• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ذوالفقار علي ڀُٽو - هڪ سحر انگيز شخصيت جو وڇوڙو (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
تاريخ ۾ جڏهن به انهن شخصيتن جو ذڪر ٿيندو جن پنهنجي سحر انگيز شخصيت ڪري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ذڪر ضرور نڪرندو جنهن پنهنجي ذهانيت، سحر انگيز شخصيت، اعلى فن خطابت ۽ عوام سان هڪ ٿي وڃڻ ڪري هڪ عرصي تائين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو آهي۔ پنهنجا ته پنهنجا پر دشمن به سندس ساراه ڪرڻ کان رهي نه ٿا سگهن۔ اڄ سندس 32 هين ورسي جي موقعي تي سڄي پاڪستان جو رخ ڳڙهي خدا بخش ڏانهن آهي ۽ ماڻهو پنهنجي محبوب قائد کي سلامي ڏيڻ لاء ڪي ايئرڪنڊيسنڊ گاڏين ته وري ڪي پيرين پنڌ اتي پهتا آهن۔

هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته سانت ٿي ويندي هئي، هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته ماڻهو سندس ڳالهين مان ٿڪبا ڪونه هئا ۽ کيس ڏسندا ۽ ٻڌندا رهجي ويندا هئا۔ اها ڪرشماتي شخصيت جڏهن ڪال ڪوٺڙي ۾ بند هئي ۽ پاڪستان جي فرسوده عدالتن اڳيان پيش ٿيو ته هو جسماني طور ڪمزور ضرور ٿيو هو پر ذهني طور نه :
ڪورٽ ۾ جڏهن پهرئين ڏينهن ڀٽو صاحب عدالت کي خطاب ڪرڻ لاءِ آيو ۽ ڪٽهڙي ۾ اچي، عدالت کي مخاطب ٿيو ته هو هڏائون پڃرو لڳي رهيو هو، هو فل سوٽ پائي آيو هو، پر ائين ٿي لڳو ته ڪوٽ ڪاٺين تي ٽنگيل آهي، هنن دوست صحافين ٻڌايو ته جڏهن پهرئين ڏينهن ڀٽي صاحب عدالت کي خطاب ڪرڻ شروع ڪيو ته هو بار بار سهڪڻ لڳو ٿي ۽ ڪنهن ڪنهن وقت ڪٽهڙي ۾ هٿ وجهي پاڻ کي ڪرڻ کان بچايائين. پر هنن جو چوڻ هو ته ايتري ڪمزوري جي باوجود هن پهرئين ڏينهن عدالت ۾ تاريخي خطاب ڪيو، بهرحال هنن ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن ڀٽو صاحب مڪمل فارم ۾ هو، جو جتي تاريخ مان مثال ڏئي رهيو هو، اتي جاگرافي مان به حوالا ڏئي رهيو هو، پر ڀٽي صاحب جي ٽئين ڏينهن جي خطاب جو ذڪر ڪندي ٻنهي صحافين جي اکين ۾ پاڻي تري ايندو هو، هنن چيو ته توهين يقين ڪريو ته ٽئين ڏينهن جي خطاب ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کلايو ته کلندڙن ۾ چيف جسٽس ۽ مخالف وڪيل به شامل هئا ۽ هنن کي اها خبر نه هئي ته هو کلي رهيا آهن، اهڙي طرح هنن چيو ته جڏهن ڀٽي صاحب روئاريو ته جن جي اکين ۾ لڙڪ تري پئي آيا تن ۾ چيف جسٽس ۽ مخالف وڪيل به شامل هئا ۽ هنن کي اها خبر نه هئي ته هنن جي ڪيفيت ڪهڙي آهي. هنن ٻنهي صحافين ٻڌايو ته پنهنجي تقرير ختم ڪرڻ کان پوءِ ڀٽي صاحب عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئون توهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان ٽي ڏينهن لڳاتار مونکي انتهائي صبر سان ٻڌو آهي، اهو چئي ڀٽي صاحب اهي تاريخي لفظ چيا ته اوهان جيڪڏهن مون کي ڦاسي به ڏئي ڇڏيندا ته مون کي ڪو افسوس نه ٿيندو. اهو چئي ڀٽي صاحب چيو ته جيڪڏهن مون کي ڦاسي ڏني وئي ته آئون ايترو ضرور چوندس ته زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي


26499_1415032654049_1179567033_31278637_2066289_n.jpg


23701_381120528516_516698516_3975386_521543_n.jpg


23701_381352073516_516698516_3981042_4896950_n.jpg
 
جواب: ذوالفقار علي ڀُٽو - هڪ سحر انگيز شخصيت جو وڇوڙو (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

جي ادا محمد سليمان وساڻ توهان کي جس هُجي جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو شهادت وارو ڏينهڙو توهان ياد رکيو، مان ٽن چئن ڏينهن کان شديد بيماري سبب سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي ڀيرو ڀري نه سگهيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت واري ڏينهن جي مناسبت سان توهان جي هي ونڊ سيني ۾ سانڊڻ جهڙي آهي۔ لک ٿورا ادا۔​
 
جواب: ذوالفقار علي ڀُٽو - هڪ سحر انگيز شخصيت جو وڇوڙو (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

جي ادا محمد سليمان وساڻ توهان کي جس هُجي جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو شهادت وارو ڏينهڙو توهان ياد رکيو، مان ٽن چئن ڏينهن کان شديد بيماري سبب سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي ڀيرو ڀري نه سگهيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت واري ڏينهن جي مناسبت سان توهان جي هي ونڊ سيني ۾ سانڊڻ جهڙي آهي۔ لک ٿورا ادا۔​

سائين نثار ناز سلام

سائين اهو ڪيئن ٿو سگهي ته مان سنڌ جي هن عظيم شخصيت جي ڏينهن کي وساريان۔ اوهان جي طبيعت هاڻي ڪيئن آهي ؟؟ رب پاڪ اوهان کي صحتِ ڪامله عطا ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين
 
جواب: ذوالفقار علي ڀُٽو - هڪ سحر انگيز شخصيت جو وڇوڙو (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

ادا سليمان اوهان جي مهرباني جو اهڙو بهترين ونڊ ڪيو اٿو ۔
 
Back
Top