عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
دل جي ڪاروبار جو هڪ قائدو آهي۔
ڪيترو نقصان ٿئي ته به فائدو آهي۔
عشق گهاڻي ۾ يا ڦاسي گهاٽ تي گرجيو،
موت جي منهن ۾ مگر مانائتو آهي۔
جي مران جيئان ، مران ، جيئان سوين ڀيرا،
هر دفعي توسان وفا هي واعدو آهي۔
رعب جي گهر ۾ گهڻو پر ڪهڙي ڪم جو آ،
قرب سچي جو ڪڻو ڪارائتو آهي۔
سونهن تي سچ تي ۽ سنڌ تي او امر شاعر،
شعر تو جيڪو لکيو شانائتو آهي۔
تجلو ٿيو تارو کڙيو ، تارو ڪريو،
بس، زندگي ۽ موت اهڙو حادثو آهي۔
سنڌ ڌرتئ سان ۽ سرتئ سان بخاري جو،
ڪجھ بلالي ڪجھ لطيفي رابطو آهي۔
استاد بخاري
ڪيترو نقصان ٿئي ته به فائدو آهي۔
عشق گهاڻي ۾ يا ڦاسي گهاٽ تي گرجيو،
موت جي منهن ۾ مگر مانائتو آهي۔
جي مران جيئان ، مران ، جيئان سوين ڀيرا،
هر دفعي توسان وفا هي واعدو آهي۔
رعب جي گهر ۾ گهڻو پر ڪهڙي ڪم جو آ،
قرب سچي جو ڪڻو ڪارائتو آهي۔
سونهن تي سچ تي ۽ سنڌ تي او امر شاعر،
شعر تو جيڪو لکيو شانائتو آهي۔
تجلو ٿيو تارو کڙيو ، تارو ڪريو،
بس، زندگي ۽ موت اهڙو حادثو آهي۔
سنڌ ڌرتئ سان ۽ سرتئ سان بخاري جو،
ڪجھ بلالي ڪجھ لطيفي رابطو آهي۔
استاد بخاري
اُستاد بخاري جي شاعري جي ڇا لفظن ۾ تعريف ڪرڻ مُمڪن آهي..؟؟