ٽيڪنالاجي جو سفر جاري ۽ ساري۔۔۔

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪنهن مفڪر جو قول ٿوي ياد اچي ته ٽيڪنالاجي جو سفر ڪڏهن ڪونه رڪبو۔۔۔۔ ترقي يافته قومن جي ڪمن کي ڏسجي ٿو ته پاڻ کي 500 سو سال پوئتي بيٺل نظر ٿو ڏسجي۔۔۔ سندن سرگرمين تي حيرانگي ٿيو وڃي ته اهڙا خيال انهن جي ذهنن ۾ آيا ڪهڙي طرح ۽ انهن عمل به ڪري ورتو۔۔۔
    ياد رهي ته اسان سنڌي ٽيڪنالاجي جي علم ۾ انگريزن کان ڪافي اڳتي هياسين ۔۔۔ پر هن وقت انهن جي ايجادن کي ڏسي حيران پيا ٿيون۔۔۔ مثال هن وڊيو کي ڏسو۔۔۔ ڇا توهان به مون وانگر حيران ٿيو ٿا۔۔۔۔؟

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جون 2014
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ٽيڪنالاجي جو سفر جاري ۽ ساري۔۔۔

    واقعي سائين حيران ڪندڙ فرنيچر ۽ سيٽنگ به بهترين جڳهه به گهت والاري خوبصورتي به وڌيڪ ته ٽيڪنالاجي به نت نئي.
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ٽيڪنالاجي جو سفر جاري ۽ ساري۔۔۔

    ان کي چئبو آهي ڀلا ڙي صالو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    بهرحال ادا اها ته مستقبل جي ٽيڪنالاجي آهي لاجواب سيٽنگ آهي سائين رحيم بخش چواڻي ته جڳهه به گهٽ ولاري ۽ ڏسڻ‌۾‌ به بهترين ڊزائين وغيره

    يا کڻي ايئن چئجي ته ايندڙ ٽائيم ۾‌ جڳهه کي بچائڻ‌ لا۽ اهڙا اقدام ورتا وڃن ٿا

    بهترين ڪوشش آهي ادا توهان جي


    اميد ته جاري رکندو

    سدائين گڏ
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ٽيڪنالاجي جو سفر جاري ۽ ساري۔۔۔

    سائين رشيد صاحب، تمام سهڻو ڪم ڪندي اسان سنڌ واسين کي دنيا جي نين ايجادات کان واقف ويٺا ڪريو ۔۔۔۔ سهي چيو اوهان ته دنيا جي ترقي ڏسي پاڻ سنڌ وارا صديون پوئتي نظر اچون ٿا ۔۔۔

    سائين محترم فقير ڦلپوٽي چيو آهي ته اها مستقبل جي ٽيڪنالاجي آهي يا وري چئون ته ڊزائنون آهن ته منهنجا ڀا نه اهي سڀ شيون دنيا ۾ موجود آهن ۔۔۔ ”فولڊنگ فرنيچر“ دنيا جي ترقي يافته قومن وٽ موجود ۽ تمام آساني سان دستياب پڻ آهي، بلڪه انٽرنيٽ تي آرڊر ڏيو ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ جو نمبر ڏيو ۽ گهر ويٺي حاصل ڪريو ۔۔۔ اسانجي ملڪ ۾ پڻ اهو ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ فرنيچر اچي ٿو پر وڏن ماڻهن جي پهچ ۾ آهي” غريب وٽ تڏهن ايندو جڏهن اهي وڏا ماڻهون ڪٻاڙي کي وڪڻندا ۔۔۔۔

    جنهن قوم وٽ اٽي لٽي، کير ۽ کنڊ، بجلي ۽ پاڻي، پئٽرول ۽ بتي ٻارڻ لا گاسليٽ، صحت ۽ تعليم، انصاف ۽ قانون، حفاظت ۽ سڪيورٽي جهڙا اهم مسئلا کڙا ٿيل هجن ته اها قوم نين ايجادات ڏانهن توجهه ڪئين ڏيندي؟؟؟؟؟؟؟؟

    سو دوستو! دنيا جي قومن جي سلامتي ۽ ترقي اسانجي ترقي آهي ۔۔۔ الله مالڪ آهي، هن انڌيري واري ماحول ۾ هڪ ڏينهن ته اسان لا به روشن ڏينهن اڀرندو ۔۔۔ شايد دير لڳي پر الله جي در دير آهي انڌير ناهي ۔۔۔!!!!!

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٽيڪنالاجي جو سفر جاري ۽ ساري۔۔۔

    اد رشيد مهرباني ۔۔۔۔۔

    زبردست ونڊ آهي۔ اوهان لاء ڪو سيٽ وٺڻ ضروري آهي جيئن سڀ سهولتون هڪ ئي جڳھ تي هجن ۽ سنڌ سلامت جو ڪم ڪندا رهو ۽ اتي ئي آرام به ڪندا رهو۔

    تمام بهترين ۽ ملٽي پرپز فرنيچر آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو