• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻي ته بس هي ڪرسي گهرجي۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڇا توهان آفيس ۾ مون وانگر هر وقت ڪمپيوٽر جي اڳيان ڪم ڪندا آهيو۔۔۔۔؟
ته پوءِ يقينن منجهند جي ماني کان پوءِ ننڊ جا جهٽڪا ضرور ايندا هوندا۔۔۔ ۽ جي وري مون وانگر ئي سنڌ سلامت تي ويهي رات جا ٻه وڄائي ڇڏيو پوءِ ته منجهند کان پوءِ باقي ڏينهن گذارڻ مشڪل هوندو۔۔۔ (:|
ته پوءِ هاڻي توهان به پنهنجي باس اڳيان انگل ڪري هي ڪرسي وٺو۔۔۔

Sleep_at_your_Office_Desk_1.jpg


۽ پوءِ آفيس ۾ ئي ويهي نوڪري ۽ ڪم جا اصل مزا ماڻيو۔۔۔ ;)

Sleep_at_your_Office_Desk_2.jpg



354 پائونڊ جي قيمت رکندڙ هي جاپاني ڪرسي خريد ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي اچو۔۔۔
 
جواب: هاڻي ته بس هي ڪرسي گهرجي۔۔۔

ها ها ها ها

مونکي ڏاڍي کل آئي، ڇاڪاڻ اها ڪرسي جڏهن سڀاڻي پنهنجي تيونسي بينڪيٽ مينيجر کي ڏيکاريندس ته نڀاڳو ان ڪرسيءَ وٺڻ جا جتن ضرور ڪندو ۔۔۔۔ ۽ پوءِ اها ڪرسي هوندي ۽ سندس جا کونگهرا ۔۔۔۔

پاڻ کي هڪ آفيس جو ڪم ٻيو وري سنڌ سلامت ۔۔۔ ننڊ ڪٿي ٿي نصيب ٿئي ۔۔۔ اها به آفيس ۾ ۔۔۔؟؟؟ سوال ئي ناهي ۔۔۔

ڪرسي ٿوري سستي ٿئي ته ٻڌائجو ۔۔۔
 
جواب: هاڻي ته بس هي ڪرسي گهرجي۔۔۔

ڏينهون ڏينهن ٽيڪنالاجي وڃي ٿئي ترقي ڪندي

ان ڏينهن هڪ ويڊيو جي لنڪ توهان شيئر ڪئي هئي اڄ وري هي ڪرسي ۔۔۔۔۔۔۔۔

لاجواب ونڊ آهي سائين

جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: هاڻي ته بس هي ڪرسي گهرجي۔۔۔

مهرباني سائين

خواهشون ته اسان جون به آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر پهريان اها ڪرسي ادي رشيد کي وٺي ڏبي جيئن ننڊ جو مزو به وٺي ۽ سنڌ سلامت کي به پيو جياري
 
جواب: هاڻي ته بس هي ڪرسي گهرجي۔۔۔

اها ڪرسي انهن دوستن کي سونهي جن جي ڪيبن آفيس ۾ الڳ هجي۔۔ باقي جهونن جي لاءِ‌ ڪرسي وٺڻ خطري کان خالي نه آهي ڇو ته هو هر هر پيا پاسو مٽائيندا آهن، هن ڪرسي تي پاسو مٽائڻ جو مطلب سمجهي سگهو ٿا​
 
Back
Top