وه اور هون گي، جنيهن موت ڪر گئي تباهه، هم ني موت ڪي راهه ۾ سبق بقا ليا هي۔ معزز پڙهندڙ سنڌ واسيو، اسلام عليڪم، سائين محترم پيارا پڙهندڙ دوستو، جڏهن پهريون دفعو مان انٽرنيٽ استعمال ڪندي سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي پهچي ويس ته يقينن مونکي سنڌ سلامت ساٿ جي سموري ٽيم جي ڪاوش ۽ محنت ڏسي انتهائي خوشي محسوس ڪيم، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ موجوده وقت ۾ اهڙن ويب سائيٽن جي شديد ضرورت آهي، حقيقت اها آهي ته اڄ اسان جو سنڌي نوجوان جڏهن موجوده ماڊرن دور ۾ به پنهنجي 5000 هزار سال پراڻي قديام سنڌ جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻ رکڻ کان قاصر بڻيل آهي، اڄ انهي معلومات نه رکڻ يا اسان جي ماضي مان ڪجهه نه حاصل ڪرڻ جو نتيجو اهو نتڪو آهي جو اڄ اسان جي نوجوانن وٽ صرف ڪوڙي محبت ۽ پيار ۽ عدالتن ۾ وڃي پنهنجي والدين جي بي رسوائي سان گڏوگڏ صرف پنهنجي زندگي جي هڪ ننڍڙي خوشي جي خاطر سمنڊ پنهنجي والدين ۽ برادري جي ماڻهن جي زندگي کي زهر بڻائي ڇڏين ٿا، ان ڳالهه کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ”بيشڪ محبت ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي“ ۽ محبت اها شئي هوندي آهي، جيڪا نه ڪنهن ذات، پات رنگ نسل يا قوم جو ڪو به فرقو يا اميري ۽ غريبي جي تصور کان بلڪل اڻ ڄاڻ هوندي آهي، اسان ۽ توهان سڀ هن معاشري ۾ رهون پيا ۽ اهو ڏسي رهيا آهيون ته اڄ اسان وٽ نوجوان نسل جي غلط ۽ ڪريل حرڪتن سبب اڄ انهي سنڌ ۾ رت جا سمنڊ وهڻ لڳا آهن جتي اڳ ۾ صوفين، بزرگن ۽ ڀائيچاري کان ويندي مهمان نوازي لا مثال ڏنو ويندڙ سنڌو دريا جي سرزمين پاڻي سان آباد هوندي هئي، رونقون هونديون هيون، اڄ انهي سنڌ يونيورسٽي ۾ رڳو ڪامريڊي جا ستارا آهن، جتي اڳ ۾ اهو دور هوندو هو جو هڪ شاگرد جي لا پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي تمام زبردست ۽ سٺي گريڊ واريون پوسٽون انهن نوجوانن جو اتنظار ڪري رهيون هيون، ليڪن اڄ انهي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، اهو اسان ۽ توهان چڱي طرح ڄاڻو ٿا، بهرحال افسوس ته جنهن سورمن پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، انهن شهيدن جي ڌرتي تي اڄ ڇا ٿي رهيو آهي، اڄ انهي ڌرتي تي اهي بغاوت جون دانهون ۽ ڪوڪون نٿيون ٺهن ته هاڻي اسان کي پاڪستان کان آزاد ڪيو وڃي، ڪالهوڪي سنڌ اها سنڌ هئي، جو جيڪڏهن سنڌ جو هڪ نوجوان پڙهي لکي اڳتي وڌي برصغير جي خاطر سجاڳي پيدا ڪندي قائداعظم بڻجي ٿو ته برصغير جي عظيم سيد المرشدين امام العارفين پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رهبر جي اڱڻ تان جنم وٺي وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي سموري دنيا جو سپر پاور طاقت سڏرائيندڙ انگريز سان مقابلي لا تيار ٿي نه پنهنجي ديس ۽ وطن خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏئي سرخرو ٿي ويو پر تاريخ شاهد آهي ته جيستائين زبان ۾ ڪجهه چوڻ جي طاقت آهي ته اتي صرف ۽ صرف الله ا ڪبر، يا رسول الله۽ ڀيڄ پاڳارا جي صدا کانسوا ٻيو ڪو به لفظ ناهي۔ بهرحال اهي مختصر طور تي حوالاڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته اڄ جيڪڏهن سنڌ سان ڪجهه زيادتي يا وسيلن جي مٿان ڏاڍ ڪيو ٿو وڃي ته ان ۾ اسان کي هرگز اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته ان ۾ اصل قصور اسان جو به آهي۔ ڇاڪاڻ ته اسين جنهن نمائندن کي پنهنجي مفاد ۽ نوڪرين کان ويندي انهن جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي کين ووٽ ڏيون ٿا، اهي اڳتي وڃي اهو ڪردار ادا ڪن ٿا جهڙو هن جو پنهنجو ڪردار آهي، ليڪن اسان ڪڏهن اهو به سوچيو آهي ته هي وطن پاڪستان به اسان جو آهي، ان ڪري پاڪستان جي به حفاظت اسان کي ڪرڻي آهي، ها جيڪڏهن اسان جي وسيلن ۽ حقن تي ڪجهه ڌاڙا لڳن ٿا ته اسان تي فرض آهي ته اسان انهن ماڻهن کي چونڊي اسيمبلين ۾ پهچايون جيڪي اسان جي جذبن جي ترجماني ڪن ۽ اسان جي حقن۽ وسيلن جي هر موڙ تي مڪمل جدوجهد ڪري پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪن۔ باقي انهي ڳالهه کان اسان بلڪل سمهت نه آهيون ته اسان پاڪستان کان آزاد ٿي وينداسين، ڇاڪاڻ ته اسان اهو وساري ڇڏيو آهي ته پاڪستان حاصل ڪرڻ واري جدوجهد ۾ سڀ کان پهرين ڪردار سنڌ صوبي جو آهي ته ٻئي طرف وري اهو پڻ ته اها سنڌ اسيمبلي ئي ته هئي جنهن سڀ کان پهرين پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد پيش ڪئي، ڇا هاڻي اهو ممڪن آهي ته اسان جي قربانين سبب وجود ۾ ايندڙ ملڪ کي اسين ٻين ملڪ ۽ ڌرتي غدارن حوالي ڪري صرف سنڌ ڌرتي جو ٽڪرو وٺي ماٺ ڪري ويهنداسين؟ بهرحال حقيقت اها آهي جو جنهن ماڻهو جي جيڪا شئي هوندي آهي ان شئي جو قدر ۽ اهميت صرف ان ماڻهو کي هوندو آهي جنهن شئي جو هو مالڪ هوندو آهي، nb.mahar@yahoo.com