هو ٽهڪ ڏيئي ٿو محفل ۾ مان رت روئان ڏک ۾ پيو ڏران هو آسائش ۾ عيش ڪري مان ڏٻرا ڏوٿي ڏيه ڏسان هو وسڪين واندو وات نه آ ما ٿر بر جا پيو ٿاڪ ڏسان هو ڏاڍ ڏمر سان ڏهڪائي مان هيڻو ٻيڻو ٻاڪاريان هي بزدل بي ارڪانو آ مان خصلت خوب سڌار چوان هن وٽ ڪيئي ويس وڳا هت مارو منهنجا ليڙون لٽا هو سنڌ سڄي ٿو ڀيل ڪري ۽ مارو ماري کيل ڪري جو مارو منهنجا ماريندو ۽ کيت اسانجا کاريندو سو دشمن منهنجي ديس سندو تنهن لئ ڦاهي ٿار ڦندو ڦٽڪار ۾ ويندو ٿي هو فنا ڇو سانگي منهنجا اڃ به سڃا۔۔۔۔۔۔۔