• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موقعي جي تلاش؛

نثارابڙو

نائب منتظم

هڪ نوجوان کي هڪ ڳوٺاڻي ڪڙميءَ جي سهڻي ڇوڪريءَ سان پيار ٿي ويو، هو ان ڪڙميءَ وٽ ويو ۽ کائنس سنڱ گهريائين، ڪڙميءَ نوجوان کي ڏسي چيو؛ ” پٽ! وڃ ٻاهر سامهون زمين ۾ وڃي بيهه، آءُ هتان ٽي ڏاند واري واري سان ڇڏيندس، جيڪڏهن تو انهن مان هڪ به ڏاند جو پڇ پڪڙي ورتو ته پوءِ آءُ خوشيءَ سان توکي پنهنجي نياڻيءَ جو سنڱ ڏيندس.“

نوجوان سامهونءَ واري ٻنيءَ ۾ ڏاند جي پڇ پڪڙڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو، واڙي جو در کليو ۽ هڪ ديو هيڪل ۽ هشمت وارو ڏاند واڙ مان نڪتو .... نوجوان اهڙو صحتمند ۽ هشمت وارو ڏاند اڳ ڪون ڏٺو هو سو ڊڄي ويو ۽ سوچيائين ته ممڪن ٻيو ڏاند ڪجهه گهٽ هشمت ۽ سگهه وارو هوندو انڪري هن کي ڇڏي ٻي کي پڪڙيندس، انڪري هو پاسي تي ٿي ويو ۽ ڏاند گذري ويو.

واڙ جو دروازو ٻيهر کليو ته ڇوڪري کي اعتبار ئي نه ٿيو ۽ حيران ٿي ويو، هي ڏاند ته هن اڳلي کان وڌيڪ سگهارو ۽ ڪاوڙيل هو، هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ان جهڙو ويڙهو ۽ خطرناڪ ڏاند پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڏٺو هو، هن جڏهن ڏاند ڏانهن ڏٺو ته سندس جڳهون ڏڪڻ لڳيون ۽ دل دهشت سان ڀرجي وئي، سوچيائين ته هن کان پوءِ وارو ڏاند ڪهڙو به هوندو پر هن کان گهٽ هوندو انڪري هن کي ڇڏجي ۽ ٻي جو انتظار ڪجي. پاسي تي ڀڄي بيهي رهيو ۽ ڏاند گذري ويو.

ٽيون دفعو واڙ جو دروازو کليو، نوجوان جي منهن تي مشڪ اچي وئي، نٻل ۽ نحيف ڏاند سامهون اچي رهيو هو، ڪمزور ۽ نٻل ۽ جسماني طور ننڍڙو ڏاند ڏسي نوجوان جي اکين ۾ نور اچي ويو، هن ڏاند جو ئي کيس انتظار هو، ڏاند جيئن هن ڏانهن وڌڻ لڳو ته نوجوان سامهون ٿي بيٺو ۽ جيئن ئي ڏاند ويجهو سهي جڳهه تي آيو ته نوجوان ٽپو ڏئي، ڏاند کي پڪڙي ورتو پر، .... ڏاند کي پڇ هيو ئي ڪون.

******************
ڪهاڻيءَ جو اخلاقي سبق؛
زندگي موقعن سان ڀريل هوندي آهي، ڪجهه آسان هوندا آهن ۽ ڪجهه ڏکيا ۽ اڻانگا هوندا آهن، پر جيڪڏهن آيل موقعو هڪ دفعو هٿ مان نڪري ويو (وڌيڪ آسان ۽ سٺي جي اميد ۾) ته ممڪن اهو موقعو وري ٻيهر زندگيءَ ۾ نه اچي، انڪري هميشه پهرين موقعي کي نه ڇڏجي ۽ انکي حاصل ڪري وٺجي ... ۽ اڳتي نظر رکجي.
 
جواب: موقعي جي تلاش؛

ڪهاڻي جو اخلاقي سبق تمام بهترين آهي۔ ونڊڻ لاءِ ٿورا۔۔
 
جواب: موقعي جي تلاش؛

جي ها ۔۔۔ انتهائي سبق آموز ليک ونڊيو آهي توها۔۔۔
پر گهڻن ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته ”انتظار ڪريو۔۔۔ ۽ وار ڪريو۔۔۔“ پوءِ اهڙن خيالن وارن بابت توهان جو ڇا خيال آهي۔۔۔
 
جواب: موقعي جي تلاش؛

جي ها ۔۔۔ انتهائي سبق آموز ليک ونڊيو آهي توهان۔۔۔
پر گهڻن ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته ”انتظار ڪريو۔۔۔ ۽ وار ڪريو۔۔۔“ پوءِ اهڙن خيالن وارن بابت توهان جو ڇا خيال آهي۔۔۔

محترم رشيد سائين ڪجهه زندگيءَ جا مسئلا اهڙا هوندا آهن جن ۾ موقعي ملڻ سان وار ڪري ڇڏبو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه موقعا وقتائتا هوندا آهن ۽ وري ٻيهر ملڻ وارا نه هوندا آهن، پر ڪجهه ڳالهين ۾ انتظار ڪريو ۽ مناسب موقعي ۽ وقت تي وار ڪريو واري ڪار به ڪارائتي ٿيندي آهي ۔۔۔ هاڻ انسان جي ڏاهپ ۽ فيصلي جي سگهه تي دارومدار هوندو آهي ته هو ڪڏهن ڪهڙو فيصلو ڪري؟

رزق جي معاملي ۾ رب العالمين انسان کي موقعا ميسر ڪندو آهي ۽ اهڙا موقعا ور ور ڪري نه ايندا آهن، مثال جي ڳالهه آءُ جڏهن برطانيا ۾ هيم ۽ ماشاء الله سٺو رزق ڪمائي رهيو هيس، پر جڏهن شادي ڪرڻ لاءِ موٽ ڪري رهيو هيس ته ڪجهه دوستن صلاح ڏني ته آءُ هت ڪورٽ ۾ وڌيڪ رهائش جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيان ۽ انکانپوءِ ڀل سنڌ وڃي شادي ڪري موٽي اچان ۔۔۔ پر مون فيصلو ڪيو ته، نه، آءُ پهريان سنڌ وڃي شادي ڪري موٽي اچڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ اميد ته ڪامياب ٿيندس ۽ پوءِ اچي ڪيس داخل ڪندس ۽ مون ائين ئي ڪيو، پر موٽي اچڻ کانپوءِ مونکي وري موقعو نه مليو ته آءُ برطانيا وڃي سگهان ۔۔۔ انکانپوءِ مونکي خيال آيو ته شايد آءُ دوستن جي ڳالهه مڃيان ها انوقت مونکي موقعو هيو پر مون اهو ضايع ڪري ڇڏيو هو ۔۔۔

اميد ته هن مثال مان ڳالهه ڪجهه صاف ٿي هوندي ۔۔۔

پر پوءِ به ”واڳ ڌڻيءَ وس آءُ ڪا پاڻ وهيڻي“ ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
تمام بهترين زندگيءَ جو حساس ۽ قيمتي تجربو اوهان اسان سان ونڊيو جنهن لاءِ مهربانيون۔
 
جواب: موقعي جي تلاش؛

بهترين سبق آموز ڪهاڻي ونڊ ڪرڻ تي مهرباني سائين
 
جواب: موقعي جي تلاش؛

ڏاند کي پڪڙي ورتو پر، .... ڏاند کي پڇ هيو ئي ڪون.

هههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه

بهرحال ڏاڍي ٿئي غريب سان

هههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه

سدائين ًگڏ
 
Back
Top