نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم مون ته پنهنجي شاعريءَ کي ليڪو ڏئي ڇڏيو هو پر هڪڙو نوجوان سنهڙو سيپاٽڙو اسان جو راڻو مٺڙو عامر ضيا چارڻ جنهن ادا رشيد سمون سان گڏجي سنڌ سلامت جو تحفو اسان سنڌ واسين کي ارپيو سو مونکي پنهنجي اولاد وانگر ڏاڍو ياد آيو سموري سنڌ سلامت جون پوسٽون تلاش ڪيم پر ڪافي ڏينهن کان عامر ضيا چارڻ جي ڪا پوسٽ نظر کان ڪونه گُذري۔ ان ڪري پنهنجي شاعريءَ تان ليڪي کي هٽائي هي ”سُر عامر ضيا چارڻ “ تخليق ڪيو اٿم۔ دوستو مان ڪنهن به دوست کي سنڌ سلامت کان دور ڏسندو آهيان ته تڙپي پوندو آهيان۔ بهرحال ادا عامر ضيا چارڻ پليز مُنهنجي بي لوث سڏن جو تون ضرور مان رکندين۔ ۽ فوري سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اچي اسان جو مان وڌائيندين۔
توکي ڏاڍو ياد پيا ڪريون
توکي ڏاڍو مس پيا ڪريون
1۔
رُسي وين راهه گُناهه ”عامر“ مُنهنجا ڀاءُ
اچ گهوريان توتان ساهه صدقو ڪري سپرين
2
ادا ”عامر ضيا چارڻ“
تون لڳين ڪيئن وسارڻ
سموري سنڌ سلامت کي
3
سموري سنڌ سلامت کي تُنهنجي آس اُڪير
اچ ”چارڻ ضيا امير“ اڱڻ اسانجي سپرين۔۔۔۔
4
تو ڪيئن وساريو آ، ادا ”عامر“ مُنهنجا ڀاءَ
جي مونکان ٿيو آ گُناهه! ڏي معافي مون مسڪين کي
5
سنڌ سلامت سارو، ڏنو تُحفو تو پيارو
الا! ڪيئن ٿئين رِيسارو،”چارڻ“ چِلِوِلايون ڪري
6
”چارڻ“ پنهنجي چنگ سان تُون ڪور ته مُنهنجو ڪنڌ
پهرين ڪري اچ پنڌ! سُهڻا سنڌ سلامت تي
ادا عامر ضيا چارڻ اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي رُسي وين راهه گُناهه ”عامر“ مُنهنجا ڀاءُ
اچ گهوريان توتان ساهه صدقو ڪري سپرين
2
ادا ”عامر ضيا چارڻ“
تون لڳين ڪيئن وسارڻ
سموري سنڌ سلامت کي
3
سموري سنڌ سلامت کي تُنهنجي آس اُڪير
اچ ”چارڻ ضيا امير“ اڱڻ اسانجي سپرين۔۔۔۔
4
تو ڪيئن وساريو آ، ادا ”عامر“ مُنهنجا ڀاءَ
جي مونکان ٿيو آ گُناهه! ڏي معافي مون مسڪين کي
5
سنڌ سلامت سارو، ڏنو تُحفو تو پيارو
الا! ڪيئن ٿئين رِيسارو،”چارڻ“ چِلِوِلايون ڪري
6
”چارڻ“ پنهنجي چنگ سان تُون ڪور ته مُنهنجو ڪنڌ
پهرين ڪري اچ پنڌ! سُهڻا سنڌ سلامت تي
توکي ڏاڍو ياد پيا ڪريون
توکي ڏاڍو مس پيا ڪريون