يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
گهر شماري شروع ٿي چڪي آهي گهرن مٿان ساوا رنگ هڻي سرڪاري ملازم پنهنجي جان آجي ڪرائي رهيا آهن پر اسان سڀني جي جان ان ۾ ڦاٿل آهي سو اسان سڀني کي هن سڄي معاملي جي آخر تائين خاموش ويهڻ نه گهرجي، گهر شماري جي پهرين ڏينهن ئي بيشمار شڪايتون آيون ته 8 کان 10 گهرن تي مشتمل هڪ ڪوٽ يا ويڙهي کي هڪ ئي گهر ڪري لکيو ويو آهي۔ سنڌي محبتي ماڻهو آهن ۽هتي اڃان تائين گڏيل خانداني سسٽم رائج آهي پر ان جو اهو مطلب ناهي ته گڏيل خاندان هروڀرو هڪ گهر آهي سنڌ جي سڀني سڄاڻ شخصيتن کي منهنجي گذارش آهي ته مهرباني ڪري گهر شماري ڪرڻ وارن سان گڏجي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو پاڙو پاڻ لکرائيندا وڃو، ڇوته ڪيترن ئي علائقن ۾ عملو غير مقامي آهي ۽ ان کي اهڙن مسئلن جي خبر ناهي جڏهن ته گهر ۾ به جيڪر ڪو پڙهيو لکيو ناهي ته پو اهڙا مسئلا گهڻا ٿيندا آهن ان لا مهرباني ڪري هر ڪو پنهنجي پنهنجي پاڙي جي ذميواري کڻي۔
ياد رکجو!
هر نڪاح الڳ گهر لکرائڻو آهي۔
هر نڪاح الڳ گهر لکرائڻو آهي۔