[size="4"]قيامت ۾ الله تعالى جي عرش جي ڇانو ڪنهن کي نصيب ٿيندي؟؟ [size="6[color="sienna"]"] عبدالعظيم نهڙيو سيدنا ابوهريره کان روايت آهي ته رسول ﷺ جن فرمايو ست اهڙا خوشنصيب انسان آهن جن کي الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن پنهنجي عرش جو پاڇو نصيب ڪندو. 1[font="al_mushaf"]-اِمَامٌ عَادْلٌ [/font] انصاف ڪرڻ وارو بادشاه، 2[font="al_mushaf"]- وَشَابٌّ نَشَاَ فِي عِبَادَةِ اللهِ:[/font] ) اهو نوجوان جيڪو پنهنجي جواني الله جي عبادت ۾ گذاري. 3[font="al_mushaf"]- وَرَجُلٌ قَلْبُهُ مُعَلَّقٌ فِي الْمَسَاجِدِ: [/font] اهو انسان جنهن جي دل الله جي گهر يعني مسجد سان اٽڪيل هجي. 4[font="al_mushaf"]- وَرَجُلاَنِ تَحَابَّا فِي اللهِ اجْتَمَعَا عَلَيْهِ وَتَفَرَّقَا عَلَيْهِ: [/font] اهي ٻه ماڻهو جيڪي محبت به الله ڪارڻ ڪن ۽ بغض به الله ڪارڻ ڪن. 5[font="al_mushaf"]- وَرَجُلٌ دَعَتْهُ امْرَأَةٌ ذَاتُ مَنْصِبٍ وَجَمَالٍ فَقَالَ اِنِّي اَخَافُ اللهَ:[/font] اهو انسان جنهن کي ڪا خوبصورت ۽ مالدار عورت برائي جو چوي پوءِ اهو چوي ته آئون الله کان ڊڄان ٿو. 6[font="al_mushaf"]- وَرَجُلٌ تَصَدَّقَ بِصَدَقَةٍ فَاَخْفَاهَا حَتّٰي لاَ تَعْلَمَ شِمَالُهُ مَا تُنْفِقُ يَمِينُهُ: [/font] اهو ماڻهو جيڪو سڄي هٿ سان خيرات ڪري جو انهي جي کٻي هٿ کي به خبر نه پوي. 7[font="al_mushaf"]- وَرَجُلٌ ذَکَرَ اللهَ خَالِيًا فَفَاضَتْ عَيْنَاهُ: [/font] اهو ماڻهو الله کي ياد ڪري ۽ ان جي اکين مان لڙڪ ڪرن. اهي ست ئي ماڻهو قيامت ۾ الله تعاليٰ جي عرش جي سايه هيٺ هوندا. اها حديث موطا، مالڪ، نسائي، ترمذي ۽ امام بخاري انهي حديث کي چئن جڳهين تي آندو آهي. کتاب الصلوا، کتاب الزکوه، کتاب الحدود، کتاب الرقاق. اڄ اسان ڏسون ته جيڪي اسان جا حڪمران آهن اهي انصاف وارا آهن يا ظالم يا بي انصاف آهن. منهنجي عقل مطابق انهن ۾ انصاف جي خوشبوءِ به ناهي . ڇا اهي جيڪو پاڻ پائين ٿا اهو عوام کي پهرائين ٿا؟ توهان جو جواب ضرور نه ۾ هوندو. معنيٰ ته بي انصاف آهن. پر انصاف ڪرڻ وارن جو الله تعاليٰ وٽ مرتبو ڇا آهي. کوليو صحيح مسلم. فرمان نبوي آهي: [font="al_mushaf"]اِنَّ الْمُقْسِطِينَ عِنْدَ اللهِ عَلَى مَنَابِرَ مِنْ نُورٍ عَنْ يَمِينِ الرَّحْمٰنِ[/font] بيشڪ انصاف ڪرڻ وارا الله وٽ سندس سڄي پاسي نور جي ممبرن تي هوندا. الله تعاليٰ پنهنجي آخري رسول ﷺ کي اهو حڪم فرمايو ته [font="al_mushaf"]وَاِنْ حَکَمْتَ فَاحْکُمْ بَيْنَهُمْ بِالْقِسْطِ اِنَّ اللهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِيۡنَ (سوره المائده:42)[/font] اي محمد (ﷺ ) جيڪڏهن (يهودين جو فيصلو) ڪرين ته به انصاف سان ڪندو ڪر بيشڪ الله انصاف ڪندڙ کي پسند ڪندو آهي. فرمان نبوي آهي ته [font="al_mushaf"]اَلاَ کُلُّـــکُمْ رَاعٍ ، وَکُلُّـکُمْ مَسْئُولٌ عَنْ رَعِيَّتِهٖ (صحيح بخاري)[/font] خبردار! توهان مان هرهڪ نگران آهي هر نگران کان سندس رعيت بابت سوال ڪيو ويندو. بادشاه کان سندس رعيت بابت سوال ڪيو ويندو. ڇا اڄ جيڪي اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل اميرالمومنين آهن؟ ماشاءَلله ڪڏهن اولهندي طرف آٿڙڪي به ڪو نه ڪريا آهن جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته اسان مسلمان آهيون. مسلمان جي معنيٰ اسلام تي هلڻ وارو ۽ رسول ﷺ جي سنت تي عمل ڪرڻ وارو. حڪومت ڀلي سيدنا عمر فاروق ڪري جنهن جو تاريخي قول آهي: رحم الله من اهدي اليٰ عيوبي. يعني رحم ڪري الله تعاليٰ انهي ماڻهو تي جيڪو مون کي منهنجي عيبن جو تحفو ڏي. يعني مون کي منهنجون ڪمزورين ۽ غلطين کان آگاه ڪري. (تاريخ الخلفاءِ 130) انهن حڪمرانن رعيت کي به سچ چوڻ جو حق ڏنو هو. هڪ دفعي خطبو ڏيندي سيدنا عمر فرمايو:[font="al_mushaf"] ياايها الناس لاتغالوا في مهور النساءِ. [/font]اي ماڻهو عورتن کي حق مهر گهٽ ڏيندا ڪريو. ايتري ۾ هڪ عورت چوي ٿي ته مهلًا يا عمر. اي عمر! رڪجي وڃ، تون ڪير ٿيندو آهين منع ڪرڻ وارو. الله تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو آهي [font="al_mushaf"]وَاٰتَيْتُمْ اِحْدَاهُنَّ قِنْطَارًا (النساء : 20) [/font]توهان خزانن جا ڍير ڏيئي سگهو ٿا. تڏهن عمر اسان جي حڪمرانن وانگر ڪاوڙيو ڪو نه پر چيائين: امراة اصابت و رجل اخطئا. عورت سچ چيو آهي مون کان غلطي ٿي آهي. اهي هئا مومن حڪمران جن رعيت سان انصاف ڪيو هو ۽ سادگي سان زندگي گذاريائون. عمر ڪيئن زندگي بسر ڪئي هئي. احنف بن قيس جو بيان آهي ته مون سيدنا عمر کي انهي وقت ۾ ڏٺو جڏهن پاڻ اميرالمومنين هئا پر سندن جبي ۾ ٻارنهن چتيون لڳل هيون. (ڪنزالعمال) اڄ جي حڪمرانن جي جبن ۾ توهان ڳڻي ڏسو ته گهڻيون چتيون لڳل آهن. اهي ته صبح جو هڪ وڳو ۽ شام جو ٻيو وڳو پائيندا آهن. اي اقتدار جي ڪرسي تي ويهي رعيت سان بي انصافي ڪرڻ وارو! ذرا سيدنا عمر فاروق جي زندگي تي نظر ڊوڙائي ڏسو جيڪو گرمي ۾ اُٺن جي مالش پنهنجي هٿن سان ڪندو هو ماڻهو چوندا هئا ته سائين توهان تڪليف نه ڪريو ڪنهن غلام کي حڪم ڪريو. تڏهن فاروق اعظم فرمائيندو هو: اي اعبد عبد مني. ڇا مون کان مٿي به ڪو غلام آهي؟ (مناقب عمر بن الخطاب لابن جوزي ص: 71) سيدنا عمر پنهنجي ننڊ ڦٽائي عوام جي سارسنڀال ڪندو هو. اڄ جي حڪمرانن عوام جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. غريبن، مسڪينن جون عزتون محفوظ نه آهن. ڇا اهڙن کان قيامت ۾ پڇا ڪو نه ٿيندي؟ انهي ڏينهن رحمان انصاف سان فيصلو ڪندو. [font="al_mushaf"]فَمَنْ يَعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَرَهُ (7) وَمَنْ يَعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (8) (الزلزال )[/font] انهي ڏينهن هر انسان ذري جيتري چڱائي ۽ برائي ڪئي هوندي ان کي ڏسندو انهي ڏينهن الامام العادل الله تعاليٰ جي عرش جي ڇانوَ هيٺ هوندو ۽ ٻيو نمبر اهو انسان جيڪو قيامت ۾ الله تعاليٰ جي عرش جي پاڇي هيٺ هوندو اهو آهي[font="al_mushaf"] وَشَابٌّ نَشَاَ فِي عِبَادَةِ رَبِّهٖ ا[/font]هو نوجوان جيڪو پنهنجي جواني الله جي عبادت ۾ گذاري. [font="al_mushaf"]فرمان نبوي آهي: لاَ تَـزُوۡلُ قَدَمَا عَبْدٍ يَوْمَ الْقِيَامَةِ حَتَّي يُسْاَلَ عَنْ عُمْرِهٖ فِيْمَا اَفْنَاهُ وَعَنْ عِلْمِهٖ فِيْمَا فَعَلَ وَعَنْ مَالِهٖ مِنْ اَيْنَ اکْتَسَبَهُ وَفِيْمَا اَنْفَقَهُ وَعَنْ جِسْمِهٖ فِيْمَا اَبْلَاهُ (ترمذي)[/font] نبي ڪريم ﷺجن فرمايو ٻانهي جا قدم قيامت ۾ اڳتي وڌي ڪو نه سگهندا تان جو ان کان چئن ڳالهين جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو. سندس عمر جي باري ۾ ته ڪٿي ختم ڪئي، الله جي عبادت ۾ يا الله جي نافرماني ۾، سندس علم جي باري ۾ ، سندس مال جي باري ۾ ته ڪٿان ڪمايئي ۽ ڪٿي خرچ ڪيئي، سندس جسم جي باري ۾ ته ڪٿي ضايع ڪئي. اهي سڀ الله تعاليٰ جون نعمتون آهن انهن جي باري قيامت ۾ سوال ڪيو ويندو. [font="al_mushaf"]ثُمَّ لَتُسْاَ لُنَّ يَوْمَئِذٍ عَنِ النَّعِيْمِ (التڪاثر)[/font] يعني توهان کان ضرور هر نعمت جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو. جيئن رسول ﷺ جن فرمايو [font="al_mushaf"]اغتنم خمسا قبل خمس : شبابڪ قبل هرمڪ و صحتڪ قبل سقمڪ و غناك قبل فقرك و فراغڪ قبل شغلڪ و حياتڪ قبل موتڪ (الحاکم)[/font] يعني پنجن نعمتن کي پنجن آفتن کان پهرين غنيمت سمجهو. جواني کي پيريءَ کان اڳ، تندرستي کي بيماري کان اڳ، مالداري کي فقيري کان اڳ، واندڪائي کي مشغولي کان اڳ، زندگي کي موت کان اڳ غنيمت ڄاڻ. وري ٻي جڳهه تي امام الاعظم رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو [font="al_mushaf"]نِعْمَتَانِ مَغْبُونٌ فِيهِمَا کَثِيرٌ مِنَ النَّاسِ ، الصِّحَّةُ وَالْفَرَاغُ (البخاري)[/font] يعني الله تعاليٰ جون ٻه نعمتون اهڙيون آهن جن جو ماڻهو قدر ڪو نه ڪندا آهن. هڪ واندڪائي ۽ ٻيو چڱڀلائي. منهنجا ڀائرو! انهي انسان جو الله تعاليٰ وٽ ڪيترو مرتبو آهي جيڪو پنهنجي پوري زندگي الله جي عبادت ۾ گذاري، دنيا ۾ طعنا مهڻا به سهي رسول پاڪ ﷺ جي سنت تي عمل ڪري انهي کي قيامت ۾ الله تعاليٰ جو قرب حاصل ٿيندو ۽ نبي پاڪ ﷺ جي ويجهڙائي نصيب ٿيندي. فرمان نبوي آهي ته: من احب سنتي فقد احبني ومن احبني کان معي في الجنة. يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان ڄڻ مون سان محبت ڪئي جيڪو مون سان محبت ڪندو اهو قيامت ۾ مون سان گڏ جنت ۾ هوندو. پر اڄ جو نوجوان پنهنجي زندگي الله جي نافرمانين ۾ گذاري رهيو آهي. مسجدن کي غيرآباد ڪري قبرن ۽ قبن کي آباد ڪري رهيو آهي. نبي ﷺ جن فرمايو: [font="al_mushaf"]من بني لله مسجدا بني الله له بيتا في الجنة[/font] اهو ماڻهو جيڪو دنيا ۾ مسجد بڻائي ٿو الله تعاليٰ انهن لاءِ جنت جي اندر گهر بنائيندو. [font="al_mushaf"]اَحَبُّ الْبِلاَدِ اِلَي اللهِ مَسَاجِدُهَا وَاَبْغَضُ الْبِلاَدِ اِلَي اللهِ اَسْوَاقُهَا (صحيح مسلم)[/font] الله تعاليٰ کي زياده محبوب جڳهه مسجدون آهن ۽ بري ۾ بري جڳهه بازار آهي. دوستو! مسجد سان دل انهي ماڻهو جي اٽڪيل هوندي جيڪو نمازي هوندو. بي نمازي کي مسجد سان پيار نه هوندو آهي. قيامت ۾ سڀ کان پهرين نماز جي باري ۾ سوال ٿيندو. پاڻ سڳورن فرمايو ته: [font="al_mushaf"]اول ما يحاسب به العبد يوم القيٰمة الصلوٰة فان صلحت صلح سائر عمله و ان فسدت فسدت سائر عمله (طبراني)[/font] قيامت ۾ سڀ کان پهرين نماز جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو (طبراني) پوءِ جيڪڏهن نماز صحيح هوندي ته انهي جا سڀ عمل صحيح آهن جيڪڏهن نماز صحيح نه آهي ته انهي جا سڀ عمل فاسد آهن. جنتي انسان جهنمين کان سوال ڪندا مَا سَلَــکَــکُمْ فِي سَقَرَ توهان باهه ۾ ڇو سڙي رهيا آهيو؟ جواب ڏيندا[font="al_mushaf"] قَالُوْا لَمْ نَڪُ مِنَ الْمُصَلِّيْنَ [/font] اسين نماز ڪو نه پڙهندا هئاسين. منهنجا ڀائرو! جيڪو سرديءَ ۾ رات جي اونداهي ۾ سهڻي نموني سان وضو ڪري مسجد ڏانهن جيڪو به قدم کڻندو آهي الله تعاليٰ انهي قدم جي بدلي نيڪيون لکندو آهي. جيئن معاذ بن جبل کان روايت آهي چيائين ته هڪ دفعي رسول ﷺ جن فجر نماز ۾ دير ڪئي تان جو سج جا ڪنارا ڏسڻ ۾ آيا پوءِ پاڻ سڳورا جلدي آيا ۽ نماز پڙهائي اسان جي سامهون ٿي ويٺا، فرمايائون: منهنجي دير سان اچڻ جو سبب توهان کي ٻڌايان ٿو. [font="al_mushaf"]اِنِّي قُمْتُ مِنَ اللَّيْلِ فَصَلَّيْتُ مَا قُدِّرَ لِي فَنَعَسْتُ فِي صَلاَتِي حَتّٰي اسْتَيْقَظْتُ فَاِذَا اَنَا بِرَبِّي عَزَّ وَجَلَّ فِي اَحْسَنِ صُورَةٍ فَقَالَ يَا مُحَمَّدُ اَتَدْرِي فِيمَ يَخْتَصِمُ الْمَلاُ الاَعْلَى قُلْتُ لاَ اَدْرِي يَا رَبِّ.[/font]اهي لفظ ٻه دفعا [font="al_mushaf"]فَرَاَيْتُهُ وَضَعَ کَفَّهُ بَيْنَ کَتِفَيَّ حَتّٰي وَجَدْتُ بَرْدَ اَنَامِلِهِ بَيْنَ صَدْرِي فَتَجَلَّي لِي کُلُّ شَيْءٍ وَعَرَفْتُ فَقَالَ يَا مُحَمَّدُ فِيمَ يَخْتَصِمُ الْمَلاُ الاَعْلَي قُلْتُ فِي الْــکَفَّارَاتِ-[/font] يعني بيشڪ آئون رات جو تهجد نماز لاءِ اٿيس پوءِ سجدي ۾ مون کي ننڊ جو جهوٽو اچي ويو تان جو آئون جاڳيس پوءِ مون پنهنجي رب کي سهڻي صورت ۾ ڏٺو پوءِ الله تعاليٰ مون کي فرمايو: اي محمد (ﷺ ) ڇا تون ڄاڻي ٿو ته وڏا مقرب فرشتا ڪهڙين ڳالهين جي باري ۾ جهڳڙو ڪري رهيا آهن. مون چيو آئون نه ٿو ڄاڻان. پوءِ الله تعاليٰ پنهنجو هٿ منهنجي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ رکيو تان جو سندس هٿ جي ٿڌاڻ مون پنهنجي سيني ۾ محسوس ڪئي. پوءِ پاڻ سڳورن فرمايو منهنجي لاءِ هر شيءِ ظاهر ٿي ويئي ۽ مون سڃاتو پوءِ الله تعاليٰ فرمايو: هاڻي اي محمد (ﷺ)! ٻڌاءِ ته وڏا فرشتا ڪهڙين ڳالهين جي باري ۾ تڪرار ڪري رهيا هئا؟ مون چيو ڪفرات ۽ درجات جي باري. قال [font="al_mushaf"]وما الکفارات.[/font] الله فرمايو ڪفارات ڇا آهن؟ الله جي رسول ﷺ فرمايو جماعت ڏانهن قدم کڻڻ ۽ مسجد ۾ ويهڻ ۽ سرديءَ جي وقت تي سهڻي نموني وضو ڪرڻ اهي ڪفارات آهن. ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته مسجد سان دل لڳائڻ وارو انسان قيامت ۾ الله تعاليٰ جي عرش جي سايه هيٺ هوندو انهي حديث جي اندر مسجد ۾ ويهڻ ۽ نماز جو انتظار ڪرڻ جي باري ۾ ذڪر ڪيو آهي جيڪا مون مختصر توهان جي سامهون بيان ڪئي آهي. اها حديث احمد، ترمذي ۾ آهي. امام ترمذي امام بخاري کان انهي حديث جي باري ۾ پڇيو، امام بخاري فرمايو اها حسن صحيح آهي. مسلمانو! اسان کي گهرجي ته مسجد سان دل لڳايون ڇو ته مسجد سان دل لڳائڻ وارو قيامت جي ڏينهن الله جي عرش جي پاڇي هيٺ هوندو. چوٿون نمبر اهي ٻه ماڻهو ورجلان تحابا في الله اجتمعا عليه وتفرقا عليه يعني اهي ٻه ماڻهو جيڪي پاڻ ۾ ملن الله ڪارڻ. مطلب محبت به الله ڪارڻ ڪن ٿا صرف انهي محبت خاطر پاڻ ۾ ملن ۽ جدا ٿين ٿا. جيئن معاذ بن جبل کان روايت آهي [font="al_mushaf"]قَالَ اللهُ عَزَّ وَجَلَّ الْمُتَحَابُّونَ فِي جَلاَلِي لَهُمْ مَنَابِرُ مِنْ نُورٍ يَغْبِطُهُمُ النَّبِيُّونَ وَالشُّهَدَاءُ (الترمذي)[/font] قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ فرمائيندو جيڪي مون ڪارڻ محبت ڪندڙ آهن انهن لاءِ نور جا ممبر آهن جنهن کي ڏسي نبي ۽ شهيد به رشڪ ڪندا ۽ مومن صرف پاڻ ۾ الله ڪارڻ محبت ڪندا آهن ڇو ته محبت کان سواءِ [font="al_mushaf"]ايمان مڪمل نه آهي. جيئن سيدناابوهريره کان رويت آهي ته نبي ﷺ جن فرمايو وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ لاَ تَدْخُلُوا الْجَنَّةَ حَتَّيٰ تُؤۡمِنُوْا وَلاَ تُؤۡمِنُوْا حَتَّيٰ تَحَابُّوا اَفَلاَ اَدُلُّـکُمْ عَلَي اَمْرٍ اِذَا فَعَلْتُمُوهُ تَحَابَبۡتُمْ اَفْشُوا السَّلاَمَ بَيْنَــکُمْ (مسلم)[/font] ”مون کي قسم آهي انهي ذات جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي توهان جنت ۾ داخل نه ٿيندا جيستائين توهان ايمان نه آڻيندا. توهان جو ايمان انهي وقت تائين مڪمل ٿي نه ٿو سگهي جيستائين توهان پاڻ ۾ محبت نه ڪندا. توهان کي اهڙي شيءِ جو ڏس نه ڏيان جو توهان پاڻ ۾ محبت ڪريو، اها هي جو سلام کي عام ڪريو.“ انهيءَ مان معلوم ٿيو ته محبت صرف الله تعاليٰ جي رضا خاطر هجي. جيئن معاذ بن جبل کان روايت آهي چيائين مون رسول ﷺ جن کان فرمائيندي ٻڌو ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته منهنجي محبت واجب ٿي وئي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي صرف منهنجي خاطر پاڻ ۾ محبت ڪن ٿا ۽ جدا ٿين ٿا ۽ منهنجي رضا خاطر هڪ ٻئي تي خرچ ڪن ٿا. (مشڪوات شريف) هڪ ٻي حديث ۾ رسول ﷺ جن فرمايو: [font="al_mushaf"]اَنَّ رَجُلاً زَارَ اَخًا لَهُ فِي قَرْيَةٍ اُخْرَي فَاَرْصَدَ اللهُ لَهُ عَلَي مَدْرَجَتِهِ مَلَکًا فَلَمَّا اَتَي عَلَيْهِ قَالَ اَيْنَ تُرِيدُ قَالَ اُرِيدُ اَخًا لِي فِي هَذِهِ الْقَرْيَةِ. قَالَ هَلْ لڪَ عَلَيْهِ مِنْ نِعْمَةٍ تَرُبُّهَا قَالَ لاَ غَيْرَ اَنِّي اَحْبَبْتُهُ فِي اللهِ عَزَّ وَجَلَّ. قَالَ فَاِنِّي رَسُولُ اللهِ إِلَيْڪَ بِاَنَّ اللهَ قَدْ اَحَبَّڪَ کَمَا اَحْبَبْتَهُ فِيهِ وقد اوجب لک الجنة». (مسلم) [/font] هڪ شخص پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته الله تعاليٰ ان ڏانهن فرشتو موڪليو، فرشتي پڇيو ته تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟ چيائين پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. فرشتي چيو ان سان تنهنجو ڪم آهي؟ چيائين ڪو به ڪم نه آهي. فرشتي چيو تنهنجي ان سان مائيٽي آهي يا ڪو انهيءَ جو احسان آهي؟ چيائين انهيءَ جو ڪو به احسان نه آهي، منهنجي صرف الله ڪارڻ ان سان محبت آهي، ان ڪري ساڻس ملڻ وڃي رهيو آهيان. فرشتي چيو مون کي الله تعاليٰ موڪليو آهي ته تو کي اطلاع ڏيان ته الله تعاليٰ تو سان محبت ڪري ٿو تو صرف الله ڪارڻ انهيءَ سان محبت ڪئي آهي، تنهنجي لاءِ الله تعاليٰ جنت واجب ڪري ڇڏي آهي.“ جيڪڏهن اسان به پاڻ ۾ الله ڪارڻ محبت رکنداسون ته انشاءَالله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن سندس عرش جو سايو نصيب ٿيندو. پنجون اهو ماڻهو وَرَجُلٌ طَلَبَتْهُ امْرَاَةٌ ذَاتُ مَنْصِبٍ وَجَمَالٍ”اهو ماڻهو جنهن کي ڪا مالدار ۽ خوبصورت عورت برائي ڏانهن سڏي پوءِ اهو چوي ته الله کان ڊڄان ٿو.“ اڄ اسان جي دلين مان الله تعاليٰ جو خوف نڪري چڪو آهي. الله جي نافرماني ڪندي اسان کي ڪو به ڊپ ڪو نه ٿيندو آهي. الله تعاليٰ فرمايو: [font="al_mushaf"]يَا اَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اتَّــقُوا اللهَ حَقَّ تُـقَاتِهٖ وَلَا تَمُوتُنَّ اِلَّا وَاَ نْتُمْ مُسْلِمُوْنَ (آل عمران :102)[/font] ”اي ايمان وارو! الله کان ڊڄو ۽ نه مرو مگر مسلمان ٿي ڪري.“ الله فرمايو ته مسلمان ٿي مرو پر نافرمان ٿي نه مرو. اڄ اسان سرعام الله جون حدون اورانگهي رهيا آهيون پر جنهن جي دل ۾ رب العالمين جو خوف هوندو آهي اهو براين کان بچندو آهي. منهنجا ڀائرو! الله تعاليٰ جو خوف پنهنجي دل ۾ ڌاريو، جهڙو خوف انهي انسان جي دل ۾ آهي جنهن کي خوبصورت عورت برائي ڏانهن سڏي پر هو چوي آئون الله کان ڊڄان ٿو، اهڙو انسان قيامت ۾ الله تعاليٰ جي عرش جي پاڇي هيٺ هوندو. ڇهون اهو ماڻهو[font="al_mushaf"] وَرَجُلٌ تَصَدَّ قَ اَخْفَي حَتَّي لاَ تَعْلَمَ شِمَالُهٗ مَا تُنْفِقُ يَمِينُهٗ [/font]اهو ماڻهو جيڪو پنهنجي سڄي هٿ سان الله تعاليٰ جي راهه ۾ خرچ ڪري جو انهي جي کاٻي هٿ کي به خبر نه پوي. صرف الله تعاليٰ جي رضا خاطر خرچ ڪري جنهن ۾ رياءَ نه هجي. الله تعاليٰ جو اهو حڪم آهي ته: [font="al_mushaf"]وَمَا اُمِرُوا اِلَّا لِيَعْبُدُوا اللهَ مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّيْنَ (البينة: 5)[/font] انهن کي اهو ئي حڪم ڏنو ويو آهي ته الله تعاليٰ جي عبادت ڪن خالص ڪندي انهي جي لاءِ دين کي يعني [font="al_mushaf"]خالص نيت سان الله جي راهه ۾ خرچ ڪري. جيئن الله تعاليٰ فرمايو وَاَنْفِقُوا مِنْ مَا رَزَقْنَاکُمْ مِنْ قَبْلِ اَنْ يَاْتِيَ اَحَدَکُمُ الْمَوْتُ فَيَقُوْلَ رَبِّ لَوْلَا اَخَّرْتَنِي اِلَي اَجَلٍ قَرِيبٍ فَاَصَّدَّ قَ وَاَ کُنْ مِنَ الصَّالِحِيۡنَ (المنافقون:10)[/font] ۽ خرچ ڪريو جيڪي اسان توهان کي رزق ڏنو آهي انهيءَ کان اڳ جو توهان مان ڪنهن کي موت اچي پوءِ چوي اي منهنجا رب جيڪڏهن مون کي مهلت ڏين ته تنهنجي راهه ۾ خرچ به ڪندس ۽ تنهنجي نيڪ ٻانهن مان ٿيندس. رسول الله ﷺ جن فرمايو: [font="al_mushaf"]اتَّــقُوا النَّارَ وَلَوْ بِشِقِّ تَمْرَةٍ (صحيح بخاري)[/font] کجور جو ٽڪرو به ڏئي باهه کان بچو. [font="al_mushaf"]هڪ ٻي حديث ۾ پاڻ سڳورن فرمايو مَا مِنْ يَوْمٍ يُصْبِحُ الْعِبَادُ فِيهِ اِلاَّ مَلَکَانِ يَنْزِلاَنِ فَيَقُولُ اَحَدُهُمَا اللَّهُمَّ اَعْطِ مُنْفِقًا خَلَفًا ، وَيَقُولُ الآخَرُ اللَّهُمَّ اَعْطِ مُمْسِکًا تَلَفًا (البخاري)[/font] ٻانها جڏهن صبح ڪندا آهن الله جي طرفان ٻه فرشتا نازل ٿين ٿا هڪڙو چوي ٿو الله خرچ ڪرڻ واري کي بدلو ڏي، ٻيو چوي ٿو ته اي الله ڪنجوسي ڪرڻ واري کي برباد ڪر. ڀائرو! جيڪو ماڻهو الله جي ڏنل مال مان انهي جو حق ادا ڪري ٿو ان لاءِ ڪاميابي آهي ۽ جيڪو نه ٿو حق ادا ڪري ان لاءِ ويل آهي. جيئن فرمان باري تعاليٰ آهي: [font="al_mushaf"]وَالَّذِينَ يَکْنِزُونَ الذَّهَبَ وَالْفِضَّةَ وَلَا يُنْفِقُونَهَا فِي سَبِيلِ اللهِ فَبَشِّرْهُمْ بِعَذَابٍ اَلِيمٍ (التوبة:34)[/font] ۽ اهي ماڻهو جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ٿا ڪن ۽ الله جي رستي ۾ خرچ نه ٿا ڪن انهن کي نبي (ﷺ ) دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏي. ته پوءِ دنيا جي ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ وارا دنيا ۾ عياشيون ڪرڻ وارا فضول خرچي ڪرڻ وارا برائي جون محفلون لڳائڻ وارا ڇڏي ڏي انهن ڪمن کي الله جي ڏنل ملڪيت مان انهيءَ جي رضا خاطر سڄي هٿ سان خرچ ڪر جو کٻي هٿ کي خبر نه پوي اهڙي انسان کي الله تعاليٰ قيامت ۾ پنهنجي عرش جو سايو نصيب ڪندو. ستون اهو ماڻهو[font="al_mushaf"] وَرَجُلٌ ذَکَرَ اللهَ خَالِيًا فَفَاضَتْ عَيْنَاهُ [/font]اهو ماڻهو جيڪو اڪيلائي ۾ الله کي ياد ڪري پوءِ انهي جي اکين مان لڙڪ ڪري پون، اهڙن ماڻهن جي الله تعاليٰ تعريف ڪئي آهي. [font="al_mushaf"]اِنَّمَا الْمُؤۡمِنُونَ الَّذِينَ اِذَا ذُکِرَ اللهُ وَجِلَتْ قُلُوبُهُمْ وَاِذَا تُلِيَتْ عَلَيْهِمْ آيَاتُهٗ زَادَتْهُمْ اِيۡمَانًا (الانفال :2)[/font] بيشڪ مومن اهي آهن جڏهن الله جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ته انهن جون دليون ڏڪي وينديون آهن ۽ جڏهن انهن تي الله جون آيتون تلاوت ڪيون وينديون آهن تڏهن انهن جو ايمان وڌي ويندو آهي. ٻي جڳهه تي فرمايائين: [font="al_mushaf"]وَلِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِ جَنَّتَانِ (الرحمٰن :36)[/font] ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي رب جي سامهون بيهڻ کان ڊنو انهي لاءِ ٻه باغ آهن. جيئن رسول ﷺ جن فرمايو: [font="al_mushaf"]اذا اقشعر جلد العبد من خشية الله تحافت عنه ذنوبه ڪما يتحافت عن الشجرة اليابسة ورقها. (بيهقي)[/font] جڏهن ٻانهي جو بدن الله جي خوف کان ڏڪي وڃي ته انهي جا گناهه ايئن ڇڻي وڃن ٿا جيئن سڪل وڻ مان پن ڇڻي ويندا آهن. اهڙي طرح حديث قدسي ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو: [font="al_mushaf"]اَخْرِجُوا مِنَ النَّارِ مَنْ ذَکَرَنِي يَوْمًا اَوْ خَافَنِي فِي مَقَامٍ (ترمذي)[/font] قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ فرمائيندو منهنجي انهيءَ ٻانهي کي باهه مان ڪڍو جنهن مون کي ڪنهن ڏينهن ياد ڪيو يا ڪنهن ڏينهن مون کان ڊنو. اهڙي طرح سنن ابن ماجه ۾ ابن مسعود کان روايت آهي [font="al_mushaf"]مَا مِنْ عَبْدٍ مُؤْمِنٍ يَخْرُجُ مِنْ عَيْنَيْهِ دُمُوعٌ وَإِنْ کَانَ مِثْلَ رَاْسِ الذُّبَابِ مِنْ خَشْيَةِ اللهِ ثُمَّ تُصِيبُ شَيْئًا مِنْ حُرِّ وَجْهِهِ - إِلاَّ حَرَّمَهُ اللهُ عَلَي النَّارِ .[/font] جڏهن مومن ٻانهي جي اکين مان لڙڪ الله جي خوف جي ڪري نڪرن جيتوڻيڪ مک جي مٿي برابر هجن ۽ سندس چهري تان هيٺ ڪرن الله تعاليٰ انهي لاءِ باهه کي حرام ڪيو آهي. منهنجا ڀائرو! اسان کي گهرجي ته پنهنجي گناهن تي روئي الله کان معافي گهرون. جيئن سيدنا عقبه نجات جي باري ۾ نبي ڪريم ﷺ جن کان سوال ڪيو. پاڻ سڳورن فرمايو پنهنجي زبان کي قابو ۾ رک تنهنجو گهر تنهنجي لاءِ ڪافي آهي ۽ پنهنجي گناهن تي رُوءُ، دنيا ۾ الله تعاليٰ جي خوف کان روئڻ واري اک تي الله تعاليٰ جهنم جي باهه حرام ڪئي آهي ۽ دنيا ۾ الله جي خوف کان روئڻ وارو انسان قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ جي عرش جي پاڇي هيٺ هوندو. دوستو! اهي هئا ست ماڻهو جن جو ذڪر مختصر توهان جي سامهون ڪيو جيڪي قيامت ۾ رب العالمين جي عرش جي ڇانوَ هيٺ هوندا. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته رب تعاليٰ اسان گنهگارن کي سندس عرش جو ڇانوَ نصيب ڪري. آمين[/SIZE]سنڌ اسلام ڊاڪ ڪام جي ٿورن سان ) [/color][/size]
جواب: قيامت ۾ الله تعالى جي عرش جي ڇانو ڪنهن کي نصيب ٿيندي؟؟ ادا نهڙيو صاحب، جزاڪ الله، منهنجي خيال ۾ هي ونڊ حديث سيڪشن جو آهي۔
جواب: قيامت ۾ الله تعالى جي عرش جي ڇانو ڪنهن کي نصيب ٿيندي؟؟ سائين جزاڪ الله۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تم،ام بهترين ونڊڪيو اٿو