ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالقيوم سڪندري طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2011۔

  1. عبدالقيوم سڪندري

    عبدالقيوم سڪندري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2011
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ننگرپارڪر
    اڀاڳــــــــــي جو اڄ ، لالـــڻ لــــــــڏي ويو

    حافظ عبدالقيوم مهر

    سوجهاڪي جو چانهه کان اڳ موبائل تي حافظ محمد يوسف ڀنڀري جو نياپو آيوته سنڌي ادب جو امام ، جڳ مشهور اسڪالر محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اسان کان موڪلائي ويو، اکين مان بي اختيار ڳوڙها جاري ٿي ويا ، دل ڏاڍي اداس ٿي وئي ، خليفي سائين نبي بخش لغاري جو هي بيت ذهن تي تري آيو.
    اڄ اوٺــــــــــــارين لڏيو ، صــــبح سنبهه تون
    اڄ هي لاهـــــــــــــــج آسرو ، مادر مٿان مون
    جا ڀؤ ڀوارين لڏيو ، سو ڏيهه ڏورڻ آئيـــو.
    هئه هئه بلوچ. سنڌ صدين تائين توکي ساريندي ، تنهنجي وڇوڙي سڄي سنڌ کي سوڳوار بنائي ڇڏيو . اکين ۾ ڳوڙها ، دليون درد سان ڀرپور ، سڄي سنڌ اڄ علم و ادب جي ميدان ۾ يتيم ٿي وئي،هڪڙو نبي بخش لغاري جنهن ڪيڏارو لکيو ، ان کانپوءِ سنڌ هڪ سؤ ستٽيهه سال انتظار ڪيو ، جنهن کان پوءِ ٻيو نبي بخش پيدا ٿيو، وري نئين نبي بخش لاءِ ڪيترو انتظار ڪرڻو پوندو؟ صديون ، ها ها ، صديون ، پر وري اهڙو بلوچ ڪٿان ايندو.

    موت ڪنهن کي به مهلت نٿو ڏئي ، هر ڪنهن کي هي جهان ڇڏڻو آهي ، پر ڪي ڪي ماڻهو جڏهن موڪلاڻي ڪندا آهن ته موت کي ميارون ملنديون آهن ، سنڌ جي علم و ادب جو هي روشن ستارو الهي ضرور ويو آهي ، پر صدين تائين پنهنجا نقش ڇڏي ويو آهي ، علم و ادب جي ميدان ۾ هزارين سال سندن قدمن جي آهٽ ٻڌندي رهندي ، انهن ئي گسن ۽ پيچرن تان هلي علم وادب جا مينار اڏبا.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب جيڪو ڪنهن تعارف نه پر لفظ ۽ تعارف سندن محتاج هئا ، هئه هئه بلوچ صاحب 94 سالن جي عمر ۾ به واندو ’نه ويٺو ، سندن پوڙها هٿ ڏڪيا ضرور پر رڪيا نه ، معمول جي ڪمن سان گڌ ڊگها سفر ڪري ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ، مهمانن سان ملاقاتون ، مقدما ، تقريظون لکڻ ، ايستائين جو سڀني خطن کي نه صرف پڙهڻ ، پر انهن جو جواب پڻ ڏيڻ .
    ان عظيم انسان جي اعلى اخلاق جو مساهدو هنن گنهگار اکين پسيو ، 1998 ڌاري درگاه شريف جي لائبريري ۾ ڪتابن جي منتقلي وارن ڏينهن ۾ بلوچ صاحب آيل هئا ، خوش قسمتي سان آئون به ڪتابن جي خدمت ۾ هوس ، بلوچ صاحب اڳين جي نماز پڙهي ، مونکي حڪم ڏنو ته بهشي کوه جو پاڻي ڀري اچان، مونکي اها خبر نه هئي ته اهو ڪٿي آهي ، بهرحال فقيرن کان پڇي پاڻي ڀري اچي پيش ڪيم ، سائين ڀرسان ويهاري انتهائي شفيقانه انداز ۾ پڇيو ته ڪير جوان اهين ، عرض ڪيم سائين مهر فقير ننگرپارڪر جي ڳوٺ سوندر جو رهواسي آهيان ڇيائون 1987 ڌاري حاجي محمد خان مهر جي دعوت تي تنهنجي ڳوٺ آيو هئس ، پوءِ پڇيائون ڇا ٿو پڙهين ، عرض ڪيم فارسي ، پاڻ فارسي جي ڪريما وارو بيت ٻڌي معنى پچي پوءِ دعائن سان پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيائون ڀلي ننگرپار جو ماڻهوفارسي ٿو پڙهي . 16_ 17 سالن جي ان عمر ۾ بلوچ صاحب جي اها ملاقات اڄ تائين مونکان نه وسري سگهي آئي ، سندن ان شفقت منهنجي دل ۾ سندن محبت جون ميخون هڻي ڇڏيون.
    ٻيو ڀيرو جڏهن پنهنجي ڪتاب ” سونهن ڀريو سوندر “ تي سندن راءِ لکرائڻ لا۽ حاضر ٿيس ته پاڻ اهو ڪتاب وٺي ٻئي ڏينهن ٻه وڳي جو ٽائيم ڏنو ، دوستن پابند ڪيو ته وقت جي معاملي ۾ ڊاڪٽر صاحب کرو ماڻهو آهي ، خير ٻئي ڏينهن اولڊ ڪئمپس ۾ سندن گهر جي گهنٽي وڄايم ته پاڻ اندر گهرايو، ڪرسي تي ويهاري ،حال احوال وٺي ، پوءِ پنو ڏنائون ته پڙه، جيڪا ڳالهه سمجه ۾ نه اچي اها مون کان پڇ، ان ڏينهن بلوچ صاحب کي انتهائي ويجهي کان ڏٺم.
    امام العارفين حضرت پير سائين روضي ڌڻي قدس سره جن جي ملفوظات شريف مان فقهي مسائل گڏ ڪري ، ڪتاب ڇپرائڻ بعد کين جڏهن پوسٽ ڪيم ته هفتي کان پوءِ سندن حوصله افزائي وارو خط آيو .
    ڊاڪٽر صاحب جيڏو وڌو محقق ، اديب ۽ مورخ هو ، اهڙو ئي وڏو انسان هو ، الله تعالي منجهس علم ۽ ادب جي بيڪراني سميت تواضع ۽ انڪساري به ڪمال درجي جي رکي هئي ، ان درجي تي پهچڻ بعد ايڏي نهٺائي گهٽ ۾ گهٽ مون ته ڪانه ڏٺي آهي .
    دل وري به چوي پئي ته خليفي سائين جي بيت سان درد کي اوتي ڇڏجي .


    پٽيان ڪٽيان پار کڻان لٿي ســتر لڄ
    وجهان وارن وچ ۾ ، سندا ڇائي ڇڄ
    اڀاڳــــــــــي جو اڄ ، لالـــڻ لــــــــڏي ويو
     
  2. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

    علم جو باب بند ٿي ويو،
    ادب جو خواب بند ٿي ويو،
    ڪندي هئي ناز جنهن تي سنڌ
    سو اڄ ڪتاب بند ٿي ويو
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

    [justify]مهرباني ادا مهر صاحب تمام پياريون يادون آهن، محترم ڊاڪٽر صاحب جن جا پيارا لفظ (ڪير جوان آهين؟ ۽ بلي ) وغيره ڄڻ ته سندن تڪيو ڪلام هوندا هئا، هي شخصيت ساري ڄمار ڪانه وسرندي، ۽ سندن ڪم تا قيامت جاودان رهندو۔[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو