جو ٻار ڳوٺ پليي خان لغاري جي پرائمري اسڪول کان نوشهروفيروز جي مدرسي ۽ اتان جهونا ڳڙهه ڪاليج تائين ڪيتري جفاڪشي سان پهتو ۽ اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌي فائنل پاس ڪرڻ کي ئي وڏي ڳالهه سمجهيو ويندو هو ۽ ان تائين رسائي به عام ماڻهو لاءِ ممڪن نه هئي. هن شخص جو مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ پهچڻ ۽ اتان ايم اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪرڻ ۽ اتان ئي وري وڪالت جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪرڻ سندس همت جو ثبوت آهي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي مختلف انٽرويوئن ۾ ٻڌايو آهي ته اڪثر ڪري وٽس ايترا پئسا به نه هوندا هئا جو ماني کائي سگهي، پر باوجود ان جي هن حوصلو نه هاريو ۽ محنت ڪري پنهنجو مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو.اڄ جي جديد دور ۾ به پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺڻ وڏي جگر گڙدي جو ڪم آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان 1949ع ۾ ايڊيوڪيشن جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪيريئر ۾ اهم ذميوارين تي رهيو. سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر، پوءِ ڊائريڪٽر، ڊين ۽ وائيس چانسلر بڻيو، وفاقي وزارت تعليم ۽ ثقافت جو سيڪريٽري رهيو، اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿيو. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ جو ڊائريڪٽر ٿيو. سنڌي ٻولي اٿارٽي حيدرآباد جو باني چيئرمئن رهيو، نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت واريون ذميواريون نڀايائين، زندگي جي آخري گهڙين تائين علامه آءِ آءِ قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽي جي اعزازي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو، پر ايترين سارين ذميوارين ۽ مصروفيتن باوجود هن هي ايڏو وڏو تحقيقي ڪم به ڪري ڏيکاريو، جيڪا يقيناً وڏي ڳالهه آهي ۽ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ عمر جي آخري ڏينهن ۾ صحت جي ساٿ نه ڏيڻ باوجود تحقيقي ڪم مان هٿ نه ڪڍيو، لکڻ پڙهڻ سان سندس هن ڪمٽمينٽ کي ڏسي ماڻهو دنگ رهجي وڃي ٿو. اهڙي عمر ۾ جڏهن اڪثر ماڻهو آرام ڪرڻ ۽ پنهنجا گناهه بخشرائڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، ان عمر ۾ به ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي علمي، ادبي تحقيقي ڪم ۾ مصروف رهيو. طبيعت جي ناچاڪي باوجود سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملندڙ علمي ادبي تقريبن جي دعوتن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو قومن جو سرمايو هوندا آهن، جيڪي پاڻ کي تڪليفون ڏئي، پنهنجون ننڊون ڦٽائي، تتي، ٿڌي ۾ جهرجهنگ جهاڳي، پنهنجي ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ چاهيندا آهن. اهڙن ماڻهن جا سچ ته پنهنجين قومن تي تمام وڏا احسان هوندا آهن، جيڪي اهي احسان ڪڏهن به لاهي نه سگهنديون آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جيڪي علمي، ادبي خزانا اسان وٽ ڇڏي ويو آهي، ان تي پوري قوم سندس ٿورائتي آهي.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لوڪ ادب کان پوءِ جيڪو ٻيو وڏو ڪم آهي، اهو آهي شاهه سائين تي تحقيق. هن شاهه سائين جي جامع، مستند ۽ معياري متن شايع ڪرڻ واري رٿا تي ڪم ڪري موجود ڇپيل ۽ قلمي نسخن کي ڀيٽي 10 جلد ڇپرايا، جن ۾ 9-8 گڏيل جلد شاهه جو رسالو ۽ ڏهون جلد شاهه جي رسالي ۾ شامل ڌارئين ڪلام تي مشتمل آهي. اهو بلوچ صاحب جو تمام وڏو ڪم آهي. ڊاڪٽر بلوچ نه رڳو لطيف سائين تي پر سنڌ جي ٻين صوفي شاعرن تي پڻ تحقيقي ڪم ڪيو آهي ۽ انهن جي ڪلام کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو آهي. جن ۾: قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، خليفو نبي بخش، شاهه شريف ڀاڏائي، صوفي صادق فقير سومرو، غلام محمد خان زئي، حمل فقير، نواب ولي محمد خان لغاري، مير عبدالحسين سانگي ۽ ٻيا شاعر شامل آهن. هن انهن جا رسالا ترتيب ڏئي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيا آهن. ساڳئي نموني موسيقي جي حوالي سان پڻ سندس تحقيقي ڪم شاندار آهي، ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ’سنڌي موسيقي جي تاريخ‘ معلومات جي خزاني سان ڀرپور آهي، جيڪو پڙهڻ کان پوءِ سنڌي موسيقي جي بڻ بنياد توڙي سازن آوازن جي ڄاڻ ملي ٿي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ تي پڻ وڏو ڪم ڪيو آهي. انهن موضوعن تي هن جا لکيل ڪتاب: ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘، ’سنڌي ٻولي جو آڳاٽو منظوم ذخيرو‘، ’جتڪي ٻولي‘، ’ٻيلاين جا ٻول‘، سومرن جو دور‘ (2 جلد)، ’چچ نامو‘ (مقدمو، تدوين ۽ حاشيا) پڙهڻ وٽان آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دريائي ۽ سامونڊي مڇين تي به تحقيق ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ’مٺي جي مڇي‘ ۽ ’کاري جي مڇي‘ مڇين جي نسل، واڌ ويجهه واري عمل، شڪل صورت ۽ ذائقي وغيره بابت سٺي معلومات فراهم ڪن ٿا. هن شاهه سائين جي ڪلام جي ڪردارن تي پڻ تحقيق ڪئي آهي، جنهن ۾ لاکي ڦلاڻي بابت سندس تحقيق منفرد حيثيت رکي ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، پاڻ نه رڳو سنڌي ٻولي جو ماهر هو، پر کيس انگريزي، عربي ۽ فارسي وغيره تي به عبور حاصل هو ۽ هن انهن ٻولين ۾ به ڪم ڪيو. سنڌ جي ثقافت بابت کيس وڏي ڄاڻ هئي، هو سنڌ جي ريتن رسمن، رهڻين ڪهڻين، ڪچهرين ۾ ٻولجندڙ گفتن کان چڱي طرح واقف هو ۽ کيس چوڻين، ڳجهارتن جي به وڏي خبر هئي. سچ ۾ هي پنهنجي ذات ۾ هڪ انسائيڪلو پيڊيا هو، جنهن ٿوري عرصي ۾ وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. سندس ڪيل پورهيي مان نه رڳو هاڻوڪو نسل فائدو حاصل ڪري پيو، پر ايندڙ نئون نسل به فائدو حاصل ڪندو. بلڪه هن جو پورهيو نسل در نسل لاڀ ڏيندو. اڄ سنڌ هڪ وڏي عالم کان محروم ٿي وئي آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي کوٽ شدت سان محسوس ٿيندي بشڪريه عبرت . تحقيق جو باب بند، سنڌ لاءِ نور نچوڙيندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ڌرتي سيني ۾ سمائي ڇڏيو حيدرآباد (رپورٽ: امتياز چانڊيو) سنڌ جو دانشور، محقق، تعليم دان ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ دل جو دورو پوڻ سبب 94 سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، گذريل رات فجر ويل دل جو دورو پوڻ سبب کيس هلال احمر اسپتال لطيف آباد ۾ پهچايو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مڙهه سندس ناٺي جي گهر مسلم هائوسنگ سوسائٽي قاسم آباد ۾ آندو ويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لاڏاڻي واري خبر سڄي سنڌ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي ۽ ادبي، سياسي، سماجي حلقن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي ۽ سوين اديب، دانشور، ساڃاهه وند، ليکڪ، سياسي، سماجي اڳواڻ، چونڊيل نمائندا، ثقافت کاتي جا آفيسر، سندس چاهيندڙ، مٽ مائٽ مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ پهچي ويا ۽ ڪالهه شام جو ٽيپهري ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جنازي نماز مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه سندس وصيت موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نامياري اسڪالر ڊاڪٽر علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار جي پيرانديءَ کان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 16 ڊسمبر 1917ع ۾ سنجهوري لڳ ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ علي محمد لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1924ع ۾ ڳوٺ پليي خان لغاري جي اسڪول ۾ داخل ٿيو، ان کان پوءِ ڳوٺ 22 جمڙائوءَ ۾ پڙهيو، 1929ع ۾ نوشهري فيروز جي مشهور مدرسي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي، 1936ع ۾ جهونا ڳڙهه ڪاليج ممبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، 1941ع ۾ ممبئي يونيورسٽي مان بي آنرز جو امتحان فرسٽ ڊويزن ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين، 1943ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم اي جو امتحان فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري ساڳئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايل ايل بي جو امتحان فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيو، 1947ع ۾ ڪولمبا يونيورسٽي نيو يارڪ مان ايڊيوڪيشن جي موضوع تي ايم اي ڪيائين ۽ 1949ع ۾ ساڳئي موضوع تي ساڳي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين، پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ کي اقوام متحده ۾ نوڪري جي آڇ ٿي، پر هن قبول نه ڪئي، 1950ع ڌاري انفارميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن ۾ او ايس ڊي مقرر ٿيو، ان بعد مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي دمشق جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ تعلقات عامه شعبي ۾ مقرر ٿيو، پر ڊاڪٽر بلوچ تعليم ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ان عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جي ترغيب تي سيپٽمبر 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ پهريون پروفيسر پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فيڪلٽي آف ايڊيوڪيشن بڻيو، ڊاڪٽر بلوچ ڊسمبر 1973ع کان جنوري 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهيو، جنوري 1976ع کان ۹ مارچ 1979ع تائين وفاقي وزارت تعليم ۽ ثقافت ۾ آفيسران اسپيشل ڊيوٽي سيڪريٽري ٿي رهيو، ان عرصي دوران فيڊرل روينيو بورڊ جو ميمبر 1978ع، 1979ع ۽ ميمبر پي ڪميشن اسلام آباد رهيو، پهرين جولاءِ کان 10 آڪٽوبر 1979ع تائين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ جو ڊائريڪٽر رهيو، 1980ع کان آگسٽ 1983ع تائين اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر رهيو، 1983ع کان 1989ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو صلاحڪار رهيو، 1991ع کان 1993ع تائين سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ سکيا لاءِ قائم ڪيل اداري سنڌي لينگويج اٿارٽي جو باني چيئرمين ٿي رهيو، 1993ع جي آخر ۾ سنڌ حڪومت ۾ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت رهيو، 1991ع کان هن وقت تائين علامه آءِ آءِ قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽي جي اعزازي ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، ان کان سواءِ ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ادارن جو ميمبر پڻ رهيو. هن نه صرف سنڌي ۾ بيشمار ڪتاب لکيا پر فارسي، اردو ۽ انگريزي ۾ پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو رسالو ڏهه جلدن ۾ ترتيب ڏنو، سنڌي ٻولي جي مختلف صنفن جا 46 جلد لکيا، چچ نامي کي سنڌي رنگ ڏنو ۽ سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي لغت پڻ تيار ڪيا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سندس خدمتن عيوض پرائيڊ آف پرفارمنس، تمغه امتياز، ستاره قائداعظم، هلال امتياز ۽ صدارتي ايوارڊ کانسواءِ ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو. ڊاڪٽر بلوچ جو واسطو غريب ڪٽنب سان هو. هو اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس والد علي محمد خان لغاري لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن بعد سندس پرورش سندس چاچي ولي محمد لغاري ڪئي، ان کانسواءِ لغاري برادري جي چڱي مڙس حاجي الله بخش لغاري ۽ ان جي استاد حاجي سومر خان لغاري تعليم پرائڻ ۾ سندس وڌيڪ مدد ڪئي. سنڌ جي عظيم ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وصيت موجب سندس تدفين سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار جي پيراندي واري پاسي ڏکڻ طرف کان ڪئي وئي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي زندگي دوران 28 جنوري 2003ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي وي سي ڊاڪٽر مظهرالحق صديقي کي خط لکي اها خواهش ظاهر ڪئي هئي ته کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي پيراندي کان دفنايو وڃي. ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب ”ورلڊ آف ورڪ“ ۾ صفحي نمبر 734 ۾ اهو خط شايع ٿيل آهي، هن لکيل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته هو سنڌ يونيورسٽي جو پهريون ريزيڊنشل ٽيچر هو، هن خط ۾ ڄاڻايو هو ته جيتوڻيڪ هن وقت منهنجي صحت صحيح آهي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جي چيئر پروفيسر طور ڪم ڪريان پيو، پر عمر جي ان حصي تي پهچي چڪو آهيان جو آئون پنهنجي باب جي پڄاڻي جي حوالي سان ڪا رٿابندي ڪريان ۽ جڏهن به آئون وفات ڪريان ته مون کي ان تحت آخري آرامگاهه لاءِ جاءِ ڏني وڃي، سنڌ يونيورسٽي سان ڊگهي وقت تائين تعلق رهيو اٿم، ڪالهه اديب تاج جويو، قلندر شاهه لڪياري، خير محمد بلوچ ۽ ٻيا اديب اهو خط کڻي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر نذير مغل وٽ پهتا، جنهن بعد سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مڙهه علام آءِ آءِ قاضي جي مزار ڀرسان دفنائڻ جي اجازت ڏني، ڊاڪٽر بلوچ جي جنازي نماز ڪالهه شام ۵ وڳي ڌاري سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي جي گول پارڪ ۾ ادا ٿي، جنهن بعد سندس مڙهه سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.ٻئي طرف صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت اهم شخصيتن سنڌ جي نالي واري محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي دلي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي نالي واري محقق، اسڪالر، اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي، اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم، ڄام مدد علي، امتياز شيخ، شرجيل انعام ميمڻ، عبدالرزاق راهمون، نصرت سحر عباسي، ناصر پنهور، امان الله شيخ، نزهت پٺاڻ، جادم منڱريو، پير آف هالاڻي سيد وسيم شاهه ۽ ٻين دلي ڏک جو اظهار ڪيو. هوڏانهن سنگت گلشن حديد جي سيڪريٽري امر پيرزادي، رئوف نظاماڻي، اياز جاني، غفور ميمڻ، دانش کوسي، غوث پيرزادي ۽ غني ڪانڌري پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لاڏاڻي تي گهري صدمي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ ۾ سوڳ، تعزيتي ميڙاڪا، بلوچ کي زبرست ڀيٽا ڪراچي (نمائندن وٽان) نالي واري محقق ڊاڪٽر نبي خان خش بلوچ جي لاڏاڻي تي سڄي سنڌ ۾ سوڳ رهيو. ڪيترن ئي شهرن ۾ تعزيتي ميڙاڪا ڪري ڊاڪٽر بلوچ جي سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن تي زبردست ڀيٽا ڏني وئي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ، وائيس چيئرمين رفيق احمد جعفري، سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن، سيڪريٽري ماليات عبدالرحمان سيال، سيڪريٽري تعليم ثريا ميمڻ ۽ ٻين مرڪزي عهديدارن، سنڌ جي ڏاهي، مفڪر، ماهر تعليم، دانشور، سنڌي ٻولي ۽ شاهه لطيف جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي اوچتي وفات تي دل جي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ايسوسيئيشن وڌيڪ چيو آهي ته اهڙيون شصيتون سنڌ صدين ۾ پيدا ڪندي آهي ۽ هاڻي مرحوم بلوچ جي لاڏاڻي کان پوءِ سنڌ ۾ وڏي عرصي لاءِ اهڙي عظيم شخصيت جو خال رهندو ۽ سنڌ هڪ اهڙي شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. جنهن جون تعليمي ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ انمول خدمتون رهيون. اسحاق ادبي فورم جي اڳواڻن جبار تاثير سومري ۽ ٻين طرفان ڏک جو اظهار ڪندي 2 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ احمد خان جمالي، عوامي آواز جي مئنيجنگ ايڊيٽر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ سرور سهتي پڻ ڏک جو اظهار ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عالم، لوڪ ادب جي محسن لطيف جي پارکي ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وفات تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ اياز ادبي اوطاق طرفان تعزيتي ريفرنس ٿيو، جنهن کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري مشتاق بخاري چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ ۽ سنڌي ادب جي اهڙي محسن شخصيت آهي، جنهن جي وفات سبب سنڌي ادب جو وڏو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو ازالو صدين تائين ٿيڻ ناممڪن آهي. ريفرنس ۾ بيماري باوجود خاص شرڪت ڪندي اديب محمد علي پٺاڻ چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ادارن جو مجموعو هو. سرمد چانڊيي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ علي ڳڙهه يونيورسٽي مان عالم جي ڊگري حاصل ڪري آيو هو. هن لوڪ ادب تي ڀرپور ڪم ڪندي 40 کان وڌيڪ جلد ڏنا. ميڙاڪي ۾ عزيز قاسماڻي، عنايت ميمڻ، احمد علي صابر، عزيز منگي، استاد گل دايو، ڊاڪٽر ساغر ابڙو ۽ ٻين پڻ ناليواري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ادب لاءِ ڪيل خدمتن تي روشني وڌي. ٽنڊي باگي جي اديبن، شاعرن، صحافين سماجي ورڪرن طرفان سنڌ جي لوڪ ادب کي عالمي مڃتا ڏياريندڙ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وڇوڙي تي پروفيسر محمد خان سمون، پروفيسر محمد اسماعيل ميمڻ شاعرن الهه بچايو راهڪڙي، سيد نزاڪت شاهه، منظور سمي، فراق هاليپوٽي، اديب ۽ صحافين محمد عثمان، اشفاق ميمڻ، يوسف ميراڻي، غلام رسول ڀان، مظفر حسين خواجا، نصرالله جروار، شير علي، محمد اسحاق ميمڻ، الهه بخش ڪاتيار، انور علي، سهيل سمون، محمد سليمان سگا جي صدر محمد رفيق، فنڪشنل ليگ جي خليفي غلام مصطفيٰ ڪلهوڙي ۽ ٻين ڏک جوا ظهار ڪيو آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسد الله ڀٽو جي نالي واري اديب، محقق، ڏاهي، عظيم اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وفاتتي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌي قوم اڄ هڪ عظيم اسڪالر کان محروم ٿي وئي آهي. جنهن جو صدين تائين خال ڀرجڻ ناممڪن آهي. نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جنازي نماز پير ڳوٺ جي مسجد جي پيش امام مفتي محمد رحيم سڪندري پڙهائي، جڏهن ته جنازي نماز ۾ محمد ابراهيم جويو، امر جليل، حميد سنڌي، انعام شيخ، پروفيسر اعجاز قريشي، تاج جويو، نصير مرزا، صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ، شاعر امداد حسيني، صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي مظهرالحق صديقي، هادي بخش جتوئي، قاضي خادم، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، مرتضيٰ سيال، غلام علي الانا، جي اين مغل، فقير منٺار مڱريو، غلام نبي مورائي، ڪاشف نظاماڻي، حافظ محمد انس راڄپر، عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، عنايت بلوچ، سيد عالم شاهه، شمس جعفراڻي، نواب علي شوق، محمد علي ڏيپلائي، حميد آخوند، پروانو ڀٽي، ايوب شيخ، زوار نقوي، قيصر نظاماڻي، بچل سانگري، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، مقبول ميمڻ ۽ رحمان ڏنو مهيسر سميت وڏي انگ ۾ اديبن، دانشورن، شاعرن، مداحن، سياسي، سماجي اڳواڻن، چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي. هوڏانهن سندس تڏي تي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو، صوبائي وزير پير مظهرالحق، نسرت سحر عباسي، محمد عثمان منگي، اسلم بلوچ سميت سوين ماڻهن پهچي ڊاڪٽر بلوچ جي پونيئرن سان ڏک جو اظهار ڪيو. بشڪريه عوامي آواز ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ تاريخ هو، خال ڪڏهن به نه ڀربو، سنڌ ننڌڻڪي ٿي وئي: سنڌ، هند جا اديب، دانشور حيدرآباد/نئين دهلي (بيورو/م ڊ) سنڌ ۽ هند جي اديبن ، دانشورن، ليکڪن،ڪالم نويسن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي وڇوڙي کي سنڌ لاءِ سخت هاڃيڪار قرار ڏيندي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ دانشور ابراهيم جويي چيو ته ڊاڪٽر جو وڇوڙو وڏو الميو آهي، هن سنڌ ۾ علم ۽ ادب، تاريخ، ثقافت تي لکي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. هن چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو، سنڌي ڊڪشنري جهڙا ڪتاب ڏنا، سندس جاءِ ڀرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. ليکڪ امر جليل چيو ته ڊاڪٽر بلوچ هڪ جنم ۾ جيترو ڪم ڪيو آهي، اهو ڏهه جنمن ۾ به نٿو ڪري سگهجي. هن جيترو مواد گڏ ڪيو، ان جيترو به مواد موجود آهي، جنهن کي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صوبائي وزير پير مظهرالحق ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر بلوچ واحد غير تڪراري علمي، ادبي شخصيت هو، سندس وڇوڙي سان سنڌ جي تعليم ننڌڻڪي ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ اهڙو هيرو هو، جنهن سڄي ڄمار علم، ادب کي ارپي ڇڏي، ڊاڪٽر بلوچ جهڙا هيرا پوري ملڪ ۾ ورلي ملندا. صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان چيو ته ڊاڪٽر بلوچ هڪ ادارو هو، جنهن سنڌي زبان جي خدمت ڪئي، سنڌ ماءُ، ادب جي سڃاڻپ ڪرائي، سندس وڇوڙي کي صدين تائين وساري نٿو سگهجي، هن جهڙو اديب نه مليو ۽ نه ملندو. اديب غلام علي الانا چيو ته هو هن صديءَ جو تمام وڏو نالو هو، هن ادب جي هر ميدان تي لکيو ۽ سندس لغت نويسي، تحقيق وڏي سڃاڻپ رکي ٿي. اديب حميد سنڌي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ نه وسرندڙ عظيم ماڻهن مان آهي، جنهن کي ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين نه صرف سنڌ پر دنيا جا ماڻهو ياد رکندا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڊائريڪٽر نصير مرزا چيو ته ڊاڪٽر بلوچ عظيم ۽ شفيق انسان هو، سنڌ 21هين صدي جي تمام وڏي عالم ۽ ليکڪ کان محروم ٿي وئي آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي چيو ته سنڌ جي تاريخ، ثقافت، علم ۽ ادب جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو. صوبائي اسيمبلي جي ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جو لاڏاڻو نه صرف سنڌ پر پوري پاڪستان جو ڏکوئيندڙ واقعو آهي. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته بلوچ جي وڇوڙي سڄي سنڌ کي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جو وڇوڙو تمام ڏکوئيندڙ واقعو آهي، هن ايڏو وڏو خال ڇڏيو آهي، جيڪو صدين تائين آساني سان ڀرجي نه سگهندو. فقير منٺار مڱريي چيو ته اسان کي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي جو سنڌ جي تاريخ رکندڙ محقق اسان کان جدا ٿي ويو آهي، هن ان دور ۾ لکيو، جنهن وقت انگريزن جون سختيون هيون. هن پاڳاري خاندان سان گهڻو وقت گذاريو. انعام شيخ چيو ته ڊاڪٽر بلوچ تاريخ هو، هن علم، ادب ۽ ثقافت جي وڏي خدمت ڪئي، هو اڄ به اسان سان روحاني طرح گڏ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي فرزند ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ پنهنجي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته بابا سڄي سنڌ جو اثاثو آهي، بابا سنڌ يونيورسٽي جي 50 سال خدمت ڪئي، هن 100 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، شاهه جي رسالي تي تحقيق ۽ ان کي مرتب ڪرڻ جي حوالي سان وڏو ڪم ڪيو. نامياري تعليم دان ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ علم تي لاجواب ڪم ڪيو، سندس وڇوڙي سبب پيدا ٿيل خال ڀرجڻ ڏکيو آهي. نامياري اديب ڊاڪٽر محمد علي ڏيپلائي چيو ته اسان کان اعليٰ درجي جو ادبي، علمي ۽ تحقيقي عظيم انسان وڇڙي ويو آهي. شاعر اشتياق انصاري جو چوڻ هو ته جيترو قلمي پورهيو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اڪيلي سر ڪيو آهي، اوترو سنڌ جي سمورن اديبن ۽ محققن گڏجي به نه ڪيو آهي. نامياري اديب تاج جويي چيو ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ادب کي سهيڙيو سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. نامياري اديب بدر ابڙي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ هڪ جنم ۾ ٽن جنمن جيترو ڪم ڪري ويو آهي. تاريخدان گل محمد عمراڻي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ فقط سنڌي ٻولي جو نه پر عالمي سطح جو عالم هو، جنهن سخت محنت ڪرڻ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ پاڻ مڃرايو، دهلي مان هيري ٺڪر چيو ته سنڌ جي هن عظيم عالم جي وفات نه رڳو سنڌ لاءِ پر هند جي سنڌي اديبن ۽ ادب لاءِ به اوتروئي ڏکوئيندڙ ۽ هاڃيڪار آهي. هن ڏکوئيندڙ واقعي تي هند جا سمورا سنڌي اديب سنڌ جي اديبن سان ڏک ونڊيندي اهو افسوس ٿا ڪريون ته سنڌ کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙو اسڪالر پيدا ڪرڻ ۾ صديون لڳي وينديون. بلوچ جو وڇوڙو وڏو نقصان، خال ڀرڻ لاءِ صديون لڳنديون: قائم علي شاهه ( سنڌ جو وڏو وزير ) ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سنڌي ٻولي جي ناليواري اديب، محقق، دانشور ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وفات تي پنهنجي گهري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي سڄي ڄمار سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب، سگهڙن جي تخليقي صلاحيتن، سنڌي گرامر، مختلف علمي ادبي شخصيتن جي قلمي ڪوششن کي اجاگر ڪرڻ ۽ خاص طور شاهه لطيف جي شاعري جو مستند، جامع ۽ مڪمل ”شاهه جو رسالو“ مرتب ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي پوري زندگي ان ئي ڪوشش ۾ گذاري ڇڏي. سيد قائم علي شاهه ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي وفات کي سنڌي علم ۽ ادب ۽ سنڌي زبان لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جي لاڏاڻي سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي. اهو صدين تائين ڀرجي نه سگهندو. هن مرحوم جي مغفرت ۽ پونيئرن کي صبر جي دعا ڪئي آهي. بشڪريه عوامي آواز دي ليجنڊ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ زرار پيرزادو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تحقيق جي ميدان ۾ ڪيل اهو يادگار ۽ تاريخي ڪم ئي آهي جو سندس نالو کڻڻ يا ٻڌڻ سان ئي تاريخ ۽ تحقيق جو موضوع ذهن تي تري ايندو آهي.سنڌ جي تاريخ ۽ تحقيق بابت جڏهن به ڪي مستند حوالا ڏنا ويندا آهن ته انهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ريفرنس به ضرور شامل هوندو آهي.ڊاڪٽر بلوچ انهن ليجنڊس مان هڪ هو، جن پاڻ کي مليل مانُ، مرتبو ۽ شان جيئري پنهنجين اکين سان ڏٺو.اسان وٽ برابر ادارا نه پر شخصيتون ڪم ڪنديون آهن پر ڊاڪٽر بلوچ نه صرف پنهنجي ذات ۾ پاڻ ادارو هو پر هو ساڳئي وقت سنڌ جي ڪيترن ئي علمي ۽ تحقيقي ادارن جو خالق ۽ باني به رهيو ته سربراهه بڻجي به خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو هو.ڪهڙو به دور هجي، ڪهڙي به حڪومت هجي ۽ ڪهڙو به حڪمران هجي ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي تحقيق لاءِ مليل ڪم واري موقعي کي ڪنهن ريت به هٿان نه وڃائيندو هو.ڊاڪٽر بلوچ پاڻ کي روايتي محققن جيان صرف ڪتابن ۽ لائبريرين تائين محدود نه رکيو پر تاريخي ڪتابن ۾ موجود مواد ۽ روايتن جي تصديق لاءِ فيلڊ ۾ وڃي اپ ڊيٽ به ڪندو هو ته ان ۾ اضافو به ڪندو ايندو هو.انور پيرزادو صاحب چوندو هو ته اسان ڪنهن به تاريخي يا قديمي ماڳ تي ويندا آهيون ته اتان جا مقامي ماڻهو پڇڻ تي ٻڌائيندا آهن ته ”ٻيو ته نه پر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هتان ضرور ٿي ويو آهي ۽ پنهنجن پيرن جا نشان ڇڏي ويو آهي“.بيشڪ سندس سڄي ڄمار علم ۽ تحقيق جي جاکوڙ ۾ گذري، هڪ ته ان ڪم جي وسعت ۽ اهميت جو کيس چڱيءَ ريت احساس به هو ته اونو به هو ٻيو ته ان ڪم ڊاڪٽر صاحب کي ايڏي لذت ڏني جو هو ان ذوق ۾ سندس پنهنجي بزرگيءَ جي تقاضائن، بيمارين بڙين ۽ علاجن ڏانهن ڌيان ئي نه ويو، موت ته ڄڻ کيس ياد ئي نه هو.هو 94ع سالن جي عمر ۾ به تحقيقي ڪم لاءِ صفا سپر فٽ هو ۽ ان جهور عمر ۾ به هو نوجوانن کان گهڻو تڪڙو ۽ اڳڀرو هو، سيمينارن ۾ ڏسو، ورڪ شاپن ۾ ڏسو يا فيلڊ ۾ ڊاڪٽر بلوچ هر هنڌ روشن سج جيان موجود نظر ايندو هو.ڪم کان رٽائرمينٽ جو لفظ ته ڄڻ سندس زندگي جي ڊڪشنريءَ ۾ شامل ئي نه هو، موت ئي اها واحد طاقت هئي جيڪا کيس ان تحقيقي ڪم ڪرڻ کان روڪي پئي سگهي.پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته موت جي آڏو به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو جنهن تاريخ، ٻولي، ثقافت، لوڪ ادب ۽ ڀٽائي تي بقول بدر ابڙي جي ته: ”هڪ جنم ۾ ٽن جنمن جيترو ڪم ڪري ڇڏيو آهي بشڪريه عوامي آواز“. سنڌ جو عالمي مڃتا ماڻيل محقق، عالم ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو حيدرآباد/ڄامشورو (رپورٽ:سکر لاشاري ۽ نديم پنهور) 21هين صدي جو برک محقق، عالم، اديب، اسڪالر ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گذريل رات دير سان دل جو دورو پوڻ سبب 94 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مڙهه کي سندس وصيت تحت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي پيراندي طرف کان سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڊاڪٽر بلوچ کي گذريل رات 3 وڳي ڌاري دل جو دورو پيو، جنهن بعد کيس علاج لاءِ لطيف آباد ۾ واقع هلال احمر اسپتال آندو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر بلوچ جي مڙهه کي قاسم آباد جي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ سندس ناٺي عرض محمد خان جي گهر آندو ويو، ڊاڪٽر بلوچ جي وڇوڙي جي ڄاڻ ملڻ تي سنڌ جا اديب، تعليمي ماهر، مختلف پارٽين جا سياسي اڳواڻ، شاعر، ليکڪ ۽ مرحوم جا مائٽ عزيز وڏي انگ ۾ پهتا، جنهن کانپوءِ سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي جي پارڪ تي تنبو هڻي اتي تڏو وڇايو ويو، شام جو 5 وڳي ڌاري ڊاڪٽر بلوچ جي جنازي نماز پڙهائي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي جنازي نماز پيرڳوٺ جي درگاهه شريف جي عالم مفتي محمد رحيم سڪندري پڙهائي، ڊاڪٽر بلوچ پونئيرن ۾ 5 پٽ محمد شريف بلوچ، علي محمد خان بلوچ، شفيق بلوچ، رفيق بلوچ ۽ فريد بلوچ ۽ 3 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن، هوڏانهن ڄامشوري ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي جنازي نماز ادا ڪري کيس عظيم عالم علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي وي سي سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر نذير مغل، ڊاڪٽر ايس ايم قريشي، مظهر صديقي، پير مظهر، سسئي پليجو، قاسم ٻگهيو، مشتاق ڦل، عبدالعزيز عقيلي، حميد آخوند، قلندر شاهه لڪياري، پروفيسر بدر سومرو، محمد يار کهاوڙ، عبدالجبار جوڻيجو، غلام نبي مغل، تاج جويو، حاڪم شاهه بخاري، امداد ڪيريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي بشڪريه ڪاوش . تاريخ جو وڇوڙو ( علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ) عنايت بلوچ اڄ ڪتابن جا ورق ويڳاڻا نظر اچي رهيا آهن. سنڌي ثقافت، ٻولي، محاورا، ڏوهيڙا، بيت، ڳجهارتون، مولود، مداحون ۽ مناجاتون، مطلب ته سنڌي لوڪ ادب جو چهرو اڄ مايوس، ملول ۽ اُداس نظر اچي رهيو آهي، سياري جي سِيءَ ۾ مَچَن تي ڪچهريون مچائڻ جو مور اسان کان جدا ٿي ويو آهي. لطيف جي پيرن پٺيان پير کڻي هر ان ماڳ مڪان تي پهچڻ ۽ لطيف تي مشاهداتي تحقيق ڪرڻ وارو اڪيلو ماڻڪ سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (مرحوم) تي لکجي ته ڪٿان کان شروع ڪجي ۽ ڪٿي ختم ڪجي. هو علم، ادب ۽ ڏاهپ جو ايڏو ته اجهاڳ سمنڊ هو، جو ان جي انت ۽ ڇيهه جي خبر به شايد فقط کيس ئي هئي. ڪاش! سندس لاڏاڻي کانپوءِ سنڌ ۾ ڪو ته اهڙو رهبر اڃا به هجي ها، جنهن وٽ وڃي سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي لوڪ ادب ۽ شاهه لطيف جي رسالي جي گوناگون بيتن بابت رهبري حاصل ڪجي ها. چوندا آهن ڀاڳين جا ڀاڻا خالي نه ٿيندا آهن، الحمد الله سنڌ ۾ ڪلجڳ ڪاپڙي اڃا به موجود آهن، پر ڀٽائيءَ چواڻي ته: ”سوڍا هجن سوُ، ته به مٽ نه ڀانيان مينڌري.“اسان جا نوجوان سنڌ جي حوالي سان گهڻا ئي نعرا پيا لڳائيندا آهن، پر ان نعري هڻڻ کانسواءِ ٻي ڪا به خبر نه هوندي آهي ته سنڌ کي جيارڻ لاءِ ڪهڙا عملي قدم کڻڻ ضروري هوندا آهن. منهنجو پختو ايمان آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ حقيقي طور تي سنڌ جو عاشق هو، جنهن جيڪو ڪجهه به لکيو ته فقط سنڌ تي ۽ سنڌ لاءِ لکيو ۽ سنڌ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه لکيو. لوڪ ادب، لطيف، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت، سنڌي موسيقي، سنڌ جي جاگرافي مطلب ته فقط ۽ فقط سنڌي تهذيب ۽ تمدن کي دنيا ۾ روشناس ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي پاڻ پتوڙيندو رهيو. هتي آئون پنهنجي اکين ڏٺو احوال اوهان سان مختصر طور اوريان ٿو ۽ ڪوشش اها ڪندس ته ڊاڪٽر صاحب جن بابت ڪجهه نيون ڳالهيون اوهانکي ٻڌايان.1986ع ۾ آئون آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ واشنگٽن ڊي سي ۾ قائم اسمٿسونين ميوزيم گهمڻ ويس، هي ميوزيم اٺن کان ڏهن مختلف عمارتن تي مشتمل آهي. هڪڙي جڳهه تي لکيل هو. A sindhi home بجليءَ جو ڪرنٽ محسوس ڪيم ۽ ڪجهه سمجهه ۾ نٿي آيم ته واشنگٽن جي اسمٿسونين ميوزيم ۾ اهو سنڌي گهر، ڪنهن ٺاهيو هو، يا ان کي ٺاهڻ ڪيئن ڏنو ويو هو؟ سنڌي گهر ۾ اندر ڇا وڃي ڏسان ته هڪ ٿري عورت سُوسيءَ جا ڪپڙا پائي ڏُڌ پئي ولوڙي، ٻي مائي ڇَڄَ ۾ اَن ويٺي ڇنڊي ۽ ٽين مائي سنڌي رِلي ويٺي ٺاهي ۽ سنهي سئيءَ سان انکي ٽوپو ويٺي ڏئي، وغيره وغيره. خوشي ۽ جذبات ۾ سرشار ٿيندي ميوزيم جي رکوالي کان پڇا ڪيم ته هن هڪدم رجسٽر کولي مونکي ٻڌايو ته ڪو صاحب پاڪستان کان هتي آيو هو، سندس نالو ڊاڪٽر اين اي بلوچ هيو، اهو ڪيترا ڏينهن هتي ترسيل هو ۽ Sindhi Home به ان ئي ٺاهيو هو. پاڪستان واپس ورڻ تي ڊاڪٽر صاحب جن کان جڏهن اها ڳالهه معلوم ڪيم ته پاڻ مون کي هينئن ٻڌايائون: پاڪستان جي حڪومت مون کي حڪم ڪيو ته اسمٿسونين انسٽيٽيوٽ (ميوزيم) ۾ پاڪستان جي ثقافت جي حوالي سان ڪا اهڙي شيءِ قائم ڪري اچان، جيڪا پاڪستان جي نمائندگي ڪري. مون گهڻي سوچ ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ته سنڌ جي ثقافت پوري پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ قديم به آهي ته بين الاقوامي سطح تي جڳ مشهور به آهي، تنهن ڪري مون ڊاڪٽر ڪنيز (Dr Knez) جيڪو هن منصوبي جو انچارج هو، کي A Sindhi Home ٺاهڻ جو مشورو ڏنو، جيڪو هن به بنا دير کڻي قبول ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ کي ته فقط اهڙي ثقافتي شيءِ ٺاهڻ لاءِ موڪليو ويو هو، جيڪا پاڪستان جي نمائندگي ڪري پر اُتي به هو ”سنڌي گهر“ ٺاهي آيو ۽ اها پرواهه به نه ڪيائين ته ائين ڪرڻ سان کيس تڪليف به اچي سگهي ٿي. فقط اهڙن جرئتمندي وارن عملي قدمن سان ئي سنڌ جيئندي ۽ جيئندي رهندي. انشاءَ الله.1983ع ۾ آئون پئرس ويس، جتي الجزائر جي مسلمانن جي هوٽل مونديال ۾ وڃي رهيس. ريسپشن تي سامهون رکيل وڏا نقش نظر آيم، جن تي مڪلي جي چٽسالي ۽ هالا ٽائيلز جو رنگ نظر آيو. انهن پينٽنگز تي لکيل هو:Glimpses form Sindh يعني سنڌي تهذيب جون جهلڪيون. خوشيءَ سان گڏ حيرانگي وٺي وئي. کانئن پڇيم: هي سنڌ جا نقش اوهان وٽ ڪٿان آيا ته هو فرينچ ۾ شروع ٿي ويا، فقط ايترو سمجهه ۾ آيو ڊاڪٽر بلوچ. جيڪو دوست مون کي هوٽل تي وٺي ويو هو ۽ فرينچ چڱيءَ طرح ڳالهائيندو هو، ان جي پڇڻ تي هوٽل وارن ٻڌايو ته: ڊاڪٽر بلوچ ڪيترا ڀيرا پئرس آيو آهي ۽ هميشه اسان جي هوٽل ۾ اچي رهندو آهي. اهو هي پينٽنگون هتي رکرائي ويو هو ۽ تاڪيد ڪري ويو هو ته هنن کي ريسپشن تان هرگز نه هٽائجو. هي واقعو به ان ڪري لکيو اٿم ته ان کي پڙهي من اسان جو نوجوان نسل به سنڌ کي جيئارڻ لاءِ اهڙا عملي قدم کڻي.جڏهن آئون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسٽيشن ڊائريڪٽر هوس ته ڊاڪٽر صاحب جن، بغير اڳواٽ اطلاع ڪرڻ جي اڪثر مون وٽ هليا ايندا هئا. جيئن ته ائين اچڻ سندن نظم ۽ ضبط رکندڙ طبيعت جي خلاف هو ته هڪ دفعو کانئن پڇڻ جي جرئت يا گستاخي ڪري ويٺس ته مُنهن تي مرڪ آڻيندي ٻڌايائون ته دوستن ڏي لکيل خط پوسٽ آفيس حوالي ڪرڻ ايندو آهيان، جيئن ته ريڊيو پاڪستان سامهون آهي ته دل چوندي آهي ته اوهان وٽان جهاتي پائيندو وڃان. هڪ ٻه ڀيرا ساڻن حُجت ڪندي عرض ڪيم ته، ڀلا جي آيا آهيو ته عنايت تي عنايت ڪندا وڃو ۽ ڪجهه رڪارڊ ڪرائيندا وڃو. ڊاڪٽر صاحب جن جي نٽائڻ باوجود کين منٿ ڪري اسٽوڊيو ۾ وڃي ويهاريو هو ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڪنهن به موضوع تي ساڻن گفتگو ڪبي هئي. بغير ڪنهن تياري جي ۽ بغير ڪتاب کي سامهون رکڻ جي تاريخ وار تفصيل ٻڌائيندا ويندا هئا، آئون ۽ مرحوم مراد علي مرزا حيرت ۾ کين گهوريندا رهجي ويندا هئاسين. مثال طور: سڪندر اعظم جڏهن ننڍي کنڊ ۾ آيو ته ڪڏهن آيو، ڪٿي ويو ۽ ڪنهن سان مليو....البيروني ڪڏهن هتي آيو، ڇاڇا ڪيائين ۽ سندس ڪارناما ڪهڙا هئا. وغيره، مجال آهي جو ڪتابن ڀيٽڻ سان تفصيلن ۽ ٻڌايل تاريخن ۾ ڪو فرق اچي.ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (مرحوم) سان آخري ۽ تفصيلي ملاقات فقط پنج ڏينهن اڳ آچر جي ڏينهن 3 اپريل تي سيد آفتاب شاهه ڄاموٽ صاحب جي بنگلي تي ٿي هئي. اها تقريب حڪومت پاڪستان طرفان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري کي هلالِ امتياز ۽ ستاره امتياز ملڻ تي کين مان ڏيڻ لاءِ ٿي هئي، جنهن ۾ تمام گهڻن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خطاب ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جن بيحد خوشگوار موڊ ۾ هئا ۽ پنهنجا ننڍپڻ جا ڪجهه قصا کلئي دل سان محفل ۾ ويهي ٻڌايائون: تمام هشاش بشاش نظر ٿي آيا ۽ اهڙي ته شگفته مزاجيءَ سان ڪچهري ويهي ڪيائون.....جو سچ پڇ هاڻي محسوس ٿو ٿئي ته ڇو ايتري زنده دلي جيڪا اڳ ڪڏهن نه ڏيکاري هيائون.اُهي خطا بيحد خوش قسمت ۽ خوش نصيب چئبا، جتي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا بيمثال ۽ بي بدل عالم فاضل پيدا ٿين ۽ اسان سنڌ وارا ڪيڏا ۽ ڪيترا نه نصيبن وارا آهيون، جتي اهڙو املهه ماڻڪ هيرو پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي علم ۽ تحقيق جي خزانن جا منهن سڀني سنڌين لاءِ کولي ڇڏيا ته جنهن کي به ڪجهه وٺڻو هجي ته ڀلي پنهنجي حصي جي ونڊ وٺي وڃي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جيڪي ۽ جيترا ڪتاب لکيا آهن، اهي ائين چوڻ برابر ٿيندو ته آسمان تي ڄڻ تارا ڳڻڻا آهن. ڪنهن به ماڻهوءَ کي سندن تصنيفون پڙهڻ لاءِ سالها سال گهرجن، پر اهو تصور ڪيو ته جنهن شخص پنهنجو نور نچوئي سوين ڪتاب لکيا، انهن جا پروف چيڪ ڪيا ۽ هزارين مسودا ويهي اٿلايا پٿلايا ته ان کي ايڏي ڪٺن ڪمن لاءِ ڪيترو وقت لڳو هوندو. ڪيتريون سندن تصنيفون اهڙيون آهن، جو رڳو ڪرسي ٽيبل تي ويهي نه لکيون ويون آهن، پر انهن موضوعن تي لکڻ کان اڳ انهن تي تحقيق ڪرڻي هئي. تحقيق ڪرڻ لاءِ کين ڪجهه ڏورانهن علائقن جا پنڌ ڪرڻا پيا آهن، ۽ ڪٿي ته گهوڙن، گڏهن ۽ اُٺن تي سواري ڪري ٿر، ننگر پارڪر ۽ بلوچستان ۾ حب ۽ ڀاڳ ناڙي تائين ويا آهن، ڇو ته اهڙن ڏکين علائقن ۾ اهو تحقيق طلب مواد موجود هيو. ڪيترائي ڏينهن انهن ماڳن تي هيٺ تڏن تي ويهي، پلٿيون ماري ڪم ڪيو اٿن ۽ پنهنجي تحقيق مڪمل ڪري پوءِ اچي ڪتاب لکڻ شروع ڪيائون. ايترو تحقيقي ڪم جنهن ۾ ايڏيون تڪليفون اچن ۽ ڪشالا ڪاٽڻا پون، سو ادارن کان به نه ٿي سگهندو آهي، پر هن هڪڙي شخص اڪيلي سر ويهي اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا، جيڪي هڪڙي فرد لاءِ ذري گهٽ ناممڪن آهن بشڪريه ڪاوش . هڪ اسڪالر کان محروم ٿيل سنڌ! فيض کوسو ”ادا تون ڏاڍو مڙس آهين“ مڙندين ته هونئن به ڪونه، سو ٻيلي آچر تي 12 بجي هليو اچجانءِ“ هي لفظ هوندا هئا، سنڌ جي ان مهان محقق، عالم ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جا جڏهن کين گذارش ڪبي هئي ته سائين ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام ”تاريخ“ ۾ فلاڻي موضوع تي اوهان سان ڳالهائڻو آهي، مهرباني ڪري توهان ٽائيم ڏيو. ان گذارش جي موٽ ۾ هو مون سان هميشه انهن لفظن ۾ ئي مخاطب ٿيندا هئا. اڄ جڏهن ڊاڪٽر بلوچ جهڙو عظيم محقق، اسڪالر ۽ عالم اسان جي وچ ۾ موجود ڪونهي، تڏهن سوچيان ٿو ته سنڌ جي تاريخ جي مختلف موضوعن تي هاڻي ڳالهائبو ته ڪنهن سان ڳالهائبو ۽ اهڙي حجت ڪبي ته ڪنهن سان ڪبي؟ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو اهو عظيم تاريخ نويس ۽ محقق هو، جنهن سان تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب جي موضوعن تي گفتگو ڪري سگهبي هئي. ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام ”تاريخ“ جو جڏهن ڪو ڏکيو موضوع سامهون ايندو هو ته دوست خاص طور تي ڊائريڪٽر ايڊيٽنگ فهيم سيال اها صلاح ڏيندو هو ته يار ڊاڪٽر بلوچ جي گفتگو کانسواءِ هي پروگرام اڌورو هوندو، وڌيڪ تنهنجي مرضي آهي. واقعي فهيم سيال جي اها ڳالهه سچ آهي ته تاريخ جو موضوع هجي ۽ ان ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي گفتگو شامل نه هجي ته اهو موضوع اڌرو ۽ اڻپورو ئي هوندو آهي.ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان هونئن ته مختلف موضوعن تي گفتگو ٿيندي ئي رهي آهي، پر ويجهڙائي ۾ آئون ساڻس مارچ 2011ع جي وچ ڌاري مليو هئس. اها ملاقات به ٻن تاريخي موضوعن جي حوالي سان هئي، انهن مان هڪڙو موضوع هو حر تحريڪ ۽ ٻيو موضوع هو شيخ ميان عبدالرحيم گرهوڙي شهيد جي سوانح حيات. انهن ٻنهي موضوعن تي مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي رڳو هڪ هفتي جي وٿيءَ سان رڪارڊ ڪيو هو. آخري ڀيرو مون جڏهن کيس ميان شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي موضوع تي رڪارڊ پئي ڪيو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب گهڻي تڪليف سان ڊرائينگ روم پهتو هو. مون کي ان وقت احساس ٿيو هو ته جيڪر آئون کيس رڪارڊنگ لاءِ تڪليف نه ڏيان ها، پر موضوع ئي اهڙو هو، جو سندس گفتگو لازمي هئي. ان ملاقات ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب مون کي چانهه پيئڻ کانسواءِ وڃڻ نه ڏنو ۽ چانهه پيئڻ دوران جيڪو ٽائيم مليو، تنهن ۾ مون کيس حيدرآباد شهر جي تاريخ واري موضوع تي رڪارڊ ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب مسڪرائيندي مسڪرائيندي چيو هو ته ”ادا آئون ڪو ايڏو وڏو ماڻهو ڪونه آهيان جو مون کي هر ڀيري ٿا رڪارڊ ڪريو، توهان کانسواءِ مونکي ٻيو سڃاڻي به ڪير؟“ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا اهي لفظ مون کي اڄ به ڪنن ۾ گونجن ٿا. مون کيس وراڻيو هو ته ڊاڪٽر صاحب ايڏي انڪساري به چڱي ڪانهي، تنهن تي پاڻ ٺهه پهه فرمايائون ته ”اداد اهو تون ٿو چوين نه، باقي ڪو ٻيو ته ڪو نه ٿو چوي“. مون سندس اها ڳالهه ان وقت مذاق سمجهي هئي، پر اڄ جڏهن هو سنڌ کي جدائي جو داغ ڏيئي سنڌ جي تاريخ، علم، ادب، ثقافت ۽ تهذيب کي ڇورو ڇنو ڪري ويو آهي، تڏهن سوچيان ٿو ته هو ڪيڏو نه عظيم انسان هو، جو علم جو سج هوندي به پاڻ کي هميشه گهٽ پيو ڀائيندو هو.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو اهو ابن بطوطه هو، جنهن سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ لوڪ ادب کي گڏ ڪرڻ لاءِ جهر جهنگ کي جهاڳيو هو. هن لوڪ ادب جي پوري سيريز کي ڪتابي شڪل ڏيئي عام پڙهندڙن تائين پهچايو ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ هن سنڌ جي سرزمين جي ٻاري ٻاري کي لتاڙيو. ٽڙيل پکڙيل تاريخ ۽ لوڪ ادب کي گڏ ڪرڻ ڪو آسان ڪم هرگز نه آهي. هي ڪم انتهائي ٿڪائيندڙ ۽ بيزارگيءَ وارو ڪم هجي ٿو، پر ڊاڪٽر بلوچ اهو ڪم ان وقت انجام ڏنو، جڏهن سنڌ ۾ سفر جي سهولتن جي اڻاٺ ۽ اڻ هوند هئي. اڄ به جڏهن ڪو ماڻهو تاريخ جا پيرا کڻندي ڪنهن ماڳ مڪان تي پهچندو آهي ته اتان جا ماڻهو اها گواهي ڏيندا آهن ته هتي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ فلاڻي سال ۾ آيو هو، ۽ تاريخ جون حقيقتون اچي هن هٿ ڪيون هيون. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جو اهو سپوت آهي، جنهن تاريخ ۽ لوڪ ادب جي سهيڙڻ لاءِ بنيادي روايتون هٿ ڪيون ۽ انهن روايتن ۽ ڏندڪٿائن جي سائنسي انداز ۾ ڇنڊڇاڻ ڪري پنهنجي راءِ به قائم ڪئي.ڊاڪٽر بلوچ صاحب ظاهر آهي ته هڪ وڏو عالم، محقق ۽ اسڪالر هو، ان ڪري هو پاڻ کي پڏائڻ کان پيو پاسو ڪندو هو، پر ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن عظيم انسان پنهنجي هڪ جنم ۾ ايترو علمي، ادبي ۽ تاريخي پورهيو ڪيو آهي، جيڪو پورهيو ڪو ماڻهو شايد پنهنجي ٽن جنمن ۾ به نه ڪري سگهي.ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو لطيفيات ۽ لغت تي ڪم به بي مثال آهي. تعليم ۽ ٻيا موضوع ته اڃا به ان ڪم کان جدا آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي علمي پورهئي کي ڏسي چئي سگهبو آهي ته، هن لطيف سرڪار جي بلڪل هنن ئي سٽن پٽاندڙ پنهنجي زندگي گذاري ته،تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي،متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو!يا وري ڀٽائيءَ صاحب جي ئي لفظن ۾ کيس اها ڀيٽا به ڏئي سگهجي ٿي ته،”جيسين هئي جيئري ورچي نه ويٺي!“ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙو اعليٰ پائي جو محقق، عالم ۽ اسڪالر جيتوڻيڪ اڄ اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي، پر سندس علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي ورثو هميشه هن عظيم انسان جي يادن کي تازو ڪندو رهندو بشڪريه ڪاوش ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو وڇوڙو: هڪ دور جي پڄاڻي ٽنڊي ڄام ۾ رهندو هئس، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر سان نيازمندي هئي، سو سويرو سويرو ڪامريڊ صاحب ماڻهو موڪليو ته جلدي اچ، اڄ مهمان ٿو اچي، ميزبانيءَ ۾ تون به شريڪ ٿي. آئون پهتس، ڇا ڏسان ڪامريڊ صاحب جي گهر جي اڳيان واري باغ ۾ ڪناتون لڳي ويون، گلم وڇايا ويا. خبر پئي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٿو اچي. ڊاڪٽر صاحب سان اها منهنجي پهرين ملاقات هئي. اتي سگهڙن جي ڪچهري، ڳجهارتن ۽ مولودن کان وٺي درگاهه محمد فقير کٽياڻ جي صوفي راڳين جي راڳ تائين سڀ شغل ٻڌاسين. ان کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ جتي به ڊاڪٽر صاحب ويندو هو، ڪوشش ڪري اتي پهچندو هئس. اهو ڪهڙو موضوع آهي، جنهن سان ڊاڪٽر بلوچ نڀايو ڪونه هو! مرحوم غلام رباني آگري ”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ ٻيڙي فقير ڪنڀار واري خاڪي ۾ لکيو آهي ته، ڪيٽي بندر ۾ سيٺ نور محمد جي اوطاق ۾ ٽڪياسين، رات جو مانيءَ کان پوءِ واري محفل ۾ ٻڌايائون ته اسان وٽ اڳ صرف ٻه ماڻهو آيا، هڪ سياسي، ٻيو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جيڪو سگهڙن جا پيرا کڻي هت پهتو هو، پر رڳو ڪيٽي بندر نه، جتي به وياسين، اتي ٻڌايائون ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب هتي به دعا جا پير گهمائي ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب رڳو لوڪ ادب جو مواد ئي گڏ ڪونه ڪيو پر ڳوٺن ۾ ادبي سگهڙن کي اتساهيو ۽ همٿايو، ٻهراڙيءَ جي سطح تي ادبي سجاڳي آندائين. 1937ع ۾ علي گڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ پير صاحب پاڳاري ۽ سندس ڀاءُ نادر علي شاهه مرحوم سان گڏ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ايم اي ايجوڪيشن 1949ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ڪيائين. آمريڪا مان پاڪستان اچي ملازمت ڪيائين، جيڪا 1951ع ۾ ملي هئي. 4 فيبروري 1952ع تي جڏهن پير صاحب پاڳاري جي لنڊن مان واپسي ٿي ۽ گادي بحال ٿي ته ڊاڪٽر صاحب اها سڄي ڪارروائي پاڻ هلائي هئي. 1973ع کان 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جو وائيس چانسلر به رهيو. 1980ع کان 1982ع تائين بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر رهيو، جڏهن ته 1993ع ۾ نگران وزير تعليم ۽ زراعت به رهيو ۽ 1991ع کان وٺي 19993ع تائين سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمين به رهيو. ان کانسواءِ ڪيترن ئي سرڪاري، غير سرڪاري ادارن جو ميمبر به رهيو هو، مثال طور: سينٽرل اردو بورڊ، لاهور، سينڊيڪيٽ ۽ سينيٽ ڪميٽي يونيورسٽي آف سنڌ، پاڪستان هسٽاريڪل ريڪارڊ ۽ آرڪيائيوز ڪميشن، انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان، گورننگ باڊي سر سيد يونيورسٽي، وغيره وغيره. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ڪيترائي ايوارڊ مليا. پرائيڊ آف پرفامنس 1979ع ۾، صدارتي ايوارڊ ستاره امتياز 2001ع ۾، صدارتي ايوارڊ اعزاز ڪمال 1991ع ۾ ۽ تازو 23- مارچ 2011ع تي به صدارتي ايوارڊ مليو. ڊاڪٽر صاحب طبيعت جي ناسازيءَ سبب اسلام آباد نه وڃي سگهيو. ڊاڪٽر صاحب جي علمي، ادبي، تحقيقي خدمتن ۾ جامع سنڌي لغات، لطيفيات، سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ، سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ قاضي قادن، ميان شاهه عنايت، شاهه شريف ڀاڏائي، رساله غلام محمد خانزئي، نواب ولي محمد لغاري، سيف الملوڪ، سيفل نامه ۽ عبدي جو رسالو، جيڪو لياقت جوڻيجي تحقيق ڪري ترتيب ڏنو آهي، ان جو عالمانه مهاڳ به ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي. سندس زندگيءَ جو آخري سنڌي ڪتاب به خليفي غلام نبي لغاريءَ جو ڪلام، ڪلاسيڪل شاعريءَ تي مبني آهي. ڊاڪٽر صاحب جي وڇوڙي تي سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي.سنڌ ثقافت کاتو، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ سميت سڀئي ادارا ڊاڪٽر صاحب جو رهيل ڪم، جيڪو مرحوم پنهنجن آخري ڏينهن ۾ ترتيب ڏيئي ويو آهي، انهن کي شايع ڪرائين ۽ ”مهراڻ“ جو ڊاڪٽر بلوچ نمبر ڪڍي ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن کي روشناس ڪيو وڃي. ڪالهه جڏهن تڏي تي ويٺاهئاسين ته قلندر شاهه لڪياريءَ چيو پئي،۔۔۔۔۔ هائيڊ پارڪ ڪاوش جو هڪ خط لکندڙ حافظ مهراڻ/ واوڙي اولڊ علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون يادگار تصويرون ۔
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۔ ]۔
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ [justify]ادا ممتاز اوهان جي قيمتي ليکن ۾ هڪ وڌيڪ قيمتي خزاني جو اضافو آهي، ڌڻي اوهان کي خوش رکي، يقينن اوهين سنڌ سلامت جي اڱڻ کي وڌيڪ سنوارڻ جا مک ڪارڻ آهيو، محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن سان سندن حيدرآباد پنهنجي داماد جي گهر ۾ ملڻ جو اعزاز هن عاجز کي پڻ مليل آهي، جنهن جا ڪجهه قيمتي يادگار لمحا عاجز وٽ تصويري صورت ۾ سانڍيل آهن جيڪي اوهان جي هن ليک ۾ اضافي جي اجازت وٺندي ضرور هت تحرير جي صورت ۾ حاضر ڪندس۔ ٿورا۔۔۔[/justify]
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ادا طاهر صاحب توهان جي مهربانيجو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو باقي اگر توهان پنهنجون سنڌي ٻوليءَ جو نامياري اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب سان گڏ يادگار تصويرون هتي ونڊ ڪندو ته مون کي ان ڳالهه جي تمام گهڻي خوشي ٿيندي، اميد ته اهي جلد از جلد پنهنجون تصويرون هت ونڊ ۾ ونڊ ڪندا مهرباني۔
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ادا بهترين ونڊ آهي .
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مهرباني ادا ممتاز اوهان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي شخصيت تي هڪ جامع ليک ونڊ ڪيو آهي۔ ڊاڪٽر بلوچ سنڌ، سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌ جي تاريخ جي انسائيڪلوپيڊيا آهي۔ سنڌ تي ڪيل تحقيق تي سنڌ جي هن عظيم شخصيت کي سلام پيش ٿو ڪجي۔ لک ٿورا جو اوهان سنڌ جي هن محسن تي سهڻو ليک لکي دوستن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي۔
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هميشه جيان اوهان جا مضمون مڪمل وضاحت ۽ تفصيل سان ڄڙيل هوندا آهن ، جنهن ۾ سهڻي نموني شخصيتن تي روشني پئجي ويندي آهي ، جيڪر منهنجو وس هلي اوهان لا ضرور ڪو بهترين انعام جو اعلان ڪريان ، پر فقير طرفان حال مطابق کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪيان ٿو ، الله تعالى اوهان جي سعيو ۽ پنهنجن سرماين ۽ آدرشن سان محبت جي جذبي جي صدقي اوهان جي قلم ۾ مزيد ترقي عطا فرما۽ اوهان جو اهو پورهيو قبول و منظور فرما ، آمين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ادا توهان دوستن جون مهربانيون ۽ قرب آهن جو توهان منهنجي تقريبن هر ونڊ کي پسند ڪيو ٿا، دعا آهي ته رب پاڪ مون کان هميشه بهتر مان بهتر ڪم ڪرائي، باقي هن بندي جي وس ڪجهه به نه آهي، ادا وساڻ صاحب توهان محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لاء الفاظ استعمال ڪيو آهي، انسائيڪلوپيڊيا جيڪو الفاظ مون کي تمام گهڻو پسند آيو آهي، ۽ اهيا حقيقت آهي ته ڊاڪٽر صاحب هڪ گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا آهن، ادا مون هڪ ٻه دفعا ڪوشش ڪئي آهي ته ڊاڪٽر صاحب جن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪريان مگر ناهي ٿئي سگهيو، جڏهن ته کيس سان ڪجهه وقت خط و ڪتابت رهي، آهي، دعا آهي ته رب پاڪ کيس صحت مند رکي ۽ ڊاڪٽر صاحب جو سايو اڃان به سنڌ وارن جي مٿان رهي، آمين۔
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انا لله وانا اليه راجعون۔
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ علامه بلوچ صاحب هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو.
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ محقق علامه ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو آخري ديدار
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ علامه ڊاڪٽر نبي بخش خاب بلوچ رح صاحب جو هڪ يادگار انٽرويو پڻ ملي ويو آهي جيڪو سال 1974ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي انٽرويو ڪيو هو، جنهن کي پڻ هت پيش ڪجي ٿو
جواب: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ الله سائين سندن مغفرت فرمائي، ۽ جنت الفردوس نصيب فرمائي، آمين...