Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
عاجز جمالي آدم ڳڻپ ڪندڙ وفاقي اداري پاران آدمشماريءَ جي پهرين مرحلي ۾ اڄ کان گهرن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري ٿيڻو آهي. هي سلسلو ٻن هفتن تائين جاري رهندو. ان کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ وري ماڻهن جي ڳڻپ سندن تفصيلن سان ٿيندي. آدمشماريءَ جا ٻئي مرحلا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. جيڪڏهن گهر ڳڻي ماڻهو ڇڏي ڏبا تڏهن به ڪم اڌورو هوندو ۽ گهر ڇڏي ماڻهو ڳڻبا تڏهن به اڌورو ڪم هوندو.آدمشماريءَ وقت ڪيترائي خدشا آهن. وسوسا آهن. ڪيترائي سوال آهن. ڪجهه تحفظات آهن. ڪجهه خوف آهن ۽ ماضيءَ جا تجربا آهن. 1998ع کانپوءِ پهريون ڀيرو آدشماريءَ ٿي رهي آهي. ٽن سالن جي ليٽ سان پر هن ملڪ ۾ حڪمرانن کان ليٽ في وصول نه ٿيندي آهي. هر شعبي ۾ صرف غريب عوام کان ليٽ في وصول ٿيندي آهي. ڪنهن به قسم جو بل مقرر تاريخ کانپوءِ ڀرايو ته سرڪار ڏنڊ وٺندي آهي. بل ڀرائڻ وقت سرڪار ٽئڪس وٺندي آهي. عوام ٽئڪس ڀرڻ باوجود ڏنڊ به ڀريندو آهي ۽ حاڪم نه ٽئڪس ڀرين ۽ نه ڪي ڏنڊ ڀرين. عوام آهستي آهستي جمهوريت وسيلي حاڪمن کان ليٽ في ۽ ڏنڊ وٺڻ به شروع ڪري دير يا سوير اِهو سلسلو ضرور شروع ٿيڻو آهي.آدمشماري ان لاءِ به ضروري آهي ته هن زمين تي اسان جي وجود جو احساس ڏيارڻ خاطر به اسان کي پاڻ کي ڳاڻيٽي ۾ شمار ڪرائڻ گهرجي. نه رڳو اسان جو پنهنجو وجود، اسان جي ڪٽنب، پاڙي ۽ شهر جو وجود پر اسان جي ڌرتي ۽ قومي وجود جي بقا لاءِ به. اسان کي آدمشماريءَ ۾ پاڻ کي ڳڻائڻ لازمي آهي. آدمشماريءَ جي فني رخن تي گذريل هفتي چئن قسطن ۾ لکيل مضمون ۾ عام فهم خاطر سمورا تفصيل ڏنا هئا. ان ڪري اڄ صرف هٿ ٻڌي عرض ڪبو ته اسين اڄ کان شروع ٿيندڙ گهر شماريءَ ۾ شامل ٿيون. گهر جي سمورن فردن کي سمجهائي ڇڏيون ته جڏهن گهر شماري ڪندڙ عملو گهر وٽ پهچي ته کيس سڄا تفصيل ٻڌايون. گهر ڪچو آهي يا پڪو، لوڙهو آهي يا ڇپر منهه، ٻيڙي ۾ آهي يا جهُڳيءَ ۾ آهي. بنگلو آهي يا محل. سڀ گهر آهن. هر هڪ گهر جو رڪارڊ گهر شماري ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي. هر ڪٽنب جو شادي شده جوڙو خاندان ۾ شمار ٿئي ٿو. هڪ لوڙهي ۾ شادي شده ست ڀائر ست خاندان هوندا آهن، اُهي ست گهر شمار هوندا. لوڙهو ڀلي هڪڙو ئي ڇو نه هُجي. هر ننڍو ٻار به، ڪٽنب به فرد آهي. آدم ڳڻپ جي ٻئي مرحلي کان اڳ ئي جڏهن گهرن جي ڳڻپ ٿيندي تڏهن به گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جو انگ ضرور پڇيو ويندو آهي. سڃاڻپ ڪارڊ جي پڇا به ٿيندي پر گهر شماريءَ لاءِ سُڃاڻپ ڪارڊ جو هُجڻ لازمي ڪونهي. سڀني وڏن ۽ ننڍن جا نالا لکرائڻ ضروري آهن. لکيل پڙهيل ماڻهو ته شايد ڪاغذن ۾ پاڻ کي ڏسي وٺي پر اهي اٻوجهه سنڌي جيڪي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا کين ڪا سُڌ نه هوندي پر هر ڳوٺ، هر پاڙي، هر ويڙهي ۾ ٻه چار پڙهيا لکيا ضرور هوندا. اُهي سڀ بنا ڪنهن هٻڪ جي، بنا ڪنهن آڇ جي ۽ بنا ڪنهن سياسي پارٽي يا سماجي تنظيم جي لاڳاپي جي پنهنجي پاڻ مٿان جاچ پڙتال جي ذميواري لاڳو ڪن ته سندن پاڙي يا ڳوٺ جا سڀ گهر سڀ ماڻهو ۽ انهن جا سمورا تفصيل شمار ٿيا آهن يا نه. سنڌ جي گڏيل شعور، فهم ۽ گڏيل فيصلن تي دنيا هميشه دنگ رهندي آهي. سنڌ جو ماڻهو هميشه گڏيل مفاد تي هڪ هوندو آهي، کين اختلاف هُجن پر انسان سڀني جي بقا ۽ سلامتيءَ جو مرڪزي نقطو بهرحال ”سنڌ“ آهي. سنڌ آهي ته سنڌي آهن ۽ سنڌين جو وجود ئي سنڌ لاءِ ويڙهه ڪندو. اسان جي هي ننڍڙي ڪوشش ۽ آدمشماري لاءِ ٻن هفتن جي سنجيدگيءَ جا تاريخ ۾ ڏور رس نتيجا ظاهر ٿيندا. سنڌ جي معاشي ۽ اقتصادي حقن لاءِ سنڌين جو انگ حقيقي بنيادن تي ڪاغذن ۾ هُجڻ ضروري آهي. ملڪي آمدني، روزگار جي وسيلن، مالي اختيارن، ملڪي فيصلن ۾ برابري، ناڻي ۽ پاڻيءَ جي ورڇ سميت انهن سمورن حقن لاءِ اسان کي پاڻ ڳڻائڻ ضروري آهي. ڇو ته هر شيءِ جي ورڇ في فرد هڪ ماڻهوءَ جي بنياد تي ٿيندي آهي. جيئن اسان پنهنجي گهر ۾ کاڌ خوراڪ جون شيون ماڻهن جي انگ مطابق گڏ ڪندا آهيون تيئن صوبي ۾ به اسان جي انگ جو واضح هُجڻ ضروري آهي. سنڌين جو جيترو انگ آهي سنڌين جا جيترا گهر آهن ۽ سنڌ جي جيتري آبادي آهي اُها آدمشماري ۾ اچڻ لازمي آهي پر اهو سڀ تڏهن ٿيندو جو هر هڪ سنڌي ان ڪم کي پنهنجي لاءِ فرض قرار ڏيندو. هي اسان مٿان هن ڌرتيءَ جو قرض ۽ اسان جو قومي فرض آهي ته اسان سڀ جو سڀ آدمشماريءَ جي هن پهرين مرحلي ۾ ٿوري سجاڳيءَ جو مظاهرو ڪيون ۽ پاڻ کي گهر شماريءَ ۾ شامل ڪريون. آدمشماريءَ واري کاتي جو جيڪو اعلان ڇپيو آهي، ان مطابق اڱاري ڏينهن (اڄ) گهر گهر تائين آدمشماريءَ جو عملو پهچندو. پر جيڪڏهن عملو نه ٿو پهچي تڏهن به اسان جي نظر هُجڻ گهرجي. خاص طور تي ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين سان ڪيترائي مسئلا آهن ڇو ته فليٽن، اپارٽمنٽس ۽ مختلف آبادين ۾ سولائي سان آدمشماري جو عملو يا ته پهچندو ڪو نه ۽ جيڪڏهن پهچندو ته ڪجهه تنظيمن جي مرضيءَ سان آدمشماري، گهر شماري ٿيندي. اهڙي صورتحال بابت اسان کي الرٽ رهڻو آهي. سياسي سماجي ڌرين کي به ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صورتحال تي وڌيڪ الرٽ رهڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ اهي به اطلاع آهن ته تعليم کاتي جي عملي بدران شهري سرڪار جو عملو آدمشماريءَ جو ڪم ڪندو. ان سبب خود ڪراچي ۾ خدشا جنم وٺي رهيا آهن. مختلف علائقن ۾ رهندڙ سنڌين پاران اهڙا اطلاع ملي رهيا آهن ته جيئن ڪراچي ۾ ووٽر لسٽن وقت ڪيو ويو هو، شايد ٻيهر اهڙي صورتحال پيدا ٿئي. ان ۾ خاص ڪري سرڪار ۽ آدمشماري کاتي جوڳ ڪردار اهم آهي جيڪڏهن اهڙي صورتحال سامهون اچي ٿي ته ان کي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ئي روڪڻ جي ضرورت آهي ٻي صورت ۾ آدمشماريءَ ۽ گهر شماري جا مرحلا تڪراري بڻجي سگهن ٿا. سنڌ ۾ ان خلاف ڪو وڏو احتجاج اڄ به ٿي سگهي ٿو. اڄ ڪراچي ۾ سنڌي قومپرستن ۽ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو هڪ ميڙاڪو به رٿيل آهي. سنڌي ميڊيا پڻ جاڳرتا مهم هلائي رهي آهي. عبرت گروپ پڻ ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسين سڀ جاڳرتا مهم جو حصو آهيون پر اڄ کان وٺي عملي ڪم ڪرڻو آهي. گهر شماري جو مرحلو خير خوبي سان گذارڻ لاءِ اسان مان هر هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ڇو ته هي سياست ۽ سياسي مفاد جو مسئلو ناهي، ووٽ ڏيڻ جي ڳالهه به ناهي. اسان ووٽ ڪنهن کي ڏيون يا نه ڏيون پر اسين هن ملڪ ۾ ٿيندڙ ڳاڻيٽي ۾ شامل ضرور ٿيون ۽ پنهنجي هر فرد کي شامل ڪريون.
سڀ کان پهريون ڪم آهي ته اسان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي گهرن کي ڳڻايون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي سياسي ڳالهيون گهڻيون ٿيون آهن ۽ ڪيئي ميٽنگون ٿيون آهن پر انهن سڀني جو نتيجو ڪٿي به نظر ناهي آيو ۔۔۔۔۔۔ يا شايد صرف مونکي نظر نه ٿو اچي۔