• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زير زبر

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
زير زبر

زچ نه ڪجي زيرن کي ڪڏهن زير به زبر ٿيندا
ڏاڏل جڏهن عمل مرندا تڏهن خبر پوندي خانن جي

زِچ مَ ڀائنج ته هو زير آهن
زبرن زچ ٿي نوايو آهي شير
جتي پرين پير تتي زبر زير ڏسبا



زبرن زير ٿي زچ ڪيائون زبر کي
جن زچ ڪيو زبر تن قابو ڪيو قبر کي
معطر محشر کي تن سوڀارن ڪيو


سي خانن جا خان جن ختم ڪيو منجھ خير
تنين لاهوت جو سير جي لڪا لا جي لام ۾

ڏاڏل شينو​
 
جواب: زير زبر

سجاد صاحب پيش وري ڪڏهن کان ويچارو ٿيو۔۔ اهو ته ڏاڏل سائين کي خبر نه۔۔۔ خير دل نه لاهيو ۔۔۔ ان جو به وارو اجهو آيو۔۔۔

سائين ڏاڏل ڪافي غور ڪرڻ سان به سمجهي نه سگهياسين۔۔ ڪاٿي ڪاٿي لفظ ڪو نقشو ٺاهي رهيا آهن پر وري ايندڙ ٻين لفظن انهن کي ڦيري ٿي ڇڏيو۔۔۔ مهرباني فرمائي ٿوري ٿوري سمجهاڻي به لکو ته جيئن توهان جي ليکن مان فائدو وٺندڙ ڪجهه ڀري ۾ به رکي سگهن۔۔۔۔ مهرباني
 
جواب: زير زبر

ادا سائين بلڪل مان سائين رشيد سمون جي ڳاله جي تائيد ڪنداس ته هن زير زبر شاعري جي تشريح ڪري سولي ٻولي ۾ چٽيو وڃي ته هن شعري جي صحيحي فهم کي سمجهي سگهجي۔ڇاڪاڻ ته هڪ بيت ٻن معنين جي طرف نشاندهي ڪري ٿو۔انڪري صحيحي مطلب ادا ڏاڏل سائين ٻڌائي سگهن ٿا۔
 
جواب: زير زبر

زچ نه ڪجي زيرن کي ڪڏهن زير به زبر ٿيندا

ادا ڏاڏل ٻيلي اهڙي گهرائيء واري شاعري ٿو ڪرين اسان نا سمجهه ايتري گهرائپ ۾ وڃڻ‌جيترو علم ڪون آهي۔ ٿوري ٿوري تشريح ڪندا هلو ته ڀلو،

تمام سٺن لفظن کي ترتيب ڏني اٿولفظي معني به لاجوب ڪري ڇڏيو

مهرباني
 
جواب: زير زبر

سائين آءُ ڇا ڪريان مون ته سمجهيو هي عام فهم زبان آهي پر خبر پئي ته نه ميان هتي ته مسئلو آهي انشاءِ الله ڪوشش ڪريان ٿو ته هنن الفاظن کي کولجي جي تڪليف آئي آهي ته معضرت ادا ۔
وسلام
 
Back
Top