شاعر، محقق ۽ لطيف شناس هڪ عالم اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد رضوان گل ڪائنات جي وسعتن ۽ ڌرتيءَ جي ڪشادگيءَ جو ڪاٿو ڪرڻ ته شايد ممڪن هجي پر ڪنهنجي پيار جي ڪٿ ڪرڻ انتهائي مشڪل مرحلو ٿئي ٿو، ڇو ته پيار جون معنائون هر ماڻهوءَ وٽ الڳ الڳ آهن، پر پيار هر معنى ۾ پنهنجي ڪشش ۽ خوبصورتي رکندڙ آهي. سدائين اڻ ميو پيار ڏيندڙ اهڙن ئي پيارن انسانن مان ڊاڪٽر بشير احمد شاد به هڪ آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق ۽ لطيفيات جي حوالي سان قابلِ قدر ڪم ڪيو آهي.ڊاڪٽر بشير احمد شاد 1 اپريل 1942 ۾ آغا درمحمد پٺاڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ بنيادي تعليم وارا ڪجهه درجا پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڏڙن جي مستقل طور لاڙڪاڻي لڏي اچڻ سبب بعد وارو تعليمي سفر لاڙڪاڻي ۾ جاري رکيو. مئٽرڪ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ انٽر ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد بي اي ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪريءَ جو آغاز پرائمري استاد طور ڪيائين، جنهن بعد 1973 ۾ سنڌي جي ليڪچرار طور سندس تقرري سانگھڙ جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ ٿي، جتي ٻه سال رهڻ بعد لاڙڪاڻي بدلي ٿي آيو. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاڻ 1 اپريل 2002 تي سنڌي شعبي جي چيئرمين ۽ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائرمينٽ ورتائين. ٻه سالن جي قليل عرصي بعد زيبسٽ انٽرميڊيئيٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ساڳئي ريت سنڌي ادب جي استاد طور ڪم ڪرڻ جي کيس خصوصي طور آڇ ٿي، جتي هن وقت سنڌي شعبي جي سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.ڊاڪٽر شاد پنهنجي ادبي سفر جو آغاز شاعريءَ سان ڪيو. پڙهڻ لکڻ وارو ماحول کيس اسڪول واري زماني کان ئي مليو جنهن سبب هن ڪيترن ئي موضوعن تي لکيل ڪتاب ڪاليج واري دؤر ۾ ئي پڙهيا. نه صرف پڙهيا پر انهن تي بحث مباحثا پڻ ٿيندا هئا، جو ان وقت ادب پڙهندڙن جي هڪ لٽرري سرڪل سنڌ اسٽڊي سرڪل ٺهيل هئي، جنهن ۾ ڪتابن جي ڏي وٺ به ٿيندي هئي ته ليڪچر ۽ ننڍڙيون ادبي گڏجاڻيون پڻ. انهن گڏجاڻين ۽ ادب جو ذوق پئدا ڪرائڻ وارن استادن ۾ پروفيسر غلام الله شيخ جو نالو اهميت وارو آهي، جنهن انهن سڀني شاگردن کي گڏ ڪري لٽرري سرڪل جو بنياد وجهي نوجوانن ۾ ادب پڙهڻ جو شوق پئدا ڪيو. ڊاڪٽر شاد جو ادبي شوق ۽ ڪتابن سان لاڳاپو ان دؤر کان وٺي اڄ تائين ساڳئي ريت برقرار آهي. هن جي ذاتي لائبريريءِ ۾ مختلف موضوعن تي 4000 کان مٿي ڪتاب موجود هئڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي.ڊاڪٽر شاد جي بنيادي حيثيت هڪ پختي شاعر واري آهي. هن سنڌي شاعريءَ کي ڪيئي امر سٽون ارپيون آهن. هڪ شاعر واري حيثيت ۾ ساڻس مختلف شهرن ۾ شامون ۽ رهاڻيون به رچايون ويون آهن. جيتوڻيڪ ”اوجاڳو اکڙين“ سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي پر ان کان پوءِ به ڊاڪٽر صاحب جي ڳچ شاعري منظرِ عام تي آئي آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي سگھي ٿي. ادب جا سبق پڙهائيندي پڙهائيندي، پاڻ تحقيق جي شعبي ۾ به ڪم شروع ڪيائين ۽ ڪيترن ئي علمي، ادبي موضوعن تي پُر مغز مقالا لکيائين. اڳتي هلي ڊاڪٽر شاد، نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي نگرانيءَ هيٺ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيقي ڪم جي شروعات ڪئي، سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع ”مولانا ثناءُالله ثنائي جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ هو. اهڙي طرح هن 1989 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ملڪي توڙي صوبائي سطح جي ادبي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ سبب ڊاڪٽر شاد جي ادبي دوستيءَ جو حلقو پڻ ڪافي وسيع ٿي ويو. سنڌ ۾ صوفياءِ ڪرام جي درگاهن تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ پڻ سندس تحقيقي مقالا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو آهي. خاص طور تي حضرت شاهه عبداللطيف ۽ حضرت سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪرڻ سالن کان سندس معمول رهيو آهي. ڀٽائيءَ سان انتهائي عقيدت هئڻ سبب ڪيتري ئي وقت کان پاڻ لطيفيات جي موضوع تي ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڇپيل 13 ڪتابن مان 6 ڪتابن جو لطيفيات جي موضوع تي هئڻ ڀٽائيءَ سان سندس بي انتها عقيدت ۽ محبت جو ثبوت آهي. ڀٽائي تي لکيل سندس ڪتاب ”عرفانِ لطيف“ جا هيل تائين پنج ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ ڪتاب جو بار بار ڇپجڻ پڙهندڙن ۾ ان ڪتاب جي مقبوليت ۽ اهميت ظاهر ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب هن وقت شاهه جي رسالي مان ”موضوعاتِ لطيف“ ترتيب ڏيڻ واري ڪم ۾ مصروف آهي. ڊاڪٽر شاد جي ڇپيل ڪتابن ۾”امام شامل“ ترجمو، ”عرفانِ لطيف“ لطيفيات، ”فڪرِ لطيف“ لطيفيات، ”اوجاڳو اکڙين“ شاعري، ”الله سائينءَ جي ڏاچي“ ترجمو، ”پيهي منج پاتال _ ڀلارو ڀٽ ڌڻي“ لطيفيات، ”اسلامي تاريخ جون نامياريون عورتون“ ترجمو، ”لاڙڪاڻو صدين کان“ تحقيق ۽ ترتيب، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (ڊاڪٽر بلوچ جي مقالن جي سهيڙ)، ”ڀٽ جو گھوٽ“ لطيفيات، ”جيون پيڙا پيار“ (لاڙڪاڻي جي چونڊ ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون)، ”حياتِ اقبال“ ترجمو، ”شاهه لطيف هر دؤر جو شاعر“ لطيفيات شامل آهن.سنڌي ادبي سنگت کان علاوه بزمِ سچل، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز سان سندس ادبي وابستگي رهي آهي. سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو بنياد 1982 ۾ پاڻ ئي رکيائين، جنهن پليٽ فارم تان سنڌ سطح جون ڪيتريون ئي ڪانفرنسون، ۽ مشاعرا ڪوٺايا ويا آهن ۽ انهن پروگرامن ۾ سنڌ جي ناليوارن ليکڪن شرڪت ڪئي آهي. سچل ادبي مرڪز لاءِ 1985 ۾ پنهنجي ادبي دوست ۽ شاگرد انيس گل عباسي سان گڏجي الڳ پلاٽ حاصل ڪري، ٻين ذاتي دوستن کان مدد وٺي ان تي تعمير ڪرائي گرائونڊ فلور تيار ڪرايو. جنهن ۾ هن وقت ادبي مرڪز جي آفيس موجود آهي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد ادب جي جن شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي انهن ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق، تنقيد، ترجمو، ڪهاڻي ۽ ڪالم نگاري شامل آهن. هن ڪيترين ئي شخصيتن تي مضمون ۽ روزاني اخبارن ۾ ڪالم لکيا آهن. ”شاهه لطيف جي هڪ بيت جي شرح“ جي عنوان تحت روزاني ”هڪ اخبار“ جي ادبي صفحي ۾ ڪيتري ئي وقت تائين مختصر ڪالم لکندو رهيو، جنهن کي ادبي حلقي ۾ ڀرپور ساراهيو ويو، سٺ واري ڏهاڪي کان مستقل طور سنڌ جي مڙني رسالن ۾ سندس مواد شايع ٿيندو رهيو آهي. نامياري ڪهاڻيڪار حميد سنڌي ڊاڪٽر شاد بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”بشير احمد هڪ خاموش طبع ۽ پنهنجي منهن ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو آهي، هن خاموش ليکڪ جون سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. سندس لکڻين ۾ جيڪا گھرائي ۽ گهرائي آهي، اها اڄ ڪلهه جي ليکڪن، محققن ۽ نقادن جي حوالي سان گھٽ اديبن جي حصي ۾ آيل آهي.“ نامياري شاعر احمد خان مدهوش ڊاڪٽر شاد کي منظوم خراج پيش ڪندي لکيو:سچل جو شيدائي وطن جو ثناگرسندس خاندان آهي آغا نشانبرمگر سنڌ جو آهي خادم سراسرتڏهن کيس سمجهو مون سنڌي اڪابرڊاڪٽر بشير احمد شاد هڪ گهڻ ڳڻو انسان آهي، جنهن وٽ مهمانن جو مانُ ۽ دوستن جو قدر به آهي ته ادبي لڏي سان هٿ جوڙ واري واٽ پڻ. ڊاڪٽر شاد پنهنجي اولاد کي به ادبي تربيت ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٽي فرزند، احسان دانش (ڪهاڻيڪار، شاعر، ڪالم نگار، محقق)، رضوان گل (شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، مترجم) ۽ آغا عمران (ڪهاڻيڪار) پڻ ادبي کيتر ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر شاد ادب جي جوت جلائيندو رهي ٿو، ان علم ۽ شعور جي روشنيءَ مان اڄ به ڪيترائي نوجوان لکاري پنهنجا اندر روشن ڪري رهيا آهن.(1 اپريل ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو جنم ڏينهن آهي) بشڪريه عبرت
جواب: هڪ عالم اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد ادا ممتاز مهرباني لاڙڪاڻي ۾ جڏهن سائين ماجد ڀرڳڙيء سان ملاقات لاء وياسون ته اتي مون ادا رضوان کي فون ڪئي ته اسان لاڙڪاڻي آيا آهيون ۽ سائين ماجد وٽ آهيون۔ ڪجھ دير کانپوء پاڻ اتي پهچي ويا ۽ ساڻن گڏ سندن والد ڊاڪٽر بشير احمد شاد جن به گڏ هئا اها منهنجي ادا رضوان سان به پهرين ملاقات هئي۔ سائين ماجد وٽان اٿڻ کانپوء ادا رضوان ۽ سائين بشير سان ڪچهري ٿي ۽ پوء پاڻ گهر ويا پر ادا احسان دانش ۽ ادا رضوان اسان جي لاء تمام سٺي مانجهاندي جو اهتمام ڪيو ۽ ان کانپوء ادبي مرڪز به گهمايو ۽ ڪچهري به ٿي۔ سائين بشير احمد جي شخصيت علمي ۽ ادبي حوالي سان ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي۔ مٿيون ليک رضوان گل جي ڪتاب ساهت ڏيھ جا سرجڻهار مان ورتل آهي جيڪو پوء عبرت ۾ ڇپيو آهي۔ ادا رضوان ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي مونکي به موڪلي آهي جنهن ۾ سنڌ جي تمام وڏين شخصيتن تي تفصيلي خاڪو لکيل آهي۔ سائين بشير جي اولاد خاص ڪري احسان دانش ۽ رضوان گل ادبي کيتر ۾ تمام بهترين ڪم ڪري رهيا آهن ۽ گهڻو سرگرم آهن۔ ساڄي کان عبدالرشيد سمون ، رضوان گل ، مولوي رحيم بخش ڏاهري ، محمد سليمان وساڻ ، سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ، محترم بشير احمد شاد ۽ سائين بخش وساڻ
جواب: هڪ عالم اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد آ سڀني پيارن دوستن جو ٿورائتو آهيان جن هميشه محبتن ۾ ياد رکيو آهي خاص مهربانيون منهنجي پياري دوست محمد سليمان وساڻ جون جنهن پنهنجي پاران تفصيلي نوٽ ۾ منهنجي ڪتاب جو تعارف به ڪرايو آهي ته لاڙڪاڻي واري يادگار ملاقات جو ذڪر به ڪيو
جواب: هڪ عالم اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد اڄ جي ليک ۾ اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته جهڙو محترم سائين بشير احمد شاد تهڙو سندس اولاد ۔۔۔ سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم جي خدمت ڪندڙ هن گهراڻي کي الله تعالا پنهنجي امان ۾ رکي ۽ دعا آهي ته رب العالمين اهڙيون پياريون ۽ سگهاريون شخصيتون سنڌ ۾ پئدا ڪندو رهي ۔۔ آمين
جواب: هڪ عالم اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد ادا ممتاز اوهان جا ٿورائتا آهيون، اوهان جون لکڻيون تمام پيارون ۽ مانائتيون هونديون آهن۔۔۔ اسان جي لا ڄاڻڪاري هوندي آهي۔۔۔۔۔
جواب: هڪ عالم اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد سائين بشير احمد شاد جو اڄ جنم ڏينهن آهي۔ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔ سندس هڪ غزل پيش آهي۔ غزل بشير احمد شاد جهڙي تنهنجي آ تصوير منهنجي ٿي پئي جي تقدير جيڪو انگ ازل کان آهي ڪير مٽائي سا تحرير عشق اجاري ٿو انسان کي مام پروڙين ڪي مهمير ڪيئي داناء ديوانا ٿيا فرقت ڪيڙا شاه، فقير گهورن تنهنجي گهائي ڇڏيا هاڻي ڪيڏا مڙس امير ڇا هي دنيا ڇا هي حياتي هر ڪنهن پنهنجا ڪيا تفسير دکڙا درد فراق وڇوڙا آيا سپرينء کان هي سفير ڪيئي شاد شهيد ڪيا تو نظرن جا اڇلائي تير ....................................... ماهوار لطيف ڊائجسٽ جي جون 1986ع جي شماري ۾ ڇپيل