ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
وزير اعظم طرفان مزار تي حاضري ڀرڻ وقت مزار اندر عام ماڻهن جي داخلا بند ڪرڻ خلاف ماڻهن احتجاج ڪيو، اڳوڻو وفاقي وزير شاهه محمود قريشي ٻاهران ئي دعا گهري واپس روانو ٿي ويو، جڏهن ته مخدوم امين فهيم به موٽي ويو، شام جي وقت وزير اعظم جي آمد وقت هزارين ماڻهو مزار تي گڏ ٿيل هئا ته سيڪيورٽي عملدارن عام ماڻهن کي مزار کان ٻاهر ڪڍيو ۽ گيٽ بند ڪيا، جنهن خلاف ڪارڪنن سخت احتجاج ڪيو ۽ وڏي آواز ۾ گيٽ کولڻ لاءِ دانهون ڪري رهيا هئا پر وزير اعظم جي واپس وڃڻ تائين گيٽ نه کوليا ويا، نتيجي طور عام ماڻهن سان گڏ مزار تي پهتل وفاقي وزير مخدوم امين فهيم کي به اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ هو ڪجهه گهڙيون انتظار ڪرڻ کانپوءِ واپس روانو ٿي ويو، ساڳئي وقت اڳوڻو وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پڻ حاضري ڀرڻ لاءِ پهتو، جنهن کي به اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو، ان بعد مخدوم شاهه محمود مزار جي ڀر ۾ ڪارڪنن وٽ پهچي هيٺ ويهي رهيو، بعد ۾ مزار تي پهچي حاضري ڀري، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي چيو ويو ته مزار اندر وي آءِ پيز آيل آهن، توهان انتظار ڪريو، هن چيو ته سي اي سي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مون کي دعوت نه ملي آهي، ان کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجا ڪنهن سان به اختلاف نه آهن، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کي مون سان اختلاف آهن ته اهو ضرور مون کي ٻڌائي.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان