هندستاني ٽيم ورلڊ ڪپ 2011 کٽي ورلڊ ڪڦ ٽرافي کٽي ورتي پر حيران ڪن انڪشاف سامهون آيو ته ٽيم کي ملندڙ ٽرافي نقلي آهي۔ ڪجھ هندستاني چينلز ۽ اخبارن اهو انڪشاف ڪري سڄي دنيا جو ڌيان ان ڳالھ ڏانهن ڪرايو آهي ته اصلي ٽرافي کي بمبئي ايئرپورٽ تي ڪسٽمز وارن روڪي ڇڏيو هو جنهن جو سبب ڪسٽم ڊيوٽي جي رقم 22 لک روپين جي ادئگي نه ڪرڻ هو۔ اهو به چيو ويو ته ٽرافي جو هيٺيون بيس ڪارو آهي جڏهن ته اصلي ٽرافي تي 1975 کان کٽندڙ فاتح ٽيمن جا نالا لکيل آهن۔
ڀارتي ڪرڪرٽ بورڊ جي نائب صدر ۽ رڪن پارليامينٽ راجيو شڪلا پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آئي سي سي نقلي ٽرافي ڏئي پوري ڀارتي قوم سان مذاق ڪيو آهي۔ ڪسٽمز اٿارٽيز کي به اها خبر ناهي ته ضبط ڪيل ٽرافي اصلي آهي يا نقلي۔
هوڏانهن آئي سي سي ان خبر جي ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هندستان کي ملندڙ ٽرافي اصلي آهي جنهن تي ورلڊ ڪپ 2011 جو لوگو ٺهيل آهي۔ جڏهن ته ڪسٽم اٿارٽيز وٽ رڪيل ٽرافي تي آئي سي سي جو ڪارپوريٽ لوگو ٺهيل آهي ۽ اها پروموشنل ۽ مستقل ٽرافي آهي جيڪا آئي سي سي جي صدر دفتر ۾ رکيل هوندي آهي۔