• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل جا

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
دل جي دردن ڪانهي ڪنهن وٽ
نياز نوڙت،عاجزي گهٽيا وتن گهٽ
جتي پتو پرين جو پوي پهچن اتي جهٽ
ماڻڻ گهرين محبوب ته خواهشن جي کڻ کٽ
لا سان لاهوتي ٿي لَٽِ۔ آجو ٿين آزارن کان​



دل جي دردن جي دوا نڪي اٿئي دارون
جن شفا پاتي پاڻ مان الاالله تن پڪارون
خواهشن جي خول ۾ گذري ويون ڄمارون
ڏاڏل آهن اهي هزارون پوريون نه ٿين پل ۾​



دل جي دردن جي دوا ڪئي ته وڌندي وَرَ چڙهي ويا
جيئن ٿي ڇڏايم جند ڏاڏل تيئن جند جُڙي ويا
لا جي لَهَرَ ۾ لُڙهي ويا آزاد ٿيا سون الله جي اک سان


دل جي دردن آزادي ڏنم آزارن کان
جوڳي ٿي جوڳ ورتو پري پچارن کان
جاتي هيڪڙائي هڪ ڪنڌ ڪڍايو هزارن کان
پڇو حال تن ويچارن کان جن ويهي وقت وڃايو​


جن ويهي وقت وڃايو تن جو ساٿي نه رب ستار
خصيص خواهشن پٺيان ٿيا خوب خراب خوار
ڏاڏل سهڻي قرض سندو ڪر خالق سان واپار
ڪر سر سسي کان ڌار ته عاشق سڏائين الله جو
 
جواب: دل جا

سائين تمام بهترين شاعري ۽ سچ ۾ ته اوهانجي شاعري پڙهي..ائين لڳو ته سنڌ جي ڪنهن وڏي ۾ وڏي شاعر جي شاعري پڙهي رهيون آهيان...اوهان اسان جي علائقي جي ويجهو رهو ٿا..اوهان جي ديدار جي آس وڌندي ٿي وڃي.
 
جواب: دل جا

سائين تمام بهترين شاعري ۽ سچ ۾ ته اوهانجي شاعري پڙهي..ائين لڳو ته سنڌ جي ڪنهن وڏي ۾ وڏي شاعر جي شاعري پڙهي رهيون آهيان...اوهان اسان جي علائقي جي ويجهو رهو ٿا..اوهان جي ديدار جي آس وڌندي ٿي وڃي.

سائين جنهن وقت اوهان حڪم ڪندؤ حاضر ٿي وينداسين اوهان اسان کي ان قابل سمجهيو اها اوهان جي مهرباني بس هي ويٺي ويٺي خيال اچي ويندا آهن ته هن جاءِ تي محفوظ ڪندا آهيون اوهان جي مهرباني ۔
وسلام​
 
Back
Top