پ پ شهيد ڀٽو ڪيس جي پيروي لاءِ چيو ته اهو مون لاءِ اعزاز هوندو: اعتزاز

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پ پ شهيد ڀٽو ڪيس جي پيروي لاءِ چيو ته اهو مون لاءِ اعزاز هوندو: اعتزاز​
    ۔
    [​IMG]
    ۔سکر (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر نامياري قانوندان ۽ پ پ اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته شهيد ڀٽو کي سپريم ڪورٽ پاران جيڪا ڦاسي جي سزا ڏني وئي هئي تنهن کي عوام ڪالهه به قبول نه ڪيو هو ۽ اڄ به قبول نٿو ڪري ۽ پيپلز پارٽي به ان کي ڪڏهن قبول نه ڪيو آهي ۽ نه قبول ڪندي پر جنهن وقت اها ڦاهي جي سزا ڏني وئي ان وقت ملڪ ۾ مارشل لا لڳل هو ۽ جمهوريت پسند ڪارڪنن جو هڪ وڏو تعداد جيلن ۾ بند هو ۽ احتجاج ڪندڙ ماڻهن مٿان گوليون ۽ لٺيون وسي رهيون هيون، جنهن ڪري ڪو وڏو احتجاج نه ٿي سگهيو هو، ڪالهه هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي صدر پاران جيڪو ريفرنس موڪليو ويو آهي اهو مون نه پڙهيو آهي پر مون ٻڌو آهي ته ان ريفرنس ۾ شهيد ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ جو غلط فيصلو ڏيندڙ ذميوارن خلاف سزا ڏيڻ جي استدعا نه ٿيل آهي پر اها استدعا ڪئي وئي آهي ته شهيد ڀٽو جي بي گناهي بابت فيصلو ڏنو وڃي، ان ريفرنس تي هاڻ عدالت کي پنهنجي راءِ ڏيڻي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ان ريفرنس واري ڪيس ۾ پيپلز پارٽي پاران مون کي وڪيل ٿيڻ لاءِ ڪا به آڇ نه ڪئي وئي آهي جيڪڏهن پارٽي ان ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاءِ مون تي ذميواري رکندي ته اها منهنجي لاءِ اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه هوندي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سي اي سي جي اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي حوالي سان گهرو معاملن واري وزير پاران ڏنل بريفنگ ۾ هن ڪافي اڳڀرائي ٻڌائي آهي پر اڃا منهنجي خيال ۾ ڪافي مونجهارا موجود آهن جنهن تي مان في الحال ڳالهائڻ مناسب نٿو سمجهان بشڪريه ڪاوش.
    ڀٽو صاحب جي قاتل مڪار بدنام ڊڪٽيٽر جنرل ضياء جا ڪوڙ ​

    http://www.youtube.com/watch?v=N5jqQUddM6g&feature=player_embedded
    http://www.youtube.com/watch?v=N5zM5MvvZ6k&NR=1
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پ پ شهيد ڀٽو ڪيس جي پيروي لاءِ چيو ته اهو مون لاءِ اعزاز هوندو: اعتزاز

    مهرباني ادا ممتاز ونڊڻ جي.
    پر پي پي کي ۽ زرداري کي ڀٽو به تڏهن ياد آيو آهي جڏهن هي پاڻ گهر ڀيڙا ٿيڻا آهن اليڪشن کان پوءِ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو