خوشيون حاصل ڪريو

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]


    خوشين حاصل ڪرڻ جو هڪ ئي انمول نمونو آهي ” پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ“.

    هت ڪجهه نمونن جي وضاحت ٿيل آهي، ممڪن ڪو هڪ اوهان لاءِ به هجي!!!

    ٿورڙي ۾ خوش ٿيو؛ ماڻهون جيڪي کلمک هوندا آهن، جن جي منهن تي مرڪ هوندي آهي سي سونڊي ماڻهونءَ کان وڌ خوش رهندا ۽ وڏي ڄمار ماڻيندا آهن.

    ڪاٽو قسم جي عملن تي پريشان نه ٿيو، جيڪڏهن ڪٿي ڪا غلطي آهي ته ان کي قبول ڪريو ۽ ان غلطيءَ جي سبب ايندڙ مشڪلاتن سان منهن ڏيو، ذهن ۾ ويهاريو ته ڪوڙ ۽ بي ايمانيءَ واري زندگي هميشه مرض پئدا ڪندي آهي، انڪري برائيءَ جي خيالن مان جان ڇڏائي، چڱائيءَ واري سوچ کي پنهنجو ڪريو.

    يقين ڪريو ته اوهانجي زندگي قيمتي ۽ مقصد واري آهي، ممڪن هن وقت اوهانکي ڪو مقصد يا ڪو ڪم نظر نه ايندو هجي، ڳولهيو آخر ڪو ته ڪم اوهانجي ڪرڻ جهڙو ضرور هوندو، جيئن ٻيڙي پاڻيءَ کان بغير ناڪاره آهي تئين انساني زندگي ڪم کان بغير ناڪاره هوندي آهي.

    پنهنجي لاءِ ڪو سهڻو عمل ڪريو، تمام وڏي ۽ مهانگي ڪم ڪرڻ جي به ضرورت ناهي، ممڪن سج جي لهڻ جي منظر تي غور ڪريو ۽ ان بابت ڪي مختصر لفظ سوچيو، ممڪن اهي لفظ اوهانجي روح جو علاج هجن.

    هميشه پاڻ سان ڪو اهڙو ڪتاب ضرور رکو جنهن کي واندڪائيءَ ۾ پڙهي سگهو، ان ڪرڻ سان اوهان ڪڏهن تنگ نه ٿيندا يا اوهانجو وقت نه وڃائبو ” ڪتاب دوست آهي“ جڏهن اوهان پڙهي رهيا هوندا آهيو ته اوهانکي ٻه قيمتي شيون ملنديون آهن آرام ۽ علم.

    ڪنهن موٽ جي اميد کان بغير ڪنهنجي مدد ڪريو، ڪنهن پوڙهي عورت کي سندس بار کڻائڻ ۾ مدد ڪريو، ڪنهن جي ڪار کي رش مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪريو، ڪنهن ٻار کي رستي تي گم ٿيل سڪو ڳولهي لهڻ ۾ مدد ڪريو، ڪنهن معذرو کي رستو پار ڪرائڻ ۾ مدد ڪريو. جيتوڻيڪ اهي ننڍڙيون شيون آهن، پر سوچيو ته اوهان جي سوچ تي انجو ڪيترو گهرو اثر ٿيندو، جڏهن اوهان ان جاءِ تي هجو ها يا اوهان جنهن سان پيار ڪريو ٿا انجي ڪو مدد ڪري ها ته اوهان تي ڪهڙو اثر ٿئي ها،

    ممڪن هفتي ۾ هڪ دفعو اهو ڪجهه کائڻ جو پروگرام ٺاهيو جنهن جي کائڻ سان اوهانکي سٺو محسوس ٿيندو آهي، بيشڪ اوهانکي ان جي تيار ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو هجي، ممڪن کيرڻي ٺاهيو، جيڪا ننڍڙي لاءِ امي ٺاهيندي هئي.

    گهر يا ڪمري کان ٻاهر نڪري، ميدان تي اچو ۽ ٻآهرئين ماحول جو مزو وٺو، سج جي روشني ۽ تازي هوا کائڻ مزو به آهي ته علاج به، سائنس اهو ٻڌائي ٿي ڪيترن قسمن جي بيمارين جو علاج سج جي روشني ۽ تازي هوا سان ٿي وڃي ٿو. پنهنجي لاءِ صحتمند شئي جيڪڏهن ڪا ڪري سگهو ٿا، جنهنجو اثر اوهانجي جسم ۽ روح تي ٿئي ٿو اهو آهي ...” گهمڻ

    پيار ڏيڻ ۽ ڪنهنکي چڱيءَ طرح سان سمجهڻ جي موٽ ۾ ئي اوهانکي پيار ملندو آهي ۽ ڪو اوهانکي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، .... جيڪڏهن اوهانکي پيار کپي ٿو ته پيار ڏيو، اهو ئي روءِ زمين جو پراڻو سچ ۽ حقيقت آهي، جيڪو ڏيندا آهيو اهو ئي اوهانکي واپس ملندو آهي. انڪري بلڪل اهڙو ئي ڏيو جنهنجي اوهانکي به ضرورت آهي.

    هميشه ڪو مقصد ڪا منزل ذهن ۾ رکو! خوشي تڏهن ملندي آهي جڏهن اوهين ڪنهن منزل ڏانهن ويندي ڪا ڪاميابي ماڻيندا آهيو، منزل جي طرف وڌڻ سان خوشي آهي ان کان ڀڄڻ ۾ بزدلي ۽ بيماري هوندي آهي. منزلون هزار صرف هلڻ جي دير هوندي آهي.

    ياد رکو! خوشي هميشه رهڻ واري شئي ناهي، ڪجهه ماڻهون سوچيندا آهن ته هو خوش ناهي ته ان جو مقصد ڪٿي ڪا شئي غلط آهي ... پر ياد رکو ته ان غلطيءَ مان خوشي ڳولهڻ سولي آهي، صرف غلطيءَ کي غلطيءَ تسليم ڪري انجو سڌارو ڪجي ته خوشي واپس اچي ويندي آهي. غمن مان خوشي حاصل ڪرڻ به بهادري آهي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: خوشيون حاصل ڪريو

    سائين نثار لک مهربانيون

    هميشه وانگر هڪ لاجواب ونڊ ڪري اوهان خوش ڪري ڇڏيو۔ اسانجي خوش ٿيڻ تي ضرور اوهان کي به خوشي ملي هوندي۔ تنهنڪري هن قسم جا ليک ضرور ونڊ ڪندا رهو۔ سڀ ڳالهيون سٺيون ۽ عمل ڪرڻ سان ضرور خوشين جا خزانه ملندا۔

    رب پاڪ اوهان کي خوش رکي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔آمين
     
  3. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: خوشيون حاصل ڪريو

    مهرباني، خوبصورت شيئرنگ!
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: خوشيون حاصل ڪريو

    سائين تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: خوشيون حاصل ڪريو

    ٻيون ڳالهيون ته سڀ سون۔۔۔ پر هي ڳالهه لکن جي ڪئي اٿوَ۔۔۔
    هن معاملي مان انتهائي ڪمزور آهيان۔۔۔ الائي ڇو ڪاڏي ٻاهر نڪري گهمڻ مون کان ٿئي نه۔۔۔ پر تازو جڏهن موڪل تي ڳوٺ هيم ته شام جو ننڍڙن سان گڏجي ڳوٺ کان ٻاهران ۔۔فصلن ڏي نڪري وڃڻ جو پنهنجو مزو هيو وري۔۔۔ ڪمند جي موسم ۽ ان جي رس کي ڏندن سان ڀڪوڙي کائڻ جهڙي پيئڻ جو به پنهنجو مزو آهي ۔۔ پر سڀ کان اهم پنهنجن کي وقت ڏيڻ ۽ پنهنجن سان وقت ونڊڻ سو به کِل کِل ۽ مذاق مذاق ۾ ۔۔۔۔۔۔ ”اصل خوشي جهڙو هو“۔۔
    بهترين ليک ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لکندا رهو سائين۔۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: خوشيون حاصل ڪريو

    هميشه جيان لاجوان ونڊ آهي

    سائين توهان جي ليک جي هاڻي ڪهڙي تعريف ڪجي

    تمام جاندار ليک اهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: خوشيون حاصل ڪريو

    سائين منهنجا ڏهپ واريون ڳالهيون ڪري هن اوطاق جي ڀاتين لاء زندگي جي موئنجهارن کي صحيحي طريقي سان منهن ڏيڻ جو رستو ٻڌائڻ تي توهان تمام گهڻي مبارڪن جا حقدار آهيو ۔الله پاڪ توهان کي ان ڏات سان نوا زيو آهي ته جنهن موضوع تي به لکڻ چاهيندا آهيو ته ان ٽاپڪ جي تمام گهرائي ۾ وڃي اهڙا ته قلم جا رنگ وکريندا آهيو جو اهو ليک لاجواب ٿي ويندو آهي۔اها هڪ ڏاهي جي خصوصيت ئي آهي۔توهان پنهنجي دل جي ڌڙڪڻ جو وڌي وڃڻ جو ذڪر صحت واري پيج تي حڪيم کتري صاحب جي شوگر واري ليک تي ڪمنٽس ڏيندي ڪيو آهي۔اسان ڊاڪٽر ته نه آهيون جو توهان کي ڪو علاج ٻڌائي سگهون۔ پر الله سائين جي در ته نماڻو عرض رکنداسين ته الله سبحان تعالئ توهان کي صحت ڏئي ۽ توهان جون سڀ بيماريون دور ڪري ۽ هن فورم جي مانواري ڏاهي کي نظربد کان بچائي۔آمين۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: خوشيون حاصل ڪريو

    بهترين نسخا آهن سائين مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو