• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت لاٌءِ ڪجهه نوان لوگوز

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا ساٿيو ڪالهه کان وٺي پاور پوائينٽ سان رانديون ڪندي سنڌ سلامت لاءِ هي ٻه ٽي لوگو تيار ڪيا اٿم توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان۔

kashi%205.jpg

هي هڪ ٻيو لوگو آهي ٿي سگهي ٿو توهان کي هن ۾ هڪجهڙائي نظر اچي رهي هُجي پر هن جي بيس جو رنگ مختلف آهي۔
kashi%204.jpg
هي ٽيون لوگو آهي بس صرف ٿورڙي محنت ڪئي اٿم توهان کي وڻيا مطلب مُنهنجي محنت رائيگان ڪونه ويئي
SOCH.jpg
 
asul mattasul mattasul mattasul mattshabashshabash
واه سائين واه تمام بهترين لوگو تيار ڪيا اٿو انهن کي هڪ دفعو ڏسڻ کان پوء دل ڏسڻ کان ڀرجي ئي نٿي سائين اوهان تمام بهترين ڊيزائنر آهيو هي به اوهان جي ٻين ڪوششن وانگر اوهان جي تمام بهترين ڪاوش آهي شال جڙيا هجو suhnan saanshal judy hujeen
sindhsalamatsaathsalsindhsalamatsaathsal
 
سائين توهان جا مٿيان ٻه لوگو مون کي ڏاڍي پسند آيا
سائين توهان جي محنت لاجواب آهي توهان اهڙي محنت تي کيرون لهڻو
توهان جي محنت جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي وري جي اڃا وڌيڪ تعريف ڪندس ته نائب منتظم علي علي چوندو ته هي اسپامنگ آهي:D
shal judy hujeen


lajwab-sharing


sindhsalamatsaathsal
 
سائين تمام بهترين لوگو آهن
سائين هڪ عرض ته توهان سئنيئر به آهيو اسان سنڌي احساس ڪمتري جو ڇو شڪار آهيون اسان پنهنجي پاڻ کي مظلوم ڇو ٿا سمجھو اسان هميشه اهڙيون تصويرون ڇو ٿا ڏيو تاڪه ڌاريا سمجھن ته سنڌي اڃا اتي ئي آهن
هئير وارو لوگو ۾ ڏسو ڪهڙي سنڌ جي عڪاسي ٿو ڪري توهان وارن ۾ به سنڌ جي ڪهڙي عڪاسي ٿو ڪري اسان جاڪامورا ٻاهرين کان امداد وٺڻ لاءِ سنڌ کي اهڙو ٿا پيش ڪن پر اسان ڇو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
حالانڪه اسانجي امڙ سنڌ ۾ پياريون شيون آهن سنڌ بزرگ ۽ علمي شخصيتن کي جنم ڏنو آهي
 
asul mattasul mattasul mattasul mattshabashshabash
واه سائين واه تمام بهترين لوگو تيار ڪيا اٿو انهن کي هڪ دفعو ڏسڻ کان پوء دل ڏسڻ کان ڀرجي ئي نٿي سائين اوهان تمام بهترين ڊيزائنر آهيو هي به اوهان جي ٻين ڪوششن وانگر اوهان جي تمام بهترين ڪاوش آهي شال جڙيا هجو suhnan saanshal judy hujeen
sindhsalamatsaathsalsindhsalamatsaathsal
مهرباني مٺا علي علي مان ٻه پَلَ جو شاعر مونکي ڪهڙي خبر ته ڊيزائين ڇا ٿيندي آهي پر الائي ڪهڙو سنڌ سلامت جي نانءُ ۾ جادو آهي جو دل چاهيندي آهي ته سنڌ سلامت جي اڱڻ کي رنگن سان مُرڪن سان، خوشبوئن سان اهڙو ته مهڪائجي جو هرڪو سنڌي سٻاجهو چئي ته سنڌ سلامت ئي آهي جو اسان سُڃاتا ٿا وڃون۔ الله سائين سنڌ جي هرچمن کي شاداب رکي، سنڌي سڀيئي جُڙيا هُجن۔ (آمين)
 
واه واه واه واه توهان ته هو ڪري ڇڏيو جيڪو ڪونه هوندو آهي ؟


اري ڪمال انگليش ۾ Magic
asul%20matt.gif
ادا جهانداد سمان توهان کي مُنهنجي هيءَ حقير ڪوشش وڻي مطلب ڪنگ خوش ٿيو، ۽ جڏهن ڪنگ خوش ٿيندو آهي ته اسان جهڙي پِرِجا لازمي خوش ٿيندي۔ باقي مان ڇا ڪيو ڪجهه به نه ڪيو آهي، بس صرف جيجل سنڌڙي سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي۔ توکي خبر آهي سنڌ سلامت ته سمورو جهان سلامت۔
 
سائين توهان جا مٿيان ٻه لوگو مون کي ڏاڍا پسند آيا
سائين توهان جي محنت لاجواب آهي توهان اهڙي محنت تي کيرون لهڻو
توهان جي محنت جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي وري جي اڃا وڌيڪ تعريف ڪندس ته نائب منتظم علي علي چوندو ته هي اسپامنگ آهي:D
shal judy hujeen


lajwab-sharing


sindhsalamatsaathsal
ادا وحيد ڦلپوٽا سنڌ سلامت آهي ته اسان جا پِرانَ سلامت آهن، سنڌ سلامت آهي، ته جهان جون رونقون آهن، سنڌ سلامت آهي، ته تون سلامت آهين، مان سلامت آهيان مهرباني جو مُنهنجي هيءَ نماڻي ڪاوش توکي پسند آئي۔
 
سائين تمام بهترين لوگو آهن
سائين هڪ عرض ته توهان سينئر به آهيو اسان سنڌي احساس ڪمتري جو ڇو شڪار آهيون اسان پنهنجي پاڻ کي مظلوم ڇو ٿا سمجھو اسان هميشه اهڙيون تصويرون ڇو ٿا ڏيو تاڪه ڌاريا سمجھن ته سنڌي اڃا اتي ئي آهن
هينئر واري لوگو ۾ ڏسو ڪهڙي سنڌ جي عڪاسي ٿو ڪري توهان وارن ۾ به سنڌ جي ڪهڙي عڪاسي ٿو ڪري اسان جاڪامورا ٻاهرين کان امداد وٺڻ لاءِ سنڌ کي اهڙو ٿا پيش ڪن پر اسان ڇو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
حالانڪه اسانجي امڙ سنڌ ۾ پياريون شيون آهن سنڌ بزرگ ۽ علمي شخصيتن کي جنم ڏنو آهي
عظيم سائين مهرباني جو توهان کي اهي لوگو پسند آيا۔ پر مان سمجهي نه سگهيس ته هنن لوگوز ۾ مون جيجل سنڌ کي ڪهڙي روپ ۾ پيش ڪيو آهي۔ واقعي زمانو ترقي جون تمام گهڻيون منزلون طئه ڪري چُڪو آهي، مان جيجل سنڌ جِي نياڻين کي پينٽ يا اسڪرٽ ۾ ڏيکاريان ها ڪجهه ترقي ظاهر ٿي پوي ها مان سنڌ جي مستقبل سنڌي ٻارن جي هٿن ۾ سنڌ سلامت جو بينر کڻڻ جي بجاءِ ڪلاشنڪوف يا پسٽل کڻندي ڏيکاريان ها ته دنيا سمجهي پي سگهي ته هاڻي سنڌي نياڻيون اجرڪ، لوئي ،ڀرت ڀريل گج کان ڪجهه اڳتي وڌي پينٽ اسڪرٽ تائين پهتيون آهن! سنڌي جوڌا سنڌي ٽوپي، پٽڪا ڇڏي پنهنجي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف يا بندوق يا پسٽل کڻي جديد سنڌ جي ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن ، ادا عظيم ير مُنهنجي انهن ٽنهي لوگوز ۾ هڪڙو پيغام سمايل آهي۔ معاف ڪجان اهو پيغام اميد وارو آهي، تخليق وارو آهي۔ مُنهنجي ٽنهي لوگوز ۾ هڪڙو مقصد سمايل آهي، هنن لوگوز کي تون چئن حصن ۾ ورهائي پوءِ پنهنجي راءِ قائم ڪر، ته سنڌ جي سُهڻي ثقافت جنهن کي پوري دنيا ۾ مڃتا مليل آهي ان کي ڪهڙي طرح مون اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ پهرين حصي ۾ دنيا جو گولو آهي، گولي جي وچ ۾ سنڌ جو نقشو آهي، جيئن دنيا جا سمورا گرهه عظيم سورج جي چوڌاري پنهنجا چڪر پورا ڪندا آهن تيئن مون پڻ سنڌ جي ڌرتي جي چوڌاري جيڪي شڪلون ڦرندي ڏيکاريون آهن اهي سڀ جُدا جُدا مُلڪن جون آهن جيڪي انشاالله اهو وقت ايندو جو سموري سنڌ کي پنهنجو محور سمجهي حق طواف ادا ڪندي سنڌ جي چوڌاري سنڌ جو طواف ڪندا نظر ايندا۔ ٻي حصي ۾ مون سنڌ جي مستقبل هڪڙي سنڌي نياڻيءَ جنهن کي رئو ڀرت ڀريل سنڌي ڪپڙا پاتل ۽ هڪڙو سنڌي پُٽڙو جنهن جي مٿي تي سنڌي ٽوپي آهي ان جي هٿ ۾ سنڌ سلامت جو بينر آهي ڏيکاري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جا ننڍڙا سنڌي ٻار جيڪي اسان جو آئيندو آهن اهي ئي سنڌ کي سدائين سلامت رکندا توهان ڏسو انهن ٻارن جي مُکَ تي معصوم مُرڪون آهن ۽ مُرڪ اُميد جي نشاني آهي، مُرڪ دنيا جي ساري نااُميديءَ جو ستياناس ڪري ٿي۔ ٽي حصي ۾ توهان ڏسو جيجل سنڌ جون نياڻيون گُلن واري چمن کي پنهنجو گواهه بنائي انهن سنڌي ٻارن ڏانهن اشارا ڪن پيون ته اسان جي سنڌ سدائين سلامت رهندي اسان جي ثقافت دنيا جي هر ثقافت کان نياري آهي، انهن سنڌي نياڻين جي چهرن کي ڏسي ٻُڌائي ته توکي انهن نياڻين جا چهرا مهڪندي ۽ ٻهڪندي نظر اچن ٿا، جڏهن جيجل سنڌ جي نياڻي پنهنجي آئيندي جو استقبال انهن ٻارن جو استقبال جن جي هٿن ۾ سنڌ سلامت وارو بينر آهي عيد جي چنڊ کي ڏسڻ وانگي اشارا ڪري مُسڪرائي ڪن ته يقين ڄاڻ سنڌ تان مايوسي ۽ نااُميديءَ وارا ڪڪر ختم ٿيڻ وارا آهن۔ چوٿين حصي ۾ مون سنڌ جي جنت جهڙي علائقي ٿر جي ماروئڙن کي پٽڪا پاتل ٿر جي شاهي سواري کيکڙي تي ويٺل ڪنهن اُٿاهه سوچ ۾ ڏيکاريو آهي، پر توهان ٿورو غور ڪريو انهن ماروئڙن جون نظرون پڻ انهن ٻارڙن ۽ کلندڙ مُسڪرائيندڙ سنڌي نياڻين ۾ آهن توهان کي خبر آهي ته ماروئڙن جي سوچ ڇا هوندي آهي ، انهن جي سوچ ۾ نت نوان سپنا آهن، انهن جي سوچ ۾ سنڌ جي سلامتيءَ جا سپنا آهن۔ ٿر سان گڏ سموري سنڌ جي شادابيءَ جا سپنا آهن۔ جيستائين مونکي خبر آهي ته مُنهنجي لوگوز ۾ مون جيجل سنڌ کي ڪنهن به بُري روپ ۾ دنيا وارن آڏو پيش نه ڪيو آهي۔ پر سنڌ جي سڀيتا کي اُجاگر ڪيو آهي ، سنڌ جي ثقافت جو هر دور ۾ نئون ۽ نڪور لڳندڙ روپ اُجاگر ڪيو آهي۔ باقي اڃان به تُنهنجي سوچ ڇا ٿي چوي پليز پنهنجي مفيد مشورن سان مونکي ضرور نوازيندي ته مهرباني ٿيندي۔
نوٽ : اڃان هڪڙو آخري لوگو رهي ٿو مُناسب وقت مليو ته ان لوگو جي تشريح پنهنجي تخليقي سگهه جي حساب سان ضرور ڪندس۔
 
سائين نثار ناز صاحب
توهان جيڪا لوگو جي تفصيل ٻڌائي اها شايد سون ۾ڪو هڪ سمجهيو هوندو
پيٽ شرٽ پائڻ ترقي جي علامت نه آهي ڪافي ترقي پذير ملڪن ۾گهڻا ماڻهو پيٽ شرت نه پائيندا آهن
اها اسان جا ڪجھ سنڌي دوست اها فڪر رکن ٿا ته پينٽ شرٽ پائڻ پڙهيل لکيل ماڻهو جي نشآني آهي
منهجي چند ڪلمن ڪري اگر دل آزاري ٿي هجي ته معذرتshal judy hujeen
 
جي ادا عظيم توهان بلڪل سچ ٿا چئو سئو دلين ۾ ڪا هڪڙي دل ئي درد وندي هوندي آهي بس مان انهيءَ درد وندي دل کي پنهنجا هي ٽيئي لوگوز ارپيان ٿو۔ مهرباني مٺا۔ باقي يار ڪهڙي دل آزاري ۽ ڪنهنجي دل آزاري۔ پيارا تون ته اسان جو انتهائي مان وارو ۽ محبتي ڀاءُ آهين ۔ شال جُڙيو هُجين
 
سائين وڏا،

توهان جي ڪوشش بهترين آهي ۽ قابل تعريف آهي۔ توهان جي تخليق تي داد نه ڏيڻ بي واجبي ٿيندي۔

ادا عظيم ڪجهه چوڻ پئي چاهيو، منهنجي خيال ۾ ادا ڪجهه هن طرح چوڻ چاهي پيو۔ ٿي سگهي ٿو مان غلط به هجان۔ ٻنهي صورتن ۾ معذرت

هر ديس جي شناخت اتي جا رهواسي ته ضرور هوندا آهن، پر اتان جون مشهور ماڳون ۽ مڪان به ان ديس جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ٿين پيا۔ مثال طور، تاج محل جي تصوير ڀارت کي ظاهر ڪندي آهي، ايفل ٽاور جي تصوير سان پيرس جو نالو ذهن ۾ اچي ٿو وغيره وغيره۔ جيئن صوبي سرحد جي نشاني ژخيبر پاس به لڳائي ويندي آهي، اهڙي طرح سنڌ به اهڙين نشانين سان مالامال آهي۔ موئن جو دڙو هجي يا مڪلي، لطيف سڪار، سچل، لعل شهباز، معصوم جو منارو، يونيورسٽين جون تصويرون، ڪراچي جون عمارتون، سکر بئراج، ڪوٽري بئراج، ڪوٽڏيجي، رني ڪوٽ، حيدرآباد جا تاريخي ماڳ، هالا جي ڪاشي، ڪينجهر ۽ منڇر جون لهرون، ٺٽي جي شاهجان مسجد هجي يا ڪلهوڙن جي ٺهرايل ٻي ڪا مسجد۔ ثقافتي رانديون يا پروگرام، جديد ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي ميڊيا جا حوالا ۽ سنڌي نوجوانن جو حصو وٺڻ جا تصويري حوالا يا مشهور سنڌي شخصيتن جو تصويرون۔ مطلب ته لسٽ اڻ کُٽ آؓهي۔ توهان جو لوگو ايڏو شاهوڪار ٺهي سگهي ٿو، جنهن ۾ اها سمجهائڻ جي ضرورت ئي نه پوندي ته، فلاڻي تصوير جي اکين ۾ ڇاهي ۽ فلاڻي تصوير فلاڻي ڳالهه کي سوچي رهي آهي۔

ڪجهه غلط لکجي ويو هجي ته معذرت
 
سائين وڏا،

توهان جي ڪوشش بهترين آهي ۽ قابل تعريف آهي۔ توهان جي تخليق تي داد نه ڏيڻ بي واجبي ٿيندي۔

ادا عظيم ڪجهه چوڻ پئي چاهيو، منهنجي خيال ۾ ادا ڪجهه هن طرح چوڻ چاهي پيو۔ ٿي سگهي ٿو مان غلط به هجان۔ ٻنهي صورتن ۾ معذرت

هر ديس جي شناخت اتي جا رهواسي ته ضرور هوندا آهن، پر اتان جون مشهور ماڳون ۽ مڪان به ان ديس جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ٿين پيا۔ مثال طور، تاج محل جي تصوير ڀارت کي ظاهر ڪندي آهي، ايفل ٽاور جي تصوير سان پيرس جو نالو ذهن ۾ اچي ٿو وغيره وغيره۔ جيئن صوبي سرحد جي نشاني ژخيبر پاس به لڳائي ويندي آهي، اهڙي طرح سنڌ به اهڙين نشانين سان مالامال آهي۔ موئن جو دڙو هجي يا مڪلي، لطيف سڪار، سچل، لعل شهباز، معصوم جو منارو، يونيورسٽين جون تصويرون، ڪراچي جون عمارتون، سکر بئراج، ڪوٽري بئراج، ڪوٽڏيجي، رني ڪوٽ، حيدرآباد جا تاريخي ماڳ، هالا جي ڪاشي، ڪينجهر ۽ منڇر جون لهرون، ٺٽي جي شاهجان مسجد هجي يا ڪلهوڙن جي ٺهرايل ٻي ڪا مسجد۔ ثقافتي رانديون يا پروگرام، جديد ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي ميڊيا جا حوالا ۽ سنڌي نوجوانن جو حصو وٺڻ جا تصويري حوالا يا مشهور سنڌي شخصيتن جو تصويرون۔ مطلب ته لسٽ اڻ کُٽ آؓهي۔ توهان جو لوگو ايڏو شاهوڪار ٺهي سگهي ٿو، جنهن ۾ اها سمجهائڻ جي ضرورت ئي نه پوندي ته، فلاڻي تصوير جي اکين ۾ ڇاهي ۽ فلاڻي تصوير فلاڻي ڳالهه کي سوچي رهي آهي۔

ڪجهه غلط لکجي ويو هجي ته معذرت
پيارا ٻروچ مهرباني توهان جي مفيد ۽ بهترين مشورن تي انشاالله عمل ڪيو ويندو۔ باقي ادا ٻروچ مونکي انتهائي ڏُک ٿيندو آهي جو دوست ننڍين ننڍين ڳالهين تي مُعذرت ٿا گهرن مونکي خوشي ٿيندي آهي جو ڪو دوست روايتي لکڻين سُٺي آهي خراب آهي کان هٽي ڪري تفصيل سان ڪنهن به پوسٽ تي ڪامينٽس ڏيندو آهي، اها سنڌ سلامت جي ڪاميابيءَ جي نشاني آهي جو هاڻي سمورا دوست لکڻ جو ڏانءُ اسان سان شيئر پيا ڪن، پياري عظيم به سُٺو لکيو هو ۽ توهان به ماشاالله تمام بهترين ڪامينٽس ڏنا آهن۔ ادا ٻروچ اسان چاهيون ٿا ته اسان جا سمورا دوست پنهنجي تخليق پنهنجي ڏات ۽ پنهنجي ڏانءُ کي ڀرپور نموني سان اسان سان شيئر ڪن۔ ۽ ائين ئي حق سنڌيت ادا ٿيندو۔شال جُڙيا هُجو ٻروچ مُنهنجا ڀاءَ
 
ادا نثار ناز!
لوگو، انتهائي سهڻا آهن ۽ اوهان دوستن جون ڳالهيون پڙهي هڪ ڳالهه ذهن ۾ آئي ته پويان جت ماڻهن جو هجوم آهي ان جاءِ تي سنڌ جي راندين کي جڳهه ملي وڃي ته شايد اڃان ڪجه بهتر، ملهه ، ڪوڏي ڪوڏي، ٻلهاڙو يا ونجهه وٽي، ڏاندن جي گوءِ وغيره وغيره ... ڇا خيال آهي ؟
 
ڀاءُ ٻروچ صاحبshal judy hujeenshabashshabash
توهان ته منهنجي دل جي ڳاله ڪئي آهي بلڪل ادا منهجو اهو ئي مقصد هيو
ڇوته اگر توهان جو ڪنهن ملڪ جي ايم بي سي ۾ وڃڻ ٿيو هجي اتي انهي ملڪ جون ناياب تصويرون اهڙي قسم جون ئي نمايان لڳل هونديون آهن
الله پاڪ جي فضل سان اسان جي سنڌ جون اهڙيون ناياب تصويرون ته بي شمار آهن خصوصا توهان ذڪر ڪيون آهن
 
سائين نثار جن جي موڪليل بهترين لوگوز کي جڏهن سندن ئي بيان ڪيل وضاحت سان ڏٺوسين ته واقعي به دل کي ڇهندڙ لڳا.... وري دوستن جي راءِ به گهٽ قيمتي نه لڳي ...
هڪ دفعي ادا سلطان يا وري سائين نثار ابڙو ڪنهن به تحرير تي تنقيدي تبصري لکڻ لاءِ دوستن کي مشورو ڏنو هو... ان وقت فورم پنهنجي ابتدائي عمر ۾ هيو .... اڄ ادا عظيم ۽ ٻروچ دوست جا تنقيدي تبصرا ۽ موٽ ۾ سائين نثار ناز جن جو جواب ٻڌائين ٿا ته سنڌ سلامت پنهنجي سفر ۾ ڀٽڪيو نه آهي ۽ منزل جي رخ تي ئي گامزن آهي....
مون کي ياد ٿو اچي ته ادا واصف جن پڻ سنڌ سلامت لاءِ لوگو تيار ڪرڻ جو لکيو هيو.... کين مشورو آهي ته هن موضوع کي پوري يڪسوئي سان پڙهي ان کان پوءِ پنهنجي لوگو کي تيار ڪن ته کين جو تصوير بهترين شڪل سان فورم تي لوگو جي صورت ۾ ايندو....
 
ادا نثار جي لوگوز کي ڏٺو، ڪافي سهڻا ۽ سُٺا لوگوز هيا. مون کي سنڌ سلامت جي سائيٽ وزٽ ڪندي ڪافي ڏينهن ٿي چڪا هئا، اڄ ادا ابوزين مهرباني فرمائي ياد ڏياريو ته ادا نثار لوگوز ته چيڪ ڪري وٺ. دل کي تمام وڻيا.
محترم منتظم اعليٰ جي مشوري تي عمل ڪندي گذارش آهي ته مون هڪ ڪاتب کان ”سنڌ سلامت“ جا ٽي نمونا تيار ڪرايا ته آهن، پر انهن ۾ منهنجي ڊزائننگ جي محنت رهيل آهي. اڄوڪي ڏينهن ۾ تڪڙ ڪري هڪڙو ظاهري نمونو ته پيش ڪريان ٿو، پر ان تي اڃان گهڻو ڪم رهيل آهي. ان نموني ۾ اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”سنڌ سلامت“ جو ٻيڙو پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي، اڳيان درياءَ جون ڇوليون ۽ ڪُنَ وغيره آهي. پر هو پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي. نه آنڌي، نه مانڌي پيو ڏسي، پاسي ۾ هڪ شخص ”سنڌ“ جي سلامتيءَ لاءِ ڌڻيءَ در ٻاڏائي رهيو آهي.
مقصد ته اسان هن سائيٽ جي ذريعي سنڌ لاءِ جاکوڙ جي ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون، باقي دعائون دوستن جون گُهرجن.

52669317.jpg


واضح رهي ته هن لوگو جي سوڌ سنوار تي ڪم هلي رهيو آهي.

سائين باقي ٻيو لوگو، جيڪو سنڌ جي بزرگ هستين، ولين ۽ ماڳن تي مشتمل آهي، اهو به ڪوشش ڪري ٻن ٽن ڏينهن ۾ توهان آڏو پيش ڪندس.
 
پيارا توهان جا مٿيان ٻه لوگو مون کي ڏاڍي پسند آيا
توهان جي محنت لاجواب آهي توهان اهڙي محنت تي جيتري به داد ڏجي گهٽ آهي۔
اميد ته انهن لوگو کان به وڌيڪ سٺا لوگو پيش ڪندا رهندا
 
Back
Top