ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
هڪ يادگار ڳالهه ٻولهه ( علامه ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان )
انالله وانا اليه راجعون۔۔۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو مان جڏهن صبح اٿيس ۽ پنهنجي پسند جو فورم سنڌ سلامت کوليم ته مون کي فورم تي پهرين خبر هي ملي ته سنڌي ادب جو امام ناميارو تاريخدان محقق ماهر لسانيات شارح لطيف جڳ مشهور اسڪالر علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو. انالله وانا اليه راجعون۔۔۔ ۽ ان خبر اندر جهوري وڌو مگر انسان بيوس آهي انهيء ذات جي اڳيان جنهن جي وس ۾ هن پوري دنيا جو نظام آهي، دوستو هن فاني دنيا مان هر ڪنهن کي راهه رباني وٺڻي آهي، هي دنيا ته آهي ئي فاني، بقاء جو مقام ته آخرت آهي،بس ان لاء هر وقت هر ڪنهن کي تيار رهڻو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ ڌرتي جي ڪک مان هزارين اهڙا سپوت ۽ انمول انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مٿان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ناز ڪيو آهي، ۽ سنڌ ڌرتي کي جنهن به محبت ڪري پنهنجو ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي ان کي هڪ نه وسرندڙ سڃاڻپ ڏني آهي، انهن شخصيتن مان سنڌ جي مهان شخصيت علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب به هڪ هئا، ادا ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو سچا عاشق هئا، ، ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن کي دنيا ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ هميشه ياد رکيون وينديون۔ڊاڪٽر بلوچ صاحب علامه دائودپوٽه ۽ علامه آء آء قاضي صاحب کانپوء هن دور جا تمام وڏا عالم ۽ اديب هئا، سندس خال ڀرجڻ مشڪل آهي، اهڙا عالم ۽ انسان صدين کانپوء ئي پيدا ٿيندا آهن، افسوس جو ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات جي خواهش دل ۾ ئي رهجي وئي ۽ مان ملاقات جو شرف حاصل ڪري نه سگهيس، بس ادا بقول شيخ اياز صاحب ته ۔۔۔ ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا، تون اڃان پيو جيئين هئي ڙي جيئڙا۔۔ ڪجهه ڏينهن پهرين ئي مون ڊاڪٽر صاحب تي هڪ تفصيلي مضمون۔۔ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۔ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو، ۽ ان کان علاوه گذريل رات ئي منهنجي ۽ دوست طاهر سنڌي صاحب جي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شخصيت تي ڳالهائي رهيا هئاسين۔، بس ادا ڏک ته تمام گهڻو ٿيو آهي، ۽ اهو به اهڙو جهڙو ڪنهن پنهنجي ويجهي عزيز جو ٿيندو آهي مگر ادا اڄ نه ته سڀاڻي هلڻو ته سڀ ڪنهن کي، ڪو به هت ناهي رهڻو، ۔۔۔ ادا دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون درگذر ڪري کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري۔ سنڌ سلامت جا دوستو هت محترم جناب سائين علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب رح جو هڪ يادگار ٽي وي انٽرويو ونڊ ڪجي ٿو، اميد ته اسان جاسنڌ سلامت جا ساٿي هن انٽرويو مان پڻ لاڀ حاصل ڪندا۔سنڌي ادب جو امام ناميارو تاريخدان محقق ماهر لسانيات شارح لطيف جڳ مشهور اسڪالر علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو. انالله وانا اليه راجعون