امن پسند رومانوي شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو
ڪرنل معمر قذافي
عالمي اڳواڻن سان شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي دوستين جا قصا عام ماڻهن کي اڄ به الف ليلوي داستانن وانگر ياد آهن. سندس اهڙن خاص دوستن مان لبيا جي صدر ڪرنل معمر قذافيءَ جو نالو سرفهرست آهي. پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم ۽ اسلامي دنيا جي عظيم اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو بابت ڪرنل قذافيءَ جي هيءَ تحرير لاڙڪاڻي واسي نوجوان محقق ۽ صحافي آصف رضا موريي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”ذوالفقار علي ڀٽو اور عالمي ميڊيا“ ۾ مهاڳ طور شامل آهي. هتي ان جي سنڌي ترجمي ڏيڻ جو مقصد شهيد ڀٽي بابت سندس مانائتن دوستن جي راءِ کان پڙهندڙن کي آگاهي ڏيڻ آهي ته جيئن نئون نسل پاڪستان جي عظيم محسن بابت عوام جو آواز بڻيل انهن ڏند ڪٿائن کي حقيقتن سان ڀيٽي مستقبل لاءِ ڪو نئون گس ڪڍي سگهجي.
25 جولاءِ 2007ع تي صبح جو اٽڪل يارهين وڳي معمول وارا خط پٽ ڏسي واندو ٿيس ته قهوي جي طلب محسوس ٿي. پنهنجي سيڪريٽريءَ کي انٽرڪام تي قهوي جو چئي ريٽائرنگ روم ۾ هليو آيس. ڪجهه دير اکيون ٻوٽي چيلهه سڌي ڪيم، پوءِ سوچيم ته ڇو نه ملاقاتين جي فهرست ڏسي وٺان ته جيئن پنهنجي فراغت جي حساب سان ماڻهن کي وقت ڏيئي سگهان. لسٽ معمول مطابق هئي. وزيٽنگ ڪارڊز، دعوت ناما، وغيره، ڪو خاص نه هو. ڏسندو رهيس، نيٺ هڪ عام ملاقاتي جي ڪارڊ تي لکيل تحرير مونکي ڇرڪائي ڇڏيو: اهو ڪارڊ اسان جي ملڪ جي مشهور اخبار جي نامياري سياسي ڪالم نگار ابورعد قرعي جو هو، جنهن جي پويان لکيل هو ”جناب! منهنجي هڪ پاڪستاني دوست آصف رضا موري (جيڪو پنهنجي ملڪ جو نامور محقق ۽ صحافي آهي) شهيد ذوالفقار علي ڀٽي تي هڪ ڪتاب لکيو آهي ۽ هو چاهي ٿو ته مسٽر ڀٽو جا دوست هئڻ جي ناتي توهان سندس باري ۾ ڪا راءِ ڏيو ته جيئن ان کي ڪتاب جي زينت بڻائي سگهجي....“ اهو پيغام مون لاءِ انتهائي وڻندڙ حيرت جو باعث بڻيو ۽ جنهن قهوي جي طلب کي اڃا به وڌائي ڇڏيو. ان وقت منهنجو اٽينڊنٽ رديف ٽرالي ڌڪيندو اندر آيو، جنهن جي پويان سيڪريٽري به هو. مون کانئس ڪارڊ واري صحافيءَ جي باري ۾ پڇيو، جنهن تي هن ٻڌايو ته هو ويٽنگ روم ۾ ان لاءِ ويٺو آهي ته جيئن توهان کيس ملاقات لاءِ ڪا تاريخ ٻڌايو، يا وقت ڏيو، منهنجي ذهن جي اسڪرين تي ڀُٽي جو کلندڙ مرڪندڙ باوقار ۽ خوبصورت چهرو ڦرندو رهيو. اکين جي ماڻڪين تي آلاڻ وڌندي محسوس ٿي، پر في الحال سندس ياد کي ٽارڻ جي ڪوشس ڪندي سيڪريٽريءَ کي چيم: ”اهو منهنجي عظيم دوست جو پيغامبر آهي، کيس عزت سان اندر وٺي آءٌ، سندس اچڻ بعد ٻن ماڻهن لاءِ قهوو ۽ ڪجهه اسنيڪس به کنيو اچجانءِ. مان به ساڻس گڏ پيئندس.“
اٽڪل پنجن منٽن کان پوءِ حيران نظر ايندڙ ٿلهڙي جهڙو ابو رعد منهنجي آڏو بيٺو هو. هن ايندي ئي منهنجا ٿورا مڃيا ته مون کيس ايترو جلد ملڻ جو وقت ڏنو، جنهن تي مون کيس چيو : ”ٿورائتو ته آءٌ اوهان جو آهيان جو اوهان، منهنجي هڪ مانائتي دوست ۽ اسلامي دنيا جي قابل قدر محسن جي ياد بڻجي آيا آهيو، جنهن سان منهنجي زندگيءَ جا خوبصورت پل وابستا آهن.“
ابو رعد ٿورن لفظن ۾ ڪتاب ۽ مصنف جي باري ۾ ٻڌايو. ساڳئي وقت ليکڪ جو سنڌو ماٿريءَ جي تاريخي شهر موهن جي دڙي تي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب Moen Jo Daro Mysterious City of Indus Valley Civilization پڻ ڏنو، جنهن جو ٽائيٽل انتهائي وڻندڙ هو. جڏهن ته ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي اوٺي رنگ جي ٽي شرٽ ۽ نيري جينز پهريل هڪ خوبصورت نوجوان بيٺو مسڪرائي رهيو هو. ابو رعد وڌيڪ ٻڌايو ته ليکڪ، ڀُٽي صاحب جي شهر لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو. بهرحال مون رعد سان وعدو ڪيو ته آءٌ ڪوشش ڪندس ته ان عظيم انسان لاءِ ڪجهه لکڻ جو پاڻ کي اهل ثابت ڪري سگهان. مون کيس ٻن ڏينهن بعد اچڻ لاءِ چيو. اهو سڄو ڏينهن ڀٽي جي يادن سان گذاريم، جيڪو اهڙو شهيد هو، جنهن زندهه ماڻهن کان وڌيڪ عمر ماڻي. هن کي جيئري ئي جيڪو مان مرتبو مليو، اهو جديد تاريخ جي چند انقلابي اڳواڻن کي وڏي مشڪل سان مليو آهي، اهو ئي سبب آهي جو شهادت کان پوءِ به هو اڄ سوڌو هميشه امرتا جي سمورين ڪيفيتن جي امين طور اسان سڀني کان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ ساهه پساهه ۾ ساڻ آهي. کيس دنيا هميشه عظيم مدبر مڃي مان ڏنو پر هو اسان سڀني دوستن ۾ ڪاليج جي شاگردن وانگر ايترو کلمک ۽ خوش مزاج هو جو سندس ڳالهيون ٻڌي ياسر عرفات جهڙا رکا ۽ حافظ اسد جهڙا سنجيده ماڻهو به کلي کيرا ٿي ويندا هئا. منهنجو ته معاملو ئي الڳ هو. آءٌ جڏهن به ڀٽي صاحب سان ڪنهن دوري تي سندس ملڪ يا هو منهنجي ملڪ ۾ هوندو هو ته منهنجا ڏند ٽڙيا پيا هوندا هئا. اهڙي عادت تي اڪثر ڪري منهنجي گهر واري به چڙندي هئي ته آءٌ ڀُٽي جي ڳالهين تي چرين وانگر ٽهڪڙن ۾ ڇو ٿو ويڙهجي وڃان.
ڀُٽي جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي ملڪ پاڪستان کي بحران مان ڪڍيو، پر اڄ آءٌ هڪ ٻيو اعتراف به ڪريان ٿو ته اسان جا تمام گهڻا دوست پنهنجن ملڪن جا مسئلا نبيرڻ ۽ بحرانن جي حل لاءِ مسٽر ڀٽو جي مشورن جا محتاج رهندا هئا. هو هڪ بهترين سياسي رهنما ۽ اسلام جو اهڙو سچو سپاهي هو، جيڪو ڏينهن رات پنهنجي دين جي سربلنديءَ لاءِ عملي ڪوششون ڪندو رهندو هو. ڀٽي جي ساٿي اڳواڻن پنهنجن پنهنجن ملڪن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو، پر مسٽر ڀٽو ان حوالي سان اسان سڀني کان منفرد هو، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ملڪ، پنهنجي عوام ۽ اسان سڀني جي ملڪن ۽ اسلامي دنيا جي ساک بهتر بنائڻ لاءِ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. اهو ئي سبب اهي جو اڄ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن (جن ۾ منهنجو ملڪ به شامل آهي) ۾ ڀُٽي کي پنهنجي ڏيهي هيروز ۽ رهنمائن کان به وڌيڪ احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.
هو هڪ سچو انسان دوست ته هو ئي پر اسلامي ڪاز سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو. ان ڪري ئي هن سڄي دنيا ۾ اسلامي ملڪن کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ جون هر ممڪن ڪوششون ڪيون. ڪشمير مسئلو هجي يا فلسطين جي آزاديءَ جو ڳنڀير معاملو، يا بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ جي ڳالهه هجي. قدرت کيس اڳواڻيءَ جي عظيم صلاحيتن سان نوازيو هو، جنهن جي آڌار مسٽر ڀٽو انتهائي خطرناڪ ۽ مونجهاري واري صورت حال سان به مهاڏو اٽڪائي ڪامياب ٿي ڏيکاريندو هو. کيس نئين دنيا اڏيندڙ سمورين قوتن جي محرڪن جو ادراڪ هو. هو خراب ٿيندڙ لاڳاپن کي، پوءِ اهي سياسي هجن يا ذاتي، مفاههمت، سليقي ۽ ڏاهپ سان ٻيهر بهتر بنائڻ جو ماهر هو.
هو ڪارناما سرانجام ڏيئي ڏندين آڱريون ڏياريندڙ ليڊر هو. هن ڀارت جهڙي روايتي دشمن کان 90 منٽن جي ڳالهين ۾ 90 هزار قيدي ڇڏائي ورتا. سندس ڏاهپ ۽ زبردست ذهانت جي ڪري رڳو اسان دوستن جو ٽولو ئي نه بلڪ صدر ناصر ۽ مائوزي تنگ جهڙا اڳواڻ پڻ هن جا مداح هئا. اسان ڪيترائي ڀيرا ڀُٽي صاحب جي ڳالهين ۽ ڏاهپ آڏو ڪجهه عظيم اڳواڻن کي به هيسيل ۽ وساڻل وساڻل ڏٺو. اهڙي ئي ڪيفيت جو حقيقي اظهار ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير پروفيسر ڊاڪٽر هينري ڪسنجر چيو هو: ”مون ڀُٽي جي موجودگيءَ ۾ هميشه ايئن محسوس ڪيو ته هاڻي مون کي پنهنجي دور جي هڪ انتهائي عظيم شعلا بيان مقرر کي منهن ڏيڻو پوندو، جيڪو نه رڳو مون کان وڌيڪ فصيح البيان آهي بلڪه مون کان وڌيڪ سٺو ڳالهائي به سگهي ٿو.“
ڀٽو نه جنگ پسند ڪندو هو، نه وري جنگ پرست هو. هو رومانوي شخص هو. سندس اندر ۾ هڪ شاعر ويٺل هو، جنهن امن ٿي چاهيو. هو مظلوم طبقن جي جدوجهد جو حمايتي هو. اسين هر قسم جي حالتن ۾ گڏ رهياسين، پر کيس ٿڪجندي يا ٿَڪ جي شڪادت ڪندي نه ڏٺو. سڄي دنيا کيس مڃتا ڏني، پر ڪڏهن به منجهس وڏائيءَ جو احساس پيدا نه ٿيو. هو دولت مند هو پر هن غريبن لاءِ پنهنجي طبقي سان بغاوت ڪئي. هو جاگيردار هو پر هن هميشه پورهيتن جو ساٿ ڏنو. هو حڪمران هو پر سدائين محڪومن جي دلين ۾ آباد رهيو.
ڀُٽي جي باري ۾ مشهور هو ته هو سٺو ۽ سليقي وارو لباس پهرڻ جي معاملي ۾ دنيا جي چند اهم ماڻهن مان هڪ آهي، پر ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ويو ته هو بغير استري ٿيل شلوار قميص پائي عام ميڙاڪن ۾ هليو ويندو هو، گهڻو ڪري عام پٽين واري باٽا جي چپل پائي بازار ۾ نڪري ويندو هو، جيڪا سندس اڇڙن پيرن ۾ ڏاٺي سٺي لڳندي هئي. ڪڏهن ته هيئن به ٿيندو هو ته مهمان گهڻا ٿي ويا ته هو پاڻ نوڪرن جي کٽ تي ليٽي پوندو هو. پنهنجن انهن سادن سماجي روين ۾ ڀٽو صفا قدرتي ۽ وڻندڙ لڳندو هو.
آءٌ انتهائي ڏک سان اهو اعتراف ڪريان ٿو ته نه رڳو پاڪستاني عوام بلڪ اسان سڀني، جن لاءِ ڀُٽي گهڻو ڪجهه ڪيو، اُن لاءِ اسين ڪجهه نه ڪري سگهياسين. اسان جنرل ضياءَ کي پرزور اپيلون ڪيون ۽ اميد هئي ته جنرل ضياءُ ڪا اهڙي حرڪت نه ڪندو، جيڪا هُن ڪئي. حقيقت اها هئي ته ضياءَ ان معاملي ۾ سڀني سان دوکو ڪيو. رات پيٽ ۾ هن جيڪو ڪجهه ڪيو، ان جو اسان مان ڪنهن کي به انديشو نه هو. آءٌ اهو به مڃان ٿو ته ڀُٽي جي شهادت نه رڳو پاڪستان کي ڪئين سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو، بلڪ اسلامي بلاڪ جو خواب جيڪو ڀُٽي اسان سڀني لاءِ ڏٺو هو، اهو به چڪنا چور ٿي ويو، ڇو جو ان کان پوءِ ڪوبه اِن سطح جو ذهين شخص اسان ۾ موجود ناهي، جنهن جي ڀٽي وانگر دل سان عزت ڪئي ويندي هجي يا جيڪو سڀني مسلمان اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي اهليت رکندو هجي. ڀُٽي کان پوءِ اسان سڀئي اسلامي بلاڪ کي وڌائڻ ۽ زور وٺرائڻ جي ذميداريءَ کان لنوائي پنهنجن پنهنجن مفادن تائين محدود ٿي وياسين.
ڀُٽي جي ڦاسيءَ جي خبر ٻڌي اسان دوستن ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي ملڪن ۾ عوامي ۽ سرڪاري سطح تي سوڳ ملهايو، نيٺ زندگي جي وهنوار ڏانهن موٽڻو پيو، پر ڀٽو هڪ اهڙو محبوب هو، جنهن جي يادن کي ظالم وقت به اسان جو پيڇو ڇڏائي نه سگهيو. سندس شهادت کان پوءِ اسان جي ڪيترن ئي دوستن نه رڳو پنهنجن ملڪن ۾ جنرل ضياءَ جي اچڻ تي بندش هڻي ڇڏي، بلڪ پوءِ ڀُٽي جي ملڪ وڃڻ تان به سندن ارواح کڄي ويو، جن ۾ آءٌ به شامل آهيان.
اڄ مون کي تمام سٺو پيو لڳي ته ڀُٽي جي ديس جي هڪ نوجوان مون کي اهو مان ڏنو آهي ته آءٌ پنهنجيون وکريل سوچون سهيڙي اُن عظيم انسان تي لکيل ڪتاب لاءِ راءِ ڏيان، جيڪو نه رڳو منهنجي زندگي جو حقيقي هيرو هو بلڪ اسلامي دنيا جو هڪ اهڙو قابل فخر اڳواڻ هو، جنهن کي سندس بهادريءَ وارن گُڻن، اڻ مٽ ڪارنامن ۽ شاندار ڪردار جي ڪري هزارين نسل ياد رکندا، ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته عظيم انسان ڪڏهن به مرندا ناهن.

عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل