• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊيرا غازي خان ڀرسان سخي سرور درٻار ٻاهران 2 آپگهاتي حملا، عورتن ۽ ٻارن سميت 42 زيارتي

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ڊيرا غازي خان ڀرسان سخي سرور درٻار ٻاهران 2 آپگهاتي حملا، عورتن ۽ ٻارن سميت 42 زيارتي شهيد، 100 زخمي، هڪ بمبار گرفتار
ڊيرا غازي خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي شهر ڊيرا غازي خان ويجهو حضرت سخي سرور سلطان جي درٻار ٻاهران عرس جي موقعي تي هڪ ٻئي پويان 2 آپگهاتي ڌماڪا ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 42 زيارتي شهيد ٿي ويا ۽ 100 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ريسڪيو ۽ پوليس جي ذريعن موجب ڊيرا غازي خان کان 40 ڪلو ميٽر پري حضرت سخي سرور سلطان رحمت الله جي واقع درٻار ۾ صوفي بزرگ جي 942 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ملڪ جي مختلف شهرن مان هزارين ماڻهو عورتن ۽ ٻارن سميت صوفي بزرگ جي مزار تي حاضرين لاءِ پهتل هئا ته پهريون ڌماڪو مزار جي گيٽ وٽ ٿيو، جنهن بعد ٻيو ڌماڪو مزار جي احاطي ۾ پاڻي جي ٽينڪي وٽ ٿيو، جڏهن ته ٽيون ڌماڪو به ساڳئي هنڌ ٿيو، ڌماڪن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 10 زيارتين ٿڏي تي دم ڏنو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، زوردار ڌماڪن سبب شهيد ٿيلن جي جسم جا ٽڪرا پري پري تائين وڃي ڪريا. مزار جي احاطي ۾ ٿيل زوردار ڌماڪو آپگهاتي ٻڌايو وڃي ٿو، جنهن جو آواز ڏيڍ ڪلو ميٽر تائين پري علائقن ۾ پڻ ٻڌيو ويو، حضرت سخي سرور سلطان جو ساليانو عرس 25 جنوري کان 15 اپريل تائين جاري رهندو، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب مان به هزارين عقيدتمند پهچندا آهن. ميلي جي موقعي تي روزانو 10 هزار کان به وڌيڪ عقيدتمند حضرت سخي سرور سلطان جي مزار تي حاضري ڀريندا آهن. دهشتگردن به مزار جي احاطي ۾ اندر داخل ٿي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر زيارتين جي گهڻي پيهه سبب هو مزار اندر پهچي نه سگهيو ۽ پاڻ کي مزار جي گيٽ وٽ زوردار ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڊي آءِ جي احمد مبارڪ ٻڌايو ته ڌماڪو مزار جي احاطي ۾ ناهي ٿيو پر ڏاڪڻ وٽ ٿيو، آئون لاهور ۾ آهيان، درٻار ۾ ٿيل حملن بابت معلومات حاصل ڪري رهيو آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب درٻار جي گيٽ وٽ هڪ بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو، جنهن بعد وڌيڪ 2 ڌماڪا به ٿيا، ڌماڪن بعد هر طرف عورتن ۽ ٻارن ۾ رڙيون پئجي ويون، جڏهن ته ڪيترائي زخمي واقعي واري هنڌ تڙپندا رهيا. شهيد ٿيل زيارتين جي جسم جا ٽڪرا واقعي واري هنڌ پکڙجي ويا. ڌماڪن کان پوءِ سيڪيورٽي بارڊر پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. زخمين کي ڊي جي خان هيڊ ڪوارٽر اسپتال نيو ويو، جتان شديد زخمين کي نشتر اسپتال ملتان منتقل ڪيو ويو. ڌماڪن سبب حضرت سخي سرور جي مزار جي عمارت کي به نقصان پهتو. جڏهن ته زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڊي جي خان ۾ هڪ فيلڊ اسپتال به قائم ڪئي وئي. ڊي جي خان هيڊ ڪوارٽر اسپتال مزار کان 30 ڪلو ميٽر پري واقع هئڻ سبب امدادي ٽيمن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. حضرت سخي سرور جي مزار کان ڊي جي خان اسپتال طرف ويندڙ سنگل روڊ آهي. رستن تي هزارين زيارتين جون گاڏيون ۽ ٻيون سواريون بيٺل هئڻ ڪري زخمين کي اسپتال تائين منتقل ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي ڏکيائين کي منهن ڏنو ويو. سخي سرور جي درٻار ٻاهران ڌماڪن کان پوءِ علائقي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، عورتون ۽ ٻار رڙيون ڪندا رهيا. مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ آيل زيارتي مزار مان نڪري پنهنجي پنهنجي گاڏين ۾ وڃي ويهي رهيا. جڏهن ته ڪي زيارتي مقامي گهرن ۾ وڃي ترسيا، پوليس اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ مزار طرف ايندڙ ويندڙ سمورا رستا سيل ڪري ڇڏيا. ميلي جي مقوعي تي قائم ڪيل مارڪيٽ کي بند ڪيو ويو. علائقي مان نڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي مڇريل ماڻهن ڀڃ ڊاهه شروع ڪري ڏني ۽ پوليس اهلڪارن تي تشدد به ڪيو. حضرت سخي سرور جي درٻار ٻاهران ڌماڪن کان پوءِ ملتان جا ڊاڪٽر مطالبن جي مڃتا لاءِ شروع ڪيل هڙتال ختم ڪري ملتان جي نشتر اسپتال پهچي ويا ۽ زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪيون. ڊي جي خان جي ڊاڪٽرن به هڙتال ختم ڪري امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو. ٻئي طرف خيبر پختونخواهه جي وزيراعليٰ امير حيدر خان هوتي ڌماڪن جي مذمت ڪندي سيڪريٽري صحت کي زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڌماڪن کان پوءِ سموري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، ريسڪيو ٽيمن جي مدد سان هڪ آپگهاتي بمبار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. جنهن وٽان آپگهاتي حملي لاءِ استعمال ٿيندڙ جيڪيٽ پڻ قبضي ۾ ورتي وئي. پوليس موجب واقعي واري هنڌان هڪ آپگهاتي بمبار سميت ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيل آپگهاتي بمبار ٽيون ڌماڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي زخمي ٿي پيو، جنهن کي ريسڪيو ٽيمن جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو. گرفتار بمبار جي عمر 22 سال ٻڌائي وئي، سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن قبضي ۾ ورتل جيڪيٽ ۾ ڀريل بارودي مواد ناڪارا بڻائي جوابدار کي جارچ لاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ڊي سي او ڊيرا غازي خان افتخار سهو هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڌماڪن کان پوءِ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ضلعي جون سموريون ايمبولينس گاڏيون واقعي واري هنڌان زخمين کي کڻڻ لاءِ پهچي ويون آهن. اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي کي فوري طور تي طلب ڪيو ويو آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڌماڪو آپگهاتي هو يا نه ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، حضرت سخي سرور جو ساليانو عرس خميس جي ڏينهن 31 مارچ تي ختم ٿي ويو هو، ان جي باوجود به زيارتي حاضرين تي پهچندا آهن، ميلي جي موقعي تي اوقاف کاتي ۽ پوليس پاران سيڪيورٽي لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا هئا. امدادي ڪاررواين لاءِ ريسڪيو 1122 جو عملو واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته هيڊڪوارٽر اسپتال مزار کان 30 ڪلوميٽر پري آهي. اسپتالن ۾ ڊاڪٽر پهچي چڪا آهن، ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف اسپتالن ۾ رت جي عطيي لاءِ پڻ اعلان ڪيا ويا. ڌماڪن سبب شهيد ٿيل زيارتين ۾ 4 ٻار ۽ 8 عورتون به شامل آهن. ڊي پي او تصدق حيات چيو آهي ته مزار تي ٿيل 2 حملا آپگهاتي هئا. ڊويزنل ايمرجنسي آفيسر ڊاڪٽر ناصر حيات هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته حضرت سخي سرور درٻار جي احاطي ۾ ڌماڪن سبب 30 زيارتي شهيد ٿيا ۽ 100 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا آهن، امدادي ڪاررواين لاءِ ملتان مان به ريسڪيو ٽيمن کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ ايمبولينس گاڏيون به گهرايون ويون، هن چيو ته دوائن جي ڪا به کوٽ ناهي. زخمي ٿيل 20 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هوڏانهن تحريڪ طالبان حضرت سخي سرور جي درٻار تي ٿيل حملن جي ذميواري قبولي ورتي آهي. طالبان ترجمان احسان الله موجب مزار تي حملا آمريڪي ڊرون حملن جو رد عمل آهي. ڊيرا غازي خان جي چونڊيل ايم اين اي (ق) ليگ جي اڳواڻ اويس لغاري چيو آهي ته حضرت سخي سرور سلطان رحمت الله جي درٻار ۾ ٿيل ڌماڪا ناقص سيڪيورٽي سبب ٿيا آهن. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته سخي سرور ۾ اسپتال موجود آهي پر اتي ڊاڪٽر موجود ناهن. مريضن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جا انتظام ناهن. اسان حڪومت کي لکيو هو ته سخي سرور اسپتال ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. اويس لغاري چيو ته سخي سرور رحمت الله جي عرس جي موقعي تي درٻار جي احاطي کان 500 گز تائين اندر طرف ٽرانسپورٽ نٿي اچي سگهي. اسان مزار کان 500 گز پري سيڪيورٽي لاءِ گيٽ ٿرو لڳائڻ جو چيو هو پر بدقسمتي سان ان لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا. سيڪيورٽي جي ناقص انتظامن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪو به هوش ۽ هواس رکندڙ مسلمان الله تعاليٰ جي ولي جي مزار تي حملو نٿو ڪري سگهي. ان ۾ پرڏيهي ايجنسيون ۽ ملڪ دشمن عناصر ملوث ٿي سگهن ٿو بشڪريه عبرت
 
Back
Top