• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

Introduction

Muhammad Saleem Gachal

سينيئر رڪن
تمام سنڌ سلامت جا ميمبرو السلام عليڪم
مون جو نالو محمد سليم ڳچل آهي مان نئون ديرو شهر ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو سان واسطو رکان ٿو مان ايم بي اي شاه عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪري چڪو آهيان
مسٽر محمد سليمان وساڻ مون جو سينيئر آهي ۽ ان ئي مون کي سنڌ سلامت فورم بابت آگاهي ڏني آهي تقريبان اسان 9 سالن کان پو۽ مليا آهيون جڏهن مان ويب سائيٽ جو وزٽ ڪيس جن به دوستن ويب سائيٽ ٺاهي آهي مون کي انهن تي فخر محسوس ٿيو ۽ الله کين آباد ڪري .
هن وقت آءُ ڪراچي ۾ رهان ٿو گذريل 10 سالن کان ۽ او جي ڊي سي ايل ۾ نوڪري ڪري رهيو آهيان
 
جواب: Introduction

ادا محمد سليم ڳچل اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اسان کي خوشي ٿئي ته توهان جهڙو علمي دوست اڄ اسان سان گڏ آهي ۽ اسان محمد سليمان وساڻ صاحب جن جا پڻ‌ٿورائتا آهيون جن اوهان کي سنڌ سلامت فورم بابت اگاهي ڏني

ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو

سدائين گڏ
 
جواب: Introduction

محمد سليم ڳچل
نئون ديرو شهر
ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو

سنڌ جي ڏاهن انسانن جي جنم ڀومي لاڙڪاڻي ساه سباڻي جي دوست سليم کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔

سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔

سنڌ جو هر نوجوان، سنڌ جو هر انسان سنڌ سلامت جو دوست به آهي ته رڪن به آهي بيشڪ هو اڃان سنڌ سلامت تي آيو به نه هجي ۔۔۔ ڇاڪاڻ سنڌ سلامت آهي ئي سنڌين جي اوطاق، سنڌ سلامت ٺاهي ئي وئي آهي سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار لاءِ ۔۔۔ سنڌ سلامت آهي ئي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جا رنگ ظاهر ڪرڻ لاءِ انڪري جڏهن به ڪو سنڌي دوست هن اوطاق تي ڪهي ايندو آهي ته اسانجي سگهه ۾ اّضافو ٿي ويندو آهي ۔۔۔

سائين محترم گچل صاحب، اميد ته اوهان هن اوطاق تي ايندا رهندا ڪجهه اسانجون ٻڌندا ۽ ڪجه پنهنجيون ٻڌائيندا اميد ته ائين ميلا مچندا ۽ سنڌيت جي پرچار ۾ آساني ٿيندي ۔۔۔

زندگيءَ جون سڀ بهارون ماڻيون ۽ هميشه آباد رهو ۔۔۔

اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر دل جي تهن مان ڀليڪار ٿي چئجي اوهانکي ۔۔۔ سليمان وساڻ جا قرب جو اهڙا سهڻا ساٿي ڳولهي اوطاق جي رونقن ۾ واڌارو ڪندو رهي ٿو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: Introduction

Dear Phulphoto Faqir and Nisar Abro Sahib,
Thanks for warm welcome on Sindh Salamat. Inshallah we all members of sindh salamat will share some knowledgeable things / topics with each other. This is vey good plateform where all sindhi peoples are in touch with each other. Hope that this coneection will be continue till the life goes on . Once again thanks to Mr.Phulphoto Faqir and Nisar Abro Sahib.
 
جواب: Introduction

ادا محمد سليم اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا
اوهانجي لکڻين جو اوسيئڙو رهندو
سدائين گڏ
 
جواب: Introduction

ادا گچيل سدائين گچيل هوندي سليمان کي به گچائيندي.
ڀُلو نه ادا
محبت ۽ شادي ۾

اوهان کي اڱڻ تي ڀليڪار
ادي سليمان جا به ٿورا
 
جواب: Introduction

ادا محمد سليم گچل اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي اڱڻ تي ڀليڪار۔

سنڌ سلامت جي سهڻي فورم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي ٿي۔ دوستو سليم شاه لطيف يونيورسٽي ۾ ايم بي اي جي پهرين سال ۾ آيو هو ته مان ان وقت فائنل ۾ هيس۔ تمام سهڻو، با اخلاق ۽ محنتي دوست آهي پر زماني جي گردش ۾ ۽ يونورسٽيء کان ٻاهر نڪرڻ کانپوء ساڻس ملاقات ڪانه ٿي۔ ٻه ڏينهن اڳ هو گئس بل جي سلسلي ۾ هيڊ آفيس آيو ۽ ائين ئي ڳالهين ۾ زونل مينيجر وٽ منهنجي ڳالھ نڪتي هن دوست پڇيس ته ڪهڙو وساڻ آهي ۽ پوء اتان مون کي فون ڪيائين ۽ منهنجي آفيس آيو۔ ان وقت مون وٽ ڪمپيوٽر تي سنڌ سلامت کليل هئي۔ دوست سان گهڻي ڪچهري به ٿي ۽ سنڌ سلامت جو ذڪر به نڪتو۔ سليم کي شاباس آهي جو واپس وڃڻ شرط وڃي سنڌ سلامت جو ميمبر ٿيو ۽ لکڻ به شروع ڪيائين۔ جيتوڻيڪ پاڻ سنڌي لکڻ جي شروعات ڪونه ڪئي اٿن پر وقت سان گڏ سڀ سکي ويندا۔ يقينن اوهان جو فورم تي اچڻ اسان لاء گهڻي خوشي ۽ فخر جو باعث آهي۔ اميد ته اوهان پنهنجي شيئرنگ سان هن اوطاق کي چار چنڊ لڳائيندا۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته اوهان جو ساٿ سلامت رهندو

5cxhdd.jpg
 
جواب: Introduction

محترم سليم صاحب توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔
فورم جي پسنديدگي لاءِ مهرباني۔۔۔ اميد ته پنهنجي حاضري کي يقيني بڻائيندي پنهنجي علم کان سمورن دوستن کي پڻ فيضياب ڪندا۔۔۔ هتي ايندڙ ڪيترائي دوست پهريان سنڌي لکڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا هيا پر آهستي آهستي انهن سنڌي لکڻ شروع ڪيو ۽ هاڻي سنڌي لکڻ ۾ ڪافي فعال آهن۔۔۔ اميد ته توهان به ڪوشش جاري رکندا۔۔۔ ڪنهن ڏکيائي اچڻ جي صورت ۾ سوال پڇڻ کان نه ڪيٻائيندا۔۔۔
 
جواب: Introduction

Dear Wassan Sahib,
Really i feel difficulty in sindhi typing, therfore i write in English, But Inshallah i will improve in sindhi writting with the help of such sweet sindh salamt forum. I hope that all members inculding u will not mind it. Once again thanks on warm welcome on sindhsalamt.
 
Back
Top