نثارابڙو
نائب منتظم
http://imageshack.us
مينيجر پنهنجي اداري جي ملازمن جي پگهار وڌائڻ واري مطالبي کان تنگ اچي هڪ ڏينهن چيو ته سڀاڻي اوهان تيار ٿي اچجو ۽ پاڻ کي ٺاهي ٺڪي اچجو ته اوهانجي پگهار وڌائڻ جو فيصلو ڪندس. ٻي ڏينهن تي صبح جو سڀ ملازم اچي گڏ ٿيا ته ميئنيجر تقرير شروع ڪئي؛
پيارا ملازم دوستو؛
اوهانکي صلاح آهي ته اوهان هميشه پنهنجي پگهار مطابق ڪپڙا پائي ايندا ڪريو ته جئين اوهان سهڻا لڳو.
اڄ هت جيڪي ماڻهون سٺا، قيمتي ۽ مشهور برانڊ جا ڪپڙا پائي آيا آهن، ان جو مطلب ته انهن جي پگهار ضرورت کان گهڻي آهي، انڪري انهن جي پگهار وڌائڻ جو ته سوال ئي ناهي ...
۽ جيڪي ماڻهون بلڪل گهٽ درجي جا ڪپڙا پائي آيا آهن، انهن کي صلاح آهي ته هو پنهنجي پگهار جو سهي استعمال ڪن، جيڪي ماڻهون پنهنجي پگهار سهي استعمال ڪري نه ٿا سگهن انهن جي پگهار وڌائڻ مان ڪهڙو فائدو ۽ سوال ئي پئدا نٿو ٿئي ته انهن جي پگهار وڌائجي.
۽ جيڪي ماڻهون وچترا ڪپڙا پائي آيا آهن، انجو مقصد ته هو جنهن حال ۾ آهن ٺيڪ اهن، ان ڪري انهن جي پگهار وڌائڻ ضروري نه ٿو سمجهان.