آدم شماري، سنڌي قوم جو امتحان، هوم ورڪ وري زيرو

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]



    نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...
    آدم شماري، سنڌي قوم جو امتحان، هوم ورڪ وري زيرو
    زرار پيرزادو


    [JUSTIFY]
    سنڌين مٿان بحيثيت قوم جيڪي تمام وڏا امتحان آڏو اچي سگهن ٿا، تن ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ ۽ آگسٽ مهيني تائين هلندڙ گهر شماري ۽ آدم شماري به هڪ آهي.

    ان امتحان ۾ سنڌي ماضيءَ وانگر فيل ٿين ٿا يا نه تنهن جو نتيجو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر سنڌين ان امتحان لاءِ جيڪا تياري ڪئي آهي، سا ڪنهن به ريت تسلي بخش ناهي.

    آدم شماري بابت سنڌي ميڊيا ۽ قوم پرست پارٽين جوش ۽ جذبو ته گهڻو ڏيکاريو آهي پر عملي طور ۽ ميدان تي ڪو غير معمولي ڪم ٿيندي نظر نه ٿو اچي، جنهن تي انتهائي ڳڻتي ۽ مايوسيءَ جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو.

    سنڌين لاءِ هيلوڪي آدم شماريءَ جو هڪ مثبت پهلو صرف اهو ليکيو پئي ويو ته هيل پ پ حڪومت جي موجودگيءَ ۾ هيءَ آدم شماري ٿي رهي آهي، پر سندن پرڪار ٻڌائين ٿا ته سندن مٿان ڪو گهڻو ڀاڙي نٿو سگهجي ۽ ان حساب سان اسان کي مايوس ٿيڻ لاءِ ڪافي ثابتيون به ملن ٿيون.

    پوئين مهيني يعني مارچ جي 25 تاريخ تي جڏهن سنڌ حڪومت ۽ قوم پرست اڳواڻن وچ ۾ آدم شماريءَ لاءِ هڪ ٻئي سان سهڪار جو اعلان ڪيو ويو هو ته اميد پيدا ٿي ته هيل سنڌي پاڻ ملهائڻ لاءِ سنجيده آهن ۽ اها سنجيدگي هونئن به پ پ حڪومت جي مفاد ۾ به آهي. پر افسوس ته سنڌ جي قوم پرست پارٽين تي ٻڌل آدم شماري مانيٽرنگ ڪميٽيءَ اهو انڪشاف ڪندي اسان کي صفا پريشان ڪري ڇڏيو آهي ته حڪومت ڪميٽيءَ سان طئي ڪيل 9 نقطن مان 8 تي اڃا تائين عمل ئي ناهي ڪيو.

    نه ڌاري آبادڪاري کي ڌار رجسٽر ڪرڻ جو ڪو انتظام ٿيو آهي نه نادرا جي انڪشاف موجب جن 31 لک پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، سي رد ٿيا آهن.

    حڪومت نسلي بنيادن تي علائقا پنهنجن اتحادين کي ورهائي ڏنا آهن، ٻوڏ متاثر لاڏائو 30 لک ماڻهن جي ڳڻپ جو ڪو بندوبست نه ڪيو ويو آهي، ڍنڍن ڍورن ۽ ٻيڙين ۾ رهندڙ ملاحن جي وڏي آبادي توڙي ٻوڏ متاثرن کي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ مخلوق جي ڳڻپ ۾ رهجي وڃڻ جا پڻ وڏا امڪان آهن.

    هوڏانهن وري شماريات جي وفاقي سيڪريٽري آصف باجوا ۽ پاڪستان جي چيف سينسز ڪمشنر حبيب الله خٽڪ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي آدم شماري جي پهرئين مرحلي بابت جيڪا بريفنگ ڏني آهي تنهن ته صفا اکيون کولي ڇڏيون آهن ۽ اڻ سڌي نموني ڄڻ انهن اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پ پ حڪومت ۾ ڪا اميد نه رکجو.

    انهن آفيسرن بريفنگ ڏيندي واضح طور ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ”جن پرڏيهين کي نادرا جائز يا ناجائز نموني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن، تن کي پاڪستاني تسليم ڪندي کين آدم شماري ۾ شامل ڪيو ويندو.“

    سنڌ ۾ گهربل تياريون نه ٿيڻ ڪري هڪ محتاط اندازي موجب هڪ ڪروڙ 50 لک سنڌين جي آبادي جو حصو ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جو خطرو آهي. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڌارين کي آدم شماريءَ کان پري رکڻ جا ته نه البته سنڌين کي آدم شماريءَ جي ڳڻپ کان ٻاهر ڪرڻ جا وڏي پئماني تي انتظام ٿي رهيا آهن.
    [/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو