• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جو سڀ کان وڏو قبرستان ”مڪلي“ (هڪ تصويري جهلڪ)

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
090724065132_1.jpg

سنڌ جي قديم شهر ٺٽي ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو قبرستان مڪلي ۾ واقع آهي جنهن کي يونيسڪو 1980 جي ڏهاڪي ۾ عالمي ورثو قرار ڏنو هو....

090724065135_2.jpg

هتان جي روايتن مطابق ڪيتريون ئي صديون پهريان قبرستان جي روايت تڏهن ٿي جڏهن هتي پهريون دفعو پنهنجي وقت جي نهايت ديندار خاتون مائي مڪلي دفنائي وئي....

090724065138_3.jpg

مڪلي ۾ ئي سمان دور جا حڪمران پڻ دفن آهن..... مٿين تصوير ۾ چڪور مقبري ۾ ڄام نظام الدين المعروف ڄام نندو ۽ ڀرسان گنبذ جي هيٺان ڄام تماچي دفن ٿيل آهن.....

090724065142_4.jpg

ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي مقبري جو هڪ حصو ..... قديم آثارن جي ماهرن هن مقبري کي سنڌي اسلامي تعمير واري فن جو هڪ بي مثال نمونو قرار ڏنو آهي.....

090724065145_5.jpg

مقبر جي مٿان ٺهيل ڪيترن ئي جارن ۽ زرد پٿرن تي پنج سو سال پهريان نقش ونگار.... مقبرو سن 1509ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ هن جي تعمير کي 500 سال ٿي رهيا آهن....

090724065149_6.jpg

مقبري تي اڀريل نقش سنڌي راجپوتانه ۽ گجران جي سنگ تراشي واري فن جي پراڻي روايت جو بهترين نمونو چئي سگهجي ٿو.....

090724065152_7.jpg

مقبري جي اتر واري ڀت جتي خطه نسخ ۾ ڪتبو به لکيل آهي .... اڏاوت جي لحاظ کان سمن جي دور جي يادگار تاريخي اهميت جو حامل آهي.....

090724065155_8.jpg

ڄام نندو جو مقبرو صرف سمن جي دور جو ئي نه پر سمن جي دور کان پوءِ ٻين اڏاوتن ۾ هڪ عظيم مقام رکي ٿو....

090724065159_9.jpg

مقبر جي اندران ۽ ٻاهران چٽڪاري جا سيڪڙن جي تعداد ۾ نمونا آهن جيڪي خوبصورتي ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهن.....
 
انتهائي شاندار ٺٽي جي تاريخي ماڳ مڪانن جون تصويرون شيئر ڪرڻ تي توهان لکين کيرون لهڻو۔
 
ٻِـيَنِ مِڙَنِي ڏِنيُون، ڏِئي نه ڏُونگَـرَ راءُ؛
اَڻَ ڏِٺِيُنِ آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏِئي ڪِئاءُ؛
لورِيُون لَکَ مَٿاءُ، اُنَ مَٿيري موٽائِيُون.

اَبڙو اَڳاهَنِ ۾، ڀَرَ جَھلو ڀارِي؛
سَمي سُوالِيُنِ کي، ويلہَ وسارِي؛
مَنَهَن مُنِي جَکرو، طامائُنِ تارِي؛
پُڇي سي پارِي، جي عاجِزَ اَجورَنِ ۾.
 

ادا علي سرواڻ اوهان جي ڏنل لنڪ ڪم نه پئي ڪري، فقير سائين کي گذارش ٿي ڪجي ته ادا علي سرواڻ کي لنڪ ڏيڻ جي باري ۾ آگاهي ڏين۔۔۔۔

ادا رشيد سمون صاحب اوهان جي لاجواب شيئرنگ ڏٺو به سين ۽ پڙهيو به سين۔۔۔ شال جڙيو هجين shabash
 
جواب: دنيا جو سڀ کان وڏو قبرستان ”مڪلي“ (هڪ تصويري جهلڪ)

سائين هن ٿريڊ تي اڄ ئي نظر پئي آهي تمام بهترين ڪم آهي۔۔۔ مڪلي جو قبرستان سنڌ توڙي دنيا جي لاءِ عالمي ورثو آهي پر ٻڌو آهي ته اڄ ڪلهه انهيءَ قبرستان جي ڪجهه حصن ۾ قبرن کي ڊاهي هوٽلون تعمير ڪيون پيون وڃن۔۔۔
 
جواب: دنيا جو سڀ کان وڏو قبرستان ”مڪلي“ (هڪ تصويري جهلڪ)

سائين سنڌ جي هن تاريخي ماڳ بابت معلومات فراهم ڪرڻ لاء اوهان جي مهرباني۔
 
جواب: دنيا جو سڀ کان وڏو قبرستان ”مڪلي“ (هڪ تصويري جهلڪ)

تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا رشيد توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو
 
090724065132_1.jpg

سنڌ جي قديم شهر ٺٽي ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو قبرستان مڪلي ۾ واقع آهي جنهن کي يونيسڪو 1980 جي ڏهاڪي ۾ عالمي ورثو قرار ڏنو هو....

090724065135_2.jpg

هتان جي روايتن مطابق ڪيتريون ئي صديون پهريان قبرستان جي روايت تڏهن ٿي جڏهن هتي پهريون دفعو پنهنجي وقت جي نهايت ديندار خاتون مائي مڪلي دفنائي وئي....

090724065138_3.jpg

مڪلي ۾ ئي سمان دور جا حڪمران پڻ دفن آهن..... مٿين تصوير ۾ چڪور مقبري ۾ ڄام نظام الدين المعروف ڄام نندو ۽ ڀرسان گنبذ جي هيٺان ڄام تماچي دفن ٿيل آهن.....

090724065142_4.jpg

ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي مقبري جو هڪ حصو ..... قديم آثارن جي ماهرن هن مقبري کي سنڌي اسلامي تعمير واري فن جو هڪ بي مثال نمونو قرار ڏنو آهي.....

090724065145_5.jpg

مقبر جي مٿان ٺهيل ڪيترن ئي جارن ۽ زرد پٿرن تي پنج سو سال پهريان نقش ونگار.... مقبرو سن 1509ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ هن جي تعمير کي 500 سال ٿي رهيا آهن....

090724065149_6.jpg

مقبري تي اڀريل نقش سنڌي راجپوتانه ۽ گجران جي سنگ تراشي واري فن جي پراڻي روايت جو بهترين نمونو چئي سگهجي ٿو.....

090724065152_7.jpg

مقبري جي اتر واري ڀت جتي خطه نسخ ۾ ڪتبو به لکيل آهي .... اڏاوت جي لحاظ کان سمن جي دور جي يادگار تاريخي اهميت جو حامل آهي.....

090724065155_8.jpg

ڄام نندو جو مقبرو صرف سمن جي دور جو ئي نه پر سمن جي دور کان پوءِ ٻين اڏاوتن ۾ هڪ عظيم مقام رکي ٿو....

090724065159_9.jpg

مقبر جي اندران ۽ ٻاهران چٽڪاري جا سيڪڙن جي تعداد ۾ نمونا آهن جيڪي خوبصورتي ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهن.....
زبردست ادا
 
Back
Top