TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
پروفيسر منظور حسين کهڙو
گل حسن ڪلمتي، روائتي راڄ جو سنڌي ماڻهو آهي. هن جي ذات ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ ڀلي ماڻهوءَ ۾ هئڻ گهرجن. اها منهنجي خوشقسمتي چئجي جو، ساڻس منهنجي ڄاڻ سڃاڻ تمام پراڻي آهي. توڻي جو هن سان واقفيت آڳاٽي رهي آهي. پر هن سان گهرائي جي دعويٰ آءٌ نٿو ڪريان. اوائل ۾ مون هن کي صرف دل جا طاق کولي، مرڪي ملڻ وارو اهڙو ماڻهو سمجهيو، جنهن سان ملي روح کي راحت ۽ دل کي تراوت ايندي آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي پيار ۽ پريت جي حوالي سان، اسان ٻنهي جو تيرٿ ته سن ئي رهيو آهي. پر پوءِ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ اسان ٻيا به ڪي تڪيا ڀيٽيا آهن. گل حسن جي من جي ته گل حسن کي ئي خبر، پر مونکي اهو شدت سان محسوس ٿيندو آهي ته اسان جو پهريون قبلوئي درست هو. بهرحال اهو به حسن اتفاق چئجي جو هن ۽ منهنجا مٽيءَ سان محبت ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ساڳيا ئي صنم خانا رهيا آهن.پوءِ جڏهن اهي بت اسان جي اڳيان بي وس ۽ بي حسن ثابت ٿيا ته ڪڏهن ساڳئي وقت ۽ ڪڏهن وري وقت جي ٿوري فرق سان، اهي مورتيون اسان من مندر مان هٽائي ڇڏيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجو مزاج جذباتي رهيو آهي، پر هن سمنڊ جهڙي وسيع سيني جي مالڪ شخص ڪڏهن پٺتي مڙي ڪنهن کي ميار به ناهي ڏني. صرف گس مٽي ويندو آهي. ان هوندي به سنڌ دوستي ۽ سنڌ دشمنيءَ جي پرک واري اک اسان ٻنهي جي ساڳي ضرور رهي آهي.
گل حسن، سنڌ جي غريب پرور حڪمران ڄام تماچيءَ جيان، ضلعي ڪائونسل کان گڏاپ ٽائون جي دور تائين، ڪيتريون ئي گندريون نوازيون آهن. پر هن ڪڏهن به ڪنهن کي اڄ ڏينهن تائين سامهون يا پرپٺ احسان ناهي جتايو. سندس شخصيت جو هڪ رخ اهو آهي، جيڪو شروع کان اڄ تائين منهنجي سامهون رهيو آهي.
ليکڪ طور سامهون اچڻ کان پهرين گل حسن ڪلمتيءَ ڪڏهن به ڪونه لَکايو ته هن سنڌ جي سچي عاشق جي اندر ۾ ڪو مستقبل جو وڏو ترجمي نگار، تخليقڪار، محقق ۽ الطاف شيخ جي قد بت جيڏو ڪو سفر ناما لکندڙ ليکاري موجود آهي. اهو شايد ان ڪري جو شروع کان وٺي هن شخص ۾ نمائش نالي ڪاشيءِ موجود ناهي رهي. سندس پهريون ڪتاب ” هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي“، ته آءٌ ڪونه پڙهي سگهيس. پر سندس ٻيو ڪتاب جيڪو رضا علي عابديءَ جي اردو ڪتاب ” شير دريا“ جو ترجمو هو. اهو مونکي ايتريو وڻيو جو ان کي مون ٻه ڀيرا پڙهيو آهي هڪ ته معلومات جي لحاظ کان هيءُ ڪتاب سنڌي زبان ۾ اچڻ ضروري هو. ٻيو ته هيءُ ترجمو اهڙي خوبصورت انداز ۾ ٿيل آهي، جو ترجمو گهٽ اصلوڪو وڌيڪ لڳي رهيو آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته موصوف کي ٻنهي زبانن تي ڪيترو ملڪو حاصل آهي. ساڳيءَ طرح سندس ڪتاب ”برف جو دوزخ“ به آءٌ ڪونه پڙهي سگهيو آهيان، پر هن جي ٻئي مشهور ڪتاب”ڪراچي سنڌ جي مارئي“ مون کي تحقيق جي دنيا ۾ ايترو متاثر ڪيو جهڙو شاعريءَ جي دنيا ۾ شاهه صاحب جي رسالي ڪيو آهي. هن ڪتاب جي انفراديت ۽ اهميت جو اندازو، تحقيق جي خاردار ۽ ٿڪائيندڙ پيچرن تي هلندڙ محققن کي ضرور ٿيو هوندو. هن ڪتاب کانپوءِ جيڪڏهن گل حسن ڪلمتيءَ جو ٻيو ڪو به ڪتاب نه اچي ته به، سندس هيءُ ڪتاب ئي کيس صدين تائين امر رکڻ لاءِ ڪافي آهي. ساڳيءَ ريت سندس ڪتاب”ملير جي ڪهاڻي“ هن جي شاندار تحقيقي ڪم جي ساک ڀري ٿو. جنهن ۾ هن وڏيءَ باريڪ بينيءَ سان ترقيءَ جي نالي تي ٿيندڙ تباهڪارين کي اجاگر ڪيو آهي. جڏهن ته گل حسن ڪلمتيءَ جو تازو آيل ڪتاب” عشق جون ڳليون آهي. سندس هيءُ ڪتاب 179 صفحن تي مشتمل آهي. سندس هيءُ ڪتاب پڻ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ هڪ شاندار اضافو آهي. ڳالهه ٿورن يا گهڻن صفحن جي ڪونهي. جيڪڏهن هن ڪتاب کي افاديت جي حوالي سان آءٌ لطيف سرڪار جي لفظن ۾ ڀيٽا ڏيان ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو:
سئو سرن پائي، جي تند برابر توريان،
اٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻرائي.
فاضل ليکڪ جي هن ڪتاب ۾ ڪل سترهن مضمون شامل آهن. جن مان شروعاتي چار مضمون وڏي ڄاڻ مهيا ڪندڙ تحقيق نما سفر ناما آهن:”جهوڪ سرائيڪي ڏانهن سفر“، ”پيردان مهرڪ جي نگري“، ”گاجي گنج بخش، لکين دا ڏاتار“ ۽ ”آر پير جو سفر.“ توڻي جو اهي سڀ تاريخي ڄاڻ مهيا ڪندڙ، پاڻ ۾ تفريح جو سامان سمائيندڙ ۽ ڄاڻ جا خزانو آهن. پر انهن مڙني مان ”جهوڪ سرائيڪيءَ ڏانهن سفر“ هڪ شاهڪار مضمون آهي. جنهن ۾ هڪ ئي وقت اوهان کي تفريح، ڄاڻ ۽ سنڌ ڪيس گڏوگڏ مندا. سندس هيءُ سفر شروع ٿيڻ کان آخر تائين دلچسپ انداز ۾ لکيل هئڻ ڪري تفريح بخش آهي، ته وري هن ۾ ريلوي جي تاريخ پڻ لکي وئي آهي. تنهن کانسواءِ پاڻيءَ جي حوالي سان حقيقتون ظاهر ڪري هن هڪ پاسي پنجاب جي ارهه زورائين کي انگن اکرن ذريعي بيان ڪيو آهي، ته ٻئي پاسي هن پنهنجن جي پرڪارن کي پڻ وائکو ڪيو آهي. ٽيليميٽر سسٽم متعلق لکي ٿو: ”هتي سنڌ حڪومت پاران باقاعدي انجنيئر مقرر هوندا آهن. جيڪي هن سسٽم تي نظر رکندا آهن ۽ لاهور ۾ قائم ڪيل آفيس ۾ روزانو رپورٽ موڪليندا آهن. يارهين وڳي تائين سنڌ جو ڪوبه انجنيئر موجود ڪونه هو سسٽم هڪ چوڪيدار جي حوالي هو. پڇا تي خبر پيئي ته اهي اڃا ننڊ پيا آهن. ان تي ڇاٿو ڪري سگهجي.“ گل حسن جي هن ”ڇاٿو ڪري سگهجي!“ واري ۾ هڪ جملي ۾ وڏو مفهوم ۽ سنڌ جو درد سمايل آهي. جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جا ڪامورا به سنڌ جي سياستڪارن جيان وڪاڻل گهوڙا ئي آهن. ان کان پوءِ هن ڪتاب ۾ ”چوٽاريون ريزروائر (ڊيلٽا جي موت جو پروانو)“، ”زندگي ۽ موت جو ٻواٽو (منڇر ڍنڍ جو الميو)“ ٻه تحقيقاتي رپورٽون شامل آهن. اهي به اهڙي شاندار تحقيقي رپورٽون آهن. جنهن ۾ هن فرد جي حيثيت ۾ جيڪي انگ اکر ڏنا آهن، شايد ئي اڄ تائين سرڪاري تحقيق ۾ اهڙا انگ اکر ملن، هڪ محقق ته اهو ئي ڪري سگهي ٿو، باقي ڪم ته سياستڪارن جو آهي ته اهي ذاتي مفاد ۽ عياشيون ڇڏي، هن تحقيق جي بنياد تي قوم کي منظم ڪري، قوم کي حقن جي حاصلات سان همڪنار ڪري سگهن ٿا.
اهڙيءَ ريت هڪ مضمون ڪراچيءَ جي اصلوڪن ماڻهن جي حال ۽ مستقبل بابت پڻ ڄڻ دل مان قلم ٻوڙي رت سان لکيل آهي. هڪ مضمون ۾ وري هن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واريءَ سازش کي شهري حڪومت واري مضمون ۾ انگن اکرن ۽ دليلن سان ثابت ڪندي مشرف جي مهاجر سوچ توڙي تعصب پرست ڪاموري تسنيم احمد جي ڪارنامي کي کليءَ طرح وائکو ڪيو آهي. جس آهي هن جوڌي کي جنهن تمام کليءَ دل ۽ دماغ سان سنڌ جي قومي المئي تي هڪ مضمون ۾ بحث ڪيو آهي. سندس هن ڪتاب ۾ بلوچستان ۾ بلوچن سان ٿيندڙ تاريخي زيادتين کي پڻ سنڌي عوام اڳيان پڻ پڌرو ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت سندس ٻن مضمونن ۾ تصوف جي وحدانيت ۽ سنتن جي ويدانيت تي شاندار بحث ٿيل آهي هنن ٻنهي مضمونن لکڻ جو مقصد رواداري ۽ محبت جو درس ڏيڻ آهي. تنهن کان علاوه 21 صدي جي اچڻ باوجود گڏاپ واسين يا ڪراچيءَ جي اصلوڪن ماڻهن جي حال ۽ مستقبل تي لکيل هڪ نوحو پڻ هن ڪتاب جو حصو آهي. سندس هن ڪتاب جي آخري ٽن مضمونن جو تعلق، شخصيت نويسيءَ سان آهي، جنهن ۾ هن خوبصورت لفظن ۽ جملن ذريعي اَمرُ شخصيتن عبدالله مراد بلوچ، مرحوم فقير محمد لاشاري ۽ ڊاڪٽر در محمد بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ سماج ۾ سندس شاندار ڪردار کي واضح ڪيو آهي. سو آءٌ هن ڪتاب جي مضمونن ۽ سندس ٻين ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ کيس جيڪڏهن تحقيق جو راڻو سڏيان ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو. پر آءٌ سندس هن ڪتاب ۾ هڪڙن ستن صفحن کي اهڙيءَ طرح هضم نٿو ڪري سگهان، جهڙي طرح سنڌي زبان جي ڪجهه محققن سر ڪيڏاري کي شاهه جو سر مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. مونکي خبر ناهي ته هنن وٽ اهڙي انڪار لاءِ ڪهڙا ٺوس دليل آهن. پر آءٌ انهن صفحن لکڻ واري کي اهو پاپي سمجهان ٿو، جنهن گل حسن ڪلمتيءَ جي ڪتاب کي آب زمزم سمجهي يا پوتر گنگا جل سمجهي پاڻ کي ڌوئي پاپ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب جا مذڪورا صفحا ” وڃائجي ويل ديس جو ڳولائو مسافر“ جي سري هيٺ لکيل آهن.
عوامي آواز