• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ھن مسئلو جو ڪو حل ٻڌايو ؟

يعقوب بجير

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو ڪجھ مھينا اڳ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ھڪ ايڊوب سي ايس 4 مڊل ايسٽ ورجن جو لنڪ مليو ھو ڊائون لوڊ ڪيم تمام بھترين ڪم ڪندو سنڌي لکڻ لا پر ڪجھ ڏينھن کان اھو صحيح ڪم نه پيو ڪري جئين ئي کوليان ٿو ته سسٽم ھينگ ٿي ٿو وڃي مھرباني ڪري ھن جو ڪو حل ٻڌايو يا ڪو پورٽيبل کان سوا لنڪ ھُجي ته ٻڌايو مونکي سخت ضرورت آ ٻين ۾ سنڌي سپورٽ نا ھي تمام سنڌ سلامت تي دوستن کي غريباڻو عرض آهي ته جيتيو جلد ٿي سگهي ھن جو حل ٻڌايو
blocked_login.jpg
 
جواب: ھن مسئلو جو ڪو حل ٻڌايو ؟

ادا توهان جي سسٽم ۾ وائرس جو حملو ٿيل ٿو لڳي توهان جلد از جلد پنهنجي ڪمپيوٽر کي مڪمل اسڪين

ڪريو ۽ سافٽ ويئر کي ري انسٽال ڪري پو۽ تجربو ڪريو يا نه ته وري ونڊوز ئي نئي ڪريو ڇڏيو

وڌيڪ راز جا راڻا آهيو

سدائين گڏ
 
جواب: ھن مسئلو جو ڪو حل ٻڌايو ؟

مھرباني دوستو سسٽم ۾ وائرس بلڪل ناھي ونڊو به نئين ڪئي پر مسئلو ساڳيو آھي اڄ وري سنڌ سلامت جي اڱڻ تي سي ايس 5 جو لنڪ ھو اھو ڊائون لوڊ ڪيو آ ۽ زبردست ڪم ڪري پيو دوستو اوھان جا لک قرب الله پاڪ اوھان سڀني کي خوش رکي دوستو اسان وٽ ٿر ضلعي ۾ اھڙي ڪا به سھولت ناھي سي ڊي وغيره جي پر سنڌ سلامت جو جڏھن کان اڱڻ نصيب ٿيو آ ائين الڳو ڄڻ پنھنجي گھر ۾ ھر شئي موجود آ وي وائرليس تي ڊائولوڊنگ لا سڄو ڏينھن ٿو لڳي پو به اھڙي ڪم جا سافٽويئر سنڌ سلامت تي مليا آھن جو مونکي ڪٿي ملڻ جو آسرو به نه ھُو الله پاڪ کان دعا آھي ته ھي اوطاق سدا ئين ائين وسندي رھي جيجل سنڌ جا سنڌي سدائين ائين مسڪرائيندا رھن۔ آمين
 
ادا يعقوب هي اڱڻ اوهان جو پنهنجو ئي آهي، شڪر آهي اوهان جو مسئلو حل ٿي ويو، پر ڇا وي وائرليس تي اوهان ايڊوب سارو سافٽ ڊائونلوڊ ڪري ويا؟ ۽ ان ۾ ڪيترو وقت لڳو؟
آءُ سمجهان پيو ته اوهان شايد ٻيو ڪو سافٽ انسٽال ڪيو آهي ان ڪري اوهان جو ايڊوب ڪم نه ٿو ڪري
 
جواب: ھن مسئلو جو ڪو حل ٻڌايو ؟

جي ادا طاھر سنڌي ايڊوب ئي ڊائونلوڊ ڪيو آ وي تي ادا اھا ھاڻ اسان لا بلڪل آسان آھي ڇو ته ڊي ايس ايل جو ڪو به آسرو ناھي ۽ وي وائرليس تي ئي سڀ ڪجھ ڪرڻو آ پو ڊپ ڇاجو سو لڳائي سمھي رھون ٿا پو الله مالڪ جڏھن وڃي مڪمل ٿئي ٽي ڪلاڪ ۾ ٿي وڃي ٿو ايڊوب پورٽيبل ورجن 125 ميگا بائيٽ جو آ مھرباني ادا طاھر لک قرب
 
Back
Top