سينيئر صحافي جي اين مغل ذوالفقار علي ڀٽي جون ساروڻيون ساري ٿو
بنگالي پاڪستان کان الڳ ٿيا ته سنڌي اڪيلا رهجي ويندا ، پاڪستان بنگالين ٺاهيو آهي يا سنڌين، اسان سنڌين کي اڪيلو ڇڏي نه وڃو ، مان سنڌ جو سائين نه آهيان، سنڌ مان جي (منهنجي) امڙ آهي، مان سنڌ جو سائين نه پر خادم آهيان: نوابشاهه ۾ شهيد ڀٽي جو خطاب
هيءُ اهو ڏينهن هو جڏهن فوجي آمر جنرل ضياءُالحق جي حڪمن تي رات جو 70 ڪلفٽن مان اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو. ان کان اڳ ڏينهن جو اهي افواهه گرم ٿي ويا هئا ته اڄ رات ڪنهن به وقت ذوالفقار علي ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويندو.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ منهنجو دوست صحافي علي احمد خان مليو، اسان ٻنهي طئه ڪيو ته اسين فوري طور تي 70 ڪلفٽن هلون ۽ ڏسون ته انهن افواهن جو 70 ڪلفٽن تي ڪهڙو اثر آهي ۽ ڪوشش ڪري ڀٽي صاحب سان ملون ۽ ساڻس ڳالهايون ته انهن افواهن جي باري ۾ سندس معلومات ڇا آهي؟
اسين جڏهن 70 ڪلفٽن پهتاسين ته ان جو مرڪزي گيٽ بند هو ۽ ٻاهران پهريدار بيٺو هو، معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته ڀٽو صاحب ڪجهه وقت اڳ ڪار ۾ ٻاهر نڪري ويو آهي. اسان ڀٽي صاحب جي ذاتي نوڪر دوست محمد کي ٻاهر گهرايو جنهن ٻڌايو ته ڀٽو صاحب جناح اسپتال ويو آهي پ پ جو اڳواڻ نواب سلطان احمد چانڊيو، جنهن کي پ پ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ شرط گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان ڏينهن طبيعت ناساز هئڻ سبب کيس جناح اسپتال آندو ويو هو، جي مزاج پرسي ڪرڻ لاءِ جناح اسپتال ويو آهي اهو ٻڌي اسين به فوري طور تي جناح اسپتال پهتاسين ۽ پڇا ڪندي اسپتال جي پهرئين فلور تي هڪ ڪمري جي ٻاهر وڃي بيٺاسين جتي ڀٽو صاحب نواب سلطان چانڊيي جي مزاج پرسي ڪري رهيو هو. اسان ڪمري جي ٻاهران 15-20 منٽ مس انتظار ڪيو ته ڀٽو صاحب ڪمري کان ٻاهر نڪتو، کيس فل سوٽ پاتل هو ۽ سندس هڪ هٿ ۾ سگار هو، ڀٽي صاحب جي شخصيت ۾ عجيب مقناطيسيت هئي. ڀٽو صاحب ڪمري کان ٻاهر ڇا نڪتو سندس چوڌاري 25-30 ماڻهو گڏ ٿي ويا جن ۾ مريض به هئا، مريضن جا ملاقاتي به هئا ته نوجوان توڙي ڪجهه سينيئر ڊاڪٽر به شامل هئا، ان ميڙ مان جيئي ڀٽو جا نعرا گونجڻ لڳا، اسپتال جي عملي جا ٻه ڄڻا ڀٽي صاحب کي وٺي لفٽ وٽ پهتا، لفٽ اچي وئي، لفٽ ۾ ڀٽو صاحب صحافي علي احمد خان ۽ آئون شايد هڪ ٻه، ٻيا داخل ٿياسين. ڀٽي اسان کي ڏسي مشڪي ڏنو ۽ سگار مان ڪش هڻندي اسان کي مخاطب ٿيو ۽ چيو ته توهين به هتي پهچي يا. جيئن لفٽ هيٺ پهچي تيئن هڪ سوال مون ۽ هڪ سوال علي احمد خان ڪري سگهيو. اسان ڀٽي صاحب کان پڇيو ته افواهه گرم آهن ته ڪنهن به وقت اوهان کي گرفتار ڪيو ويندو. توهين گرفتاريءَ لاءِ تيار آهيون؟ سوال ٻڌي ڀٽي صاحب ٽهڪ ڏنو ۽ اسان کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان مون کان پڇڻ ٿا چاهيو ته آئون ذهني طور پنهنجي گرفتاري لاءِ تيار آهيان؟ ڀٽي صاحب انگريزي ۾ جواب ڏيندي چيو ته گرفتاري ڇا ڳالهه آهي آئون ان هر امڪاني صورت حال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. جيڪا فوجي آمرن طرفان منهنجي لاءِ، منهنجي خاندان لاءِ هن ملڪ جي غريب عوام لاءِ پيدا ڪئي ويندي. ان وقت اخبارن ۾ ڀٽي صاحب جي خلاف ڪردار ڪشي جي مهم وڏي زور شور سان شروع ٿي چڪي هئي. اسان جو ٻيو سوال انهيءَ مهم بابت هو. اسان پڇيو ته ان مهم بابت توهان جي ڪهڙي راءِ آهي. ڀٽي صاحب جواب ۾ چيو ته اها مهم نه اڃا ابتدائي مرحلي ۾ آهي. جڏهن اها عروج تي پهچندي، شايد پهاڙ به روئي ڏين.
جنرل يحييٰ خان جي مارشل لا جو دور هو. اوڀر پاڪستان ۾ فوجي آپريشن شروع ٿي شايد ڪجهه مهينا گذري چڪا هئا. اوڀر پاڪستان جي بحران جي حوالي سان ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جيڪو ڪردار ادا ڪيو تنهن بابت سنڌ جي عوام ۾ ڪافي حد تائين شڪ شبها موجود هئا. ان دور ۾ ڀٽو صاحب پيپلزپارٽي جي ان وقت جي هڪ اڳواڻ امام علي انڙ جي دعوت تي امام علي انڙ جي ڳوٺ اچڻو هو. ان مرحلي تي سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) طرفان لطيف هال نواب شاهه ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڀٽي صاحب کي مدعو ڪيو ويو. آئون به ان وقت نواب شاهه ۾ هوس ۽ جڏهن ڀٽو صاحب تقريب ۾ شرڪت لاءِ لطيف هال پهتو ته اتي عوام جو هڪ تمام وڏو اجتماع موجود هو. آئون به ان اجتماع ۾ موجود هوس. اسٽيج تي ڀٽي صاحب سان گڏ غلام مصطفيٰ جتوئي، حاڪم علي زرداري، عبدالفتاح ميمڻ، قاضي محمد بخش ڌامراهه ۽ ڪجهه ٻيا رهنما موجود هئا. شايد اسٽيج جي اردگرد جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪنن طريقي سان قبضو ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڄاڻ نه سپاف کي هئي ۽ نه پ پ کي هئي. جڏهن ٻيا پ پ رهنما تقريرون ڪري چڪا ۽ ڀٽو صاحب تقرير ڪرڻ لاءِ جيئن مائيڪ وٽ پهتو ته اوچتو اسٽيج جي ڀر مان امرا ديش، تمرا ديش، بنگلاديش، بنگلاديش، تنهن جو ديش منهنجو ديش سنڌو ديش ، سنڌو ديش ۽ تنهنجو سائين منهنجو سائين جي ايم سائين، اهي نعرا انتهائي زور سان لڳي رهيا هئا ۽ ماڻهن ۾ افراتفري ڦهلجڻ لڳي، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ حاڪم علي زرداري ڪرسين تان اٿي جيئن پوئتي هٽڻ لڳا ته هنن جون پٺون وڃي ڀت سان لڳيون، پر نعرن جي باوجود ڀٽو صاحب ڊائيس تي مائيڪ ۾ هٿ وجهو بيٺو رهيو. هو ڪجهه وقت لاءِ ماٺ ڪري بيٺيو رهيو ۽ نعرا ٻڌندو رهيو، آهستي آهستي ڀٽي صاحب ڳالهائڻ شروع ڪيو، نعرن جي باوجود ڀٽي صاحب جا اهي لفظ ٻڌڻ ۾ آيا ته ”ٻڌوسين، ٻڌوسين، هاڻ مان ڳالهائيندس“ ڪجهه وقت لاءِ ڀٽو صاحب اهي لفظ ورجائيندو رهيو، آخرڪار ڀٽي صاحب جي تقرير نعرن تي غالب پوندي وئي. نيٺ نعرا بند ٿي ويا ۽ ڀٽي صاحب اٽڪل مني ڪلاڪ تائين انتهائي جذباتي تقرير ڪئي. اسان ان کان اڳ ٻڌو هو ته ڀٽو تمام وڏو مقرر آهي. پر ان ڏينهن ڏٺو سين ته ڀٽو ڪيڏو وڏو مقرر آهي هن ڳالهه اتان شروع ڪئي ته ”مان سنڌ جو سائين نه آهيان، سنڌ مان جي (منهنجي) امڙ آهي مان سنڌ جو خادم آهيان، نوڪر آهيان، مان سنڌ جو سائين هئڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان“. بعد ۾ ڀٽي صاحب چيو ته مان (مون) تي الزام هنيو ٿو وڃي ته اوڀر پاڪستان ۾ آپريشن مان ڪرايو آهي. ڀٽي صاحب سوال ڪيو ته ڇا مسلم ليگ مان ٺهرائي هئي. هن چيو ته ان وقت آئون شايد ڄائو به نه هوس يا ننڍو ٻار هوس، ڀٽي صاحب چيو ته پهرين مسلم ليگ ٺاهي وئي، مسلم ليگ جي شاخ سنڌ ۾ قائم ڪئي وئي. بعد ۾ چيو ويو ته مان کان غلطي ٿي آهي. ان کان پوءِ ڀٽي صاحب اوڀر پاڪستان ۽ ڍاڪا ۾ عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان سان ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته جڏهن ڪمري ۾ آئون ۽ شيخ مجيب رحمان اڪيلا هئاسون ته مون هٿ ٻڌي شيخ مجيب رحمان کي ايلاز ڪيا ته اوهين بنگالي پاڪستان کان ڌار نه ٿيو. هن چيو ته مون شيخ مجيب کي مخاطب ٿي چيو ته پاڪستان کي يا بنگالين ٺاهيو آهي يا سنڌين ٺاهيو آهي. هن چيو ته مون شيخ مجيب کي منٿ ڪندي چيو ته جيڪڏهن هن مرحلي تي اوهين بنگالي پاڪستان کان الڳ ٿي ويندا ته اسين سنڌي اڪيلا رهجي وينداسين. هن چيو ته مون شيخ مجيب کي منٿ ڪئي ته اوهين بنگالي اسان سنڌين کي اڪيلو ڇڏي نه وڃو. اچو ته اوهين بنگالي اسين سنڌي گڏجي جمهوري پاڪستان اڏيون. اهڙي ريت ڀٽي صاحب اٽڪل مني ڪلاڪ تائين تقرير ڪئي ۽ آخر وقت تائين سڄو اجتماع جئي ڀٽو جا زوردار نعرا هڻندو رهيو.
ايوب خان جو دور هو. شايد 1964 وارو سال هو. ان سال سنڌ ۾ هڪ خطرناڪ طوفان آيو هو جنهن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ تمام وڏي تباهي آئي هئي. فصل ته تباهه ٿيا هئا. هر هنڌ وڻ ٽڻ ڪريا هئا پر وڏي پئماني تي جڳهيون به ڪريون هيون ۽ سنڌ جي ماڻهن جو تمام وڏو نقصان ٿيو هو. ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو پرڏيهي وزير هو. ان ڀيري قومي اسيمبلي جو اجلاس ڍاڪا ۾ ٿي رهيو هو. ان طوفان کان هڪ، ٻه ڏينهن پوءِ ڍاڪا واري قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اوچتو پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو پوائنٽ آف آرڊر تي اٿي بيٺو ۽ اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته جناب اسپيڪر آئون توهان جو توجهه طوفان سبب پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ آيل تباهي ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿو.ا ن کان پوءِ ڀٽي صاحب اسيمبليءَ ۾ سنڌ بابت هڪ انتهائي ڊگهي پر جذباتي ۽ مدلل تقرير ڪئي ۽ چيو ته اڄ سنڌ تي مصيبت آيل آهي. اها سنڌ جنهن پاڪستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، جنهن سڀ کان اڳ پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو، جنهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندستان ۾ لڏي آيل لکين مهاجرن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ هنن جي دل جي گهراين سان پرگهور لٿي. اها تقرير ان وقت جي عبرت اخبار ۾ متن سان شايع ٿي هئي.
ڀٽو صاحب موت جي سزا وارن قيدين جي سيل ۾ بند هو، ملڪ ۾ بحث جاري هو، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني ويندي يا بين الاقوامي دٻاءَ سبب ان تي عمل نه ڪيو ويندو، انهن ڏينهن ۾ پنجاب جو برک سياست دان ميان ممتاز خان دولتانه اڪثر هڪ خاص عرصي لاءِ پنهنجي زال الماس دولتانه سان گڏ ڪراچي اچي رهندو هو. هن جو بنگلو باٿ آئلينڊ ۾ هو. مون کي ۽ منهنجي دوست صحافي علي احمد خان کي هڪ ڏينهن خبر پئي ته دولتانه ڪراچي آيل آهي. اسان ڪٿان هن جو ٽيليفون نمبر هٿ ڪري هن سان ڳالهايو ۽ وقت طئي ڪري شام جو سندس بنگلي تي پهچي وياسين ان ملاقات ۾ دولتانا انڪشاف ڪيو ته مون ڪجهه جنرلن سان ڳالهايو آهي ته توهان ڀٽي کي ڦاسي نه ڏيو. هن چيو ته جنرل ان شرط تي هن وقت ڀٽي کي ڦاسي نه ڏيڻ لاءِ راضي آهن ته هو آزاد ٿيڻ شرط پاڪستان کان ٻاهر هليو وڃي. هن چيو ته مون بيگم نصرت ڀٽو سان ملاقات ڪري سندس ذريعي جيل ۾ قيد ڀٽي صاحب کي نياپو موڪليو ته هو جنرلن جو اهو شرط مڃي ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي ۽ ڇاڪاڻ ته هن وقت سندس زندگي بچائڻ جي اهميت آهي، هن چيو ته مون ڀٽي کي موڪليل نياپي ۾ صلاح ڏني ته جنرلن جي نفسيات آهي ته جيڪو هنن جي آڏو ايندو ان کي هو اڏائي ڇڏيندا، هن چيو ته مون ڀٽي صاحب کي صلاح ڏني آهي ته تون في الحال ملڪ کان ٻاهر هليو وڃ ۽ يقين ڪر ته ايندڙ ڏهن پندرهن سالن کان پوءِ تون پاڪستان واپس ايندين، لکين ماڻهو تنهنجو استقبال ڪندا، دولتانه افسوس ظاهر ڪندي چيو ته ڀٽو سندس صلاح مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن آئون جنرلن جو اهو شرط مڃي ملڪ کان ٻاهر ويس ته آئون سياسي طور تباهه ٿي ويندس ، تنهن ڪري مون کي جيل مان جنرلن جو مقابلو ڪرڻ ڏيو، بعد ۾ ڀٽي صاحب جيل مان موڪليل هڪ پيغام ۾ چيو هو ته آئون تاريخ جي هٿان تباهه ٿيڻ بدران جنرلن هٿان تباهه ٿيڻ کي ترجيح ڏيان ٿو.
مون کي اسلا آباد جا ٻه سينئر صحافي، جيڪي هاڻ ٻئي انتقال ڪري ويا آهن، چوندا هئا، جنهن ذوالفقا علي ڀٽي کي سپريم ڪورٽ ۾ آخري ڏينهن ۾ نه ٻڌو سو ڄڻ ڄائو ئي نه آهي، هنن ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي درخواست تي سپريم ڪورٽ هن کي ڪورٽ ۾ گهرائي کيس عدالت کي مخاطب ٿيڻ جو موقعو ڏنو، سپريم ڪورٽ ۾ ڀٽي صاحب جو اهو خطاب ٽي ڏينهن جاري رهيو، راولپنڊي جي انهن ٻن صحافين ٻڌايو ته جڏهن پهرئين ڏينهن ڀٽو صاحب عدالت کي خطاب ڪرڻ لاءِ آيو ۽ ڪٽهڙي ۾ اچي، عدالت کي مخاطب ٿيو ته هو هڏائون پڃرو لڳي رهيو هو، هو فل سوٽ پائي آيو هو، پر ائين ٿي لڳو ته ڪوٽ ڪاٺين تي ٽنگيل آهي، هنن دوست صحافين ٻڌايو ته جڏهن پهرئين ڏينهن ڀٽي صاحب عدالت کي خطاب ڪرڻ شروع ڪيو ته هو بار بار سهڪڻ لڳو ٿي ۽ ڪنهن ڪنهن وقت ڪٽهڙي ۾ هٿ وجهي پاڻ کي ڪرڻ کان بچايائين. پر هنن جو چوڻ هو ته ايتري ڪمزوري جي باوجود هن پهرئين ڏينهن عدالت ۾ تاريخي خطاب ڪيو، بهرحال هنن ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن ڀٽو صاحب مڪمل فارم ۾ هو، جو جتي تاريخ مان مثال ڏئي رهيو هو، اتي جاگرافي مان به حوالا ڏئي رهيو هو، پر ڀٽي صاحب جي ٽئين ڏينهن جي خطاب جو ذڪر ڪندي ٻنهي صحافين جي اکين ۾ پاڻي تري ايندو هو، هنن چيو ته توهين يقين ڪريو ته ٽئين ڏينهن جي خطاب ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کلايو ته کلندڙن ۾ چيف جسٽس ۽ مخالف وڪيل به شامل هئا ۽ هنن کي اها خبر نه هئي ته هو کلي رهيا آهن، اهڙي طرح هنن چيو ته جڏهن ڀٽي صاحب روئاريو ته جن جي اکين ۾ لڙڪ تري پئي آيا تن ۾ چيف جسٽس ۽ مخالف وڪيل به شامل هئا ۽ هنن کي اها خبر نه هئي ته هنن جي ڪيفيت ڪهڙي آهي. هنن ٻنهي صحافين ٻڌايو ته پنهنجي تقرير ختم ڪرڻ کان پوءِ ڀٽي صاحب عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئون توهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان ٽي ڏينهن لڳاتار مونکي انتهائي صبر سان ٻڌو آهي، اهو چئي ڀٽي صاحب اهي تاريخي لفظ چيا ته اوهان جيڪڏهن مون کي ڦاسي به ڏئي ڇڏيندا ته مون کي ڪو افسوس نه ٿيندو. اهو چئي ڀٽي صاحب چيو ته جيڪڏهن مون کي ڦاسي ڏني وئي ته آئون ايترو ضرور چوندس ته زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي.

عوامي آواز ميگزين جي ٿورن سان