اسان جي مادري ٻولي سنڌي آهي... ان سان اسان جو چاهه آهي... اسان جي سريلي ٻولي سان ٿيڻ وارين زيادتين جو احساس مون کي پهريون دفعو تڏهن ٿيو جڏهن ڪلاس ڇهون ۾ هيم... اسان جي اسڪول ۾ سنڌي ٻولي جي ضروريت ۽ اهميت تي هڪ تقريري مقابلو رکيو ويو....
تقريب شروع ٿيندي ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي ٻولي تي جذباتي تقريرون ڪيون ۽ پنهنجي مادري زبان سان محبت جو اظهار ڪيو... آخر ۾ مهمانِ خصوصي جنهن انداز سان پنهنجي تقرير ڪئي ان جي جهلڪ توهان به ڏسي وٺو....
مونکي تمام گهڻي خوشي سان اهو چوڻو ٿو پوي ته توهان مون کي هن تقريب ۾ As a مهمانِ خصوصي Invite ڪيو.... ان لاءِ مان سڀ کان پهريان پرنسپل صاحب جو Thankful آهيان ته هنن مون کي هتي گهرائي Respect ڏني.... مون ڏٺو ته نه صرف Teachers پر Students ۾ به سنڌي Language لاءِ ڪيتري محبت آهي ۽ هو ان کي ڪيترو Like ڪن ٿا....
هنن مون کي ڏاڍو Impress ڪيو And of course انهن کي سنڌي سان مون وانگي وڏي Attachment آهي... مان به اهو ضرور چوندس ته جيئن هڪ Student پنهنجي Speech ۾ چيو ته سنڌي اسان جي مادري زبان آهي اسان کي ان جي قدر ڪرڻ گهرجي... اڄ تائين ڪنهن به Government اهو Part play نه ڪيو آهي جيڪو اها Deserve ڪري ٿي... مان توهان سڀني کي Request ٿو ڪريان ته Please پنهنجي دلين کي For God sake ٿورو کوليو ته ڇا اسان پنهنجي زبان سان پيار نه آهي..؟ ڇا اسان کي سنڌي ڳالهائڻ ۾ شرم ٿو اچي....؟ ڇا ڪنهن قوم جي سڃاڻپ ان جي زبان نه آهي...؟ توهان Certainly اهو Feel ڪيو ته اسان لاءِ سنڌي زبان جي ڪهڙي Importance آهي....
English اسان لاءِ هڪ ڌاري زبان آهي.... توهان مون سان Agree ڪريو ته اسان کي ڪنهن ڌاري زبان کي پنهنجو ڪرڻ نه گهرجي... اسان جي شاگردن جو گهڻو وقت English کي سکڻ ۾ Waste ٿي ويندو آهي... اسان کي گهرجي ته اسان ان تي وڌيڪ Trust نه ڪريون.... ۽ سنڌي کي هر Field ۾ Inter ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪريون... No doubt هي هڪ Complete ۽ Language آهي...
ان سان گڏ ئي پاڻ پنهنجي جذباتي ۽ سنڌي زبان سان محبت واري تقرير ختم ڪئي ۽ مون جهڙي موڳي کي ڏندين آڱريون ڪري ڇڏئين ...
خير اهو ته منهنجي اسڪول جو هڪ پراڻو قصو هو... پر ڇا اسان سڀني کي ان جي فڪر نه ڪرڻ گهرجي ته اسان جا اعلي عهدن تي ويهڻ وارا ماڻهون به پنهنجي مٺڙي زبان تي ايترو عبور نه ٿا رکن جو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهن.... انهن کي مناسب لفظ نه ملڻ ڪري وري وري انگريزي زبان مان لفظ چونڊڻا پيا پون....
اسان شهرن ۾ رهڻ وارن جي سنڌي ته اردو جي ڪري ڏينهون ڏينهن بگڙجندي پئي وڃي ڪاٿي ڦلپوٽو فقير جي انگريزي سيکارڻ سان رهي سهي ڪسر به نڪري وڃي....