عرس پريو
سينيئر رڪن
يوسف شاهين
ساريندي سپرينءَ کي، پيم ڪَنَ پڙاءُ
اُٿي اَڄاڻَ ۾، صدقي ڪيم ساهُ
مون ڀانيو ماءُ، ته موٽي آيو مينڌرو
پڙهي پنڌُ پئا، فائقَ جو فرمانُ
سانڍي هليا ساهَ سين، سورن جو سامان
پاٻوهي پاڻَ کي، ڪيائون قربانُ
تڏهن ملن مانُ، هيڪاندو حبيبَ کون.
اَجَل الله اذا جاءَ، پروڙيم ايءُ پنڌُ
راضي ٿي رضا تي، ڪڍي ڏنُم ڪنڌُ
اي شڪر الحمدُ، فنا ٿيس في الله ۾.
اَجَل الله اذا جاءَ، پَڌر هنيمُ پاڻِ
اُڃيو هوس ازلَ کان، پر حڪم ٿئو هاڻِ
ساهُ کڻي ساڻ، فنا ٿيس في الله ۾.
يقاتِلوُنَ في سبيل الله، انگُ قبوليمُ ايُ
”لَبيڪ“ لنئون سين، پَڙهيُم وحدتَ ويءُ
گهوريُم گياتجي، جان جُسو ۽ جيءُ
تڏه ماڻيُم هيءُ، اوکو ماڳُ عشق جو.
يقاتِلوُنَ في سبيل الله، صدقي ڪَيُم ساهُ
قبولي قُرب سين، پرين! شالَ پساهُ
ته ٿئي مون مُباح، اوکو ماڳُ عشق جو.
سوريءَ سـَڏ ڪئا، ميهڻو ٿيو موٽَ
پاٻوهي پاڻَ کي، گهوريو اُٿي گهوٽَ
چڙهيو هُو چوٽَ، پر ماري مون وئو.
اڙائي آزار سين، ويريءَ وَڙ ڪئا
سڀوئي سور سامائجي، وڌي وَڻُ ٿئا
تهان پوءِ ويا، ڏُک پٽيندا ڏاڍَ سين.
نيٺ ته ٿيندو سوجهرو، رَهڻي ناهِ راتِ
سـَڀَ کي اِها تاتِ، ته موٽي ايندو مينڌرو.
سـَڌَ ڇڏين مَ ساهَ جي، مهٽين ويٺو مـنُ
لانئون سي لهن، سـَڱُ جنين سـَٽ سين.
مون سي ڏِٺا ماءُ، جي مـري ٿئا نه ماتِ
ڦاهيءَ ڦيرُ اچڻو آ، رهڻي ناه رات
سـَڀ کي اِها تات، ته موٽي ايندو مينڌرو.
ڪڏهِ ڪرجي ڪاتُ ٿي، ڪڏه ٿيجي ڪـَنڌُ،
ڪڏهن ڏات ڏياچَ جي، ڪڏهن ٿيجي تَندُ
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌُ، ساهُ ڏينداسين سَڏَ سين.
ساريندي سپرينءَ کي، پيم ڪَنَ پڙاءُ
اُٿي اَڄاڻَ ۾، صدقي ڪيم ساهُ
مون ڀانيو ماءُ، ته موٽي آيو مينڌرو
پڙهي پنڌُ پئا، فائقَ جو فرمانُ
سانڍي هليا ساهَ سين، سورن جو سامان
پاٻوهي پاڻَ کي، ڪيائون قربانُ
تڏهن ملن مانُ، هيڪاندو حبيبَ کون.
اَجَل الله اذا جاءَ، پروڙيم ايءُ پنڌُ
راضي ٿي رضا تي، ڪڍي ڏنُم ڪنڌُ
اي شڪر الحمدُ، فنا ٿيس في الله ۾.
اَجَل الله اذا جاءَ، پَڌر هنيمُ پاڻِ
اُڃيو هوس ازلَ کان، پر حڪم ٿئو هاڻِ
ساهُ کڻي ساڻ، فنا ٿيس في الله ۾.
يقاتِلوُنَ في سبيل الله، انگُ قبوليمُ ايُ
”لَبيڪ“ لنئون سين، پَڙهيُم وحدتَ ويءُ
گهوريُم گياتجي، جان جُسو ۽ جيءُ
تڏه ماڻيُم هيءُ، اوکو ماڳُ عشق جو.
يقاتِلوُنَ في سبيل الله، صدقي ڪَيُم ساهُ
قبولي قُرب سين، پرين! شالَ پساهُ
ته ٿئي مون مُباح، اوکو ماڳُ عشق جو.
سوريءَ سـَڏ ڪئا، ميهڻو ٿيو موٽَ
پاٻوهي پاڻَ کي، گهوريو اُٿي گهوٽَ
چڙهيو هُو چوٽَ، پر ماري مون وئو.
اڙائي آزار سين، ويريءَ وَڙ ڪئا
سڀوئي سور سامائجي، وڌي وَڻُ ٿئا
تهان پوءِ ويا، ڏُک پٽيندا ڏاڍَ سين.
نيٺ ته ٿيندو سوجهرو، رَهڻي ناهِ راتِ
سـَڀَ کي اِها تاتِ، ته موٽي ايندو مينڌرو.
سـَڌَ ڇڏين مَ ساهَ جي، مهٽين ويٺو مـنُ
لانئون سي لهن، سـَڱُ جنين سـَٽ سين.
مون سي ڏِٺا ماءُ، جي مـري ٿئا نه ماتِ
ڦاهيءَ ڦيرُ اچڻو آ، رهڻي ناه رات
سـَڀ کي اِها تات، ته موٽي ايندو مينڌرو.
ڪڏهِ ڪرجي ڪاتُ ٿي، ڪڏه ٿيجي ڪـَنڌُ،
ڪڏهن ڏات ڏياچَ جي، ڪڏهن ٿيجي تَندُ
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌُ، ساهُ ڏينداسين سَڏَ سين.