• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻوڏ متاثرن جي گهر شماري ۽ آدمشماري لاءِ ڌار ڌار فارم ڀريا ويندا

ٻوڏ متاثرن جي گهر شماري ۽ آدمشماري لاءِ ڌار ڌار فارم ڀريا ويندا

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي مختلف سياسي ڌرين، قومپرست تنظيمن ۽ عوامي نمائندن پاران ٻوڏ متاثرن جي ڳڻپ کي يقيني بڻائڻ واري مطالبي کي مڃتا ڏيڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جيڪي ٻوڏ متاثرن ڪئمپن ۽ سرڪاري عمارتن توڙي ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل آهن، تن کي گهر شماري توڙي آدمشماري ۾ شامل ڪيو ويندو، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي پاپوليشن سينسز آرگنائيزيشن سکر ريجن جي آفيس جي هڪ عملدار خان محمد ٿيٻو اهڙي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪوششن کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته گهر شماري واري فارم ون سان گڏ ٻوڏ متاثرن جيڪي ڪئمپن يا ٻين عمارتن ۽ هنڌن تي ترسيل آهن تن جا آءِ ڊي پي فارم ڀري انهن کي گهر شماري ۽ آدم شماري ۾ شامل ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته ڪئمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن جي هر خاندان کي هڪ گهر نمبر الاٽ ڪيو ويندو ۽ انهن جو آءِ ڊي پي فارم پڻ ڀريو ويندو ۽ اهو فارم گهر شماري واري رجسٽر سان گڏ جمع ڪيو ويندو ته جيئن آدم شماري واري مرحلي ۾ سندن خاندانن جي ڀاتين جي ڳڻپ کي يقيني بڻائي سگهجي.
 
جواب: ٻوڏ متاثرن جي گهر شماري ۽ آدمشماري لاءِ ڌار ڌار فارم ڀريا ويندا

ادا رسول بخش مهرباني آگاه ڪرڻ جي
 
Back
Top