عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
اڄ وري ڪي خواب کيڙي ٿي هوا
ڄڻ بَکيا دل جا اڊيڙي ٿي هوا
تنهنجي وارن جا ڪڪر ٿيا ڇڙوڇڙ
ڏس چري ڪيئن توکي ڇيڙي ٿي هوا
توسان گهاريل پل ،چميون ۽ چهچٽا
مان پکيڙيان ٿو سهيڙي ٿي هوا
تو مون جنهن کي پيار جو پاڻي ڏنو
وڻ اهو جڙ کان اکيڙي ٿي هوا
ياد جو مئڪش نگر آباد آ
ان ۾ خوشبوئون کنڊيڙي ٿي هوا
ڄڻ بَکيا دل جا اڊيڙي ٿي هوا
تنهنجي وارن جا ڪڪر ٿيا ڇڙوڇڙ
ڏس چري ڪيئن توکي ڇيڙي ٿي هوا
توسان گهاريل پل ،چميون ۽ چهچٽا
مان پکيڙيان ٿو سهيڙي ٿي هوا
تو مون جنهن کي پيار جو پاڻي ڏنو
وڻ اهو جڙ کان اکيڙي ٿي هوا
ياد جو مئڪش نگر آباد آ
ان ۾ خوشبوئون کنڊيڙي ٿي هوا
