• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪئين قاتل چوان ته ڪُهندي آ،

عرس پريو

سينيئر رڪن

ڪئين قاتل چوان ته ڪُهندي آ،
مونکي حد کان وڌيڪ گهرندي آ۔

شرم جي پوش ۾ ڇُپجڻ بدران،
شوق جي پينگهه منجهه لڏندي آ۔

جوش مُنهن تي، شعاع نيڻ کڻي،
ڇاکپئي، گهور گهور پڇندي آ،

عاشقيء سان اها عقيدت۔ جو،
چاهه جو انگ انگ چمندي آ۔

هوٿرو ٿي اٿان ته اربيلي،
پوپري، ڇُر بغير لڇندي آ۔

ديد جي در منجهان لنگهي منهنجي،
هانء جو گهير گهير گهمندي آ۔

جا به استاد جي ندر جي گُهر،
ساته هن کي اڳيئي سُجنهندي آ۔


(بخاري)

 
Back
Top