آمريڪي خلائي اداري ناسا خلائي جهاز اپالو يارنهن جي ذريعي پهرين انسان کي چنڊ تائين پهچائڻ ۽ اتي پهريون انساني قدم رکڻ جي چالينهن سالگره ملهائڻ لاءِ هڪ تقريب جو بندو بست ڪري رهيو آهي۔۔۔ اپالو يارنهن جهاز واري تاريخي اڏام کي ملهائڻ لاءِ اڏام ۾ شامل سائنسدان فلوريڊا ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن۔۔۔۔ اپالو 11 جهاز جي تصوير۔۔۔۔ اپالو 11 ۾ تاريخي اڏام ڪندڙ سائنسدان۔۔۔۔ نيل آرمسٽرانگ، بز الدرن ۽ مائيڪل ڪولن چنڊ تان زمين جو هڪ منظر۔۔۔
مطلب ته اسان درويشن واري ڳالهه سئو فيصد سچ نڪتي ته وڏي ائڊمن اڄڪلهه چنڊ جو سير پيا ڪن ، سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي وڏي ائڊمن جي هن موڪليل پوسٽ کان پوءِ يقينن مُنهنجي انهيءَ غريباڻي ۽ درويشاڻي راءِ سان ضرور متفق ٿيندا ته واقعي وڏي ائڊمن جو هڪ قدم چنڊ تي هو ته ٻيو قدم بقول ادا وحيد سمون جي ته مشتري تي هو۔ بهرحال اهو وڏي ائڊمن جو ٿورو چئبو ته هُو گهٽ ۾ گهٽ اهڙن ماڳ مڪانن جون معلوماتي ڳالهيون تصويرن سميت سيٽلائيٽ ذريعي سنڌ سلامت تي موڪلي ته ٿو باقي اسان وارو جهونڙو علي علي سڄو سارو قاهره (مصر) گهمي آيو پر اُتي جي ماڳ مڪانن جون خبرون چارون ئي ڪونه ڪيائين۔ ٻيو ته ڇا رڳو احرام مصر جي ممين جي باري ۾ ڪا معلوماتي ڳالهه لکي ها ته سنڌ سلامت جا سڀئي ساٿي انهي معلومات مان لاڀ حاصل ڪن ها۔ ويل ڊن ادا رشيد سمان